جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Showing posts with label Sindhi سنڌي مواد. Show all posts

Saturday, 7 June 2014

موئن جو دڙو تي ٺهندڙ باليووڊ فلم

هندستان فلم انڊسٽري ۾ هاليووڊ سان مقابلو ڪندڙ
 شايد اڪيلو وڏو مُلڪ آهي ۽ بالي ووڊ وارا ڪافي ترقي ڪري چُڪا آهن.
تازو هنن پنهنجي سؤ ساله تاريخ به ملهائي آهي. ڪُجهه ڊائريڪٽر ۽ ائڪٽر ته بلڪل تاريخ بڻجي پيا. توڙي جو ورهاڱي کان اڳ هتان جي ماڻهن به انهيءَ ۾ حِصو ورتو ٿي ۽ پهرين سنڌي فلم ايڪتا ماتلي جي هڪ ثقافت پسند زميندار رئيس ڪريم بخش نطاماڻي ٺاهي پر ورهاڱي کان پوءِ اسان وارو پاسو انهيءَ ڪم ۾ پوئتي رهجي ويو ۽ هو اڳتي وڌندا ويا ايستائين جو هُنن تاريخي واقعن ۽ ماڳن تي ٺهندڙ فلمن ۾ خوب نڀايو. گُذريل وقت جي ماڳن ۽ ماڻهن کي انهيءَ انداز سان ڏيکارڻ جو بلڪل هو بهو اهو ماحول لڳي اهو ڪمالِ فن وٽن آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن اسان وٽ موئن جي دڙي جي لتاڙ ۾ ڄٽ ته ڄٽ پر پڙهيا لکيا ۽ وس وارا به پيا پاڻ ملهائن ته انهيءَ عظيم ورثي کي ڀيٽا ۽ انهيءَ دؤر جي عڪاسي به اڄ هندستان جي هڪ ڊائريڪٽر پنهنجي ذِمي کنئي آهي جيڪو اڳ به اهڙين فلمن ٺاهڻ ۾ مشهور آهي. انهيءَ ڊائريڪٽر جو نالو آهي آشوتوش گواريڪر جيڪو هن کان لگان ۽ جوڌا اڪبر جهڙيون مقبول فلمون ٺاهي چُڪو آهي. آشتوش جي ڪاميابي پُٺيان سندس جدوجهد ڀري زندگي ٿي ڏِسجي جيڪا مسلسل محنت جو ٻيو نالو ٿي ڏسجي. پاڻ اداڪاري به ڪيائين ۽ حيرت انگيز طور تي هڪ غير مقبول سيريز سرڪس (1989 دؤر جو ڊرامو) اڄ جي باليووڊ ڪنگ خان شاهه رُخ سان گڏجي ڪم ڪيو هُئائين. توڙي جو اهو ڊارمو ته ڪو خاص نه هليو پر هي ٻئي اڄ فن ۾ ڪمال تي پُهتل آهن. پر اها ٻي ڳالهه آهي ته رومانس جي آئڪون شاهه رُخ ڪيترن ئي قِسمن جا رول ڪيا جيڪي ڪامياب ويا ۽ هن جون فقط اُهي ئي فلمون ڪامياب ويون جيڪي هن تاريخي تي ٺاهيون مثال طور لگان ۽ جوڌا اڪبر. جڏهن ته شاهه رُخ سان ئي ٺاهيل فلم سوديش به ڪامياب نه ٿي جنهن ۾ توڙي جو هڪ وڏو مقصد ۽ پيغام سمايل هو.


اڳتي پڙهو »

Wednesday, 27 March 2013

جي آر اي GRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟








جيئن ڪيترو به ڄاڻو ڊاڪٽر هُجي پر وقت گذرڻ سان گڏ هو ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽن تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿيندو ٿو وڃي تيئن اسان ڪيڏو به پڙهي لکي ۽ ڪيڏي به وڏي ڊگري وٺي وٺون پر ڪنهن اداري ۾ نوڪري توڙي اڳتي پڙهائي لاءِ هڪ دفعو وري ٽيسٽ جي مرحلي مان گُذرڻو پوي ٿو. اها ٽيسٽ ڪهڙي به نوعيت جي ٿي سگهي ۽ وقت سان گڏ انهي ۾ جدت به ايندي رهي ٿي. اهڙي ئي هڪ ٽيسٽ جو نالو آهي گريجوئيٽ رڪارڊ ايگزَمينيشن(GRE). . . . . جيئن ته نه نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو امتحان صرف گرئجوئيٽس لاءِ آهي پر ايئن ناهي ته انڊر گريجوئيٽ کي فل حال هن جي ڪا به خبر چار نه وٺڻ گهُرجي ۽ جڏهن جا مينهن تڏهن جا پاڻي واري ڪار ڪندي ويهي رهڻ گهرجي. بلڪه انڊر گرئيجوئيٽس کي به هن امتحان بابت مُڪمل ڄاڻ اڳواٽ رکڻ کپي ڇو ته هن امتحان جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اهميت جي ڪري اڳي پوءِ کين انهي کي منهن ڏيڻو ئي آهي ۽ جيڪي گرئيجوئيشن ڪري چُڪا آهن انهن کي ته هن امتحان جي تياري وٺڻ کپي.


اڳتي پڙهو »

Thursday, 7 February 2013

وات جي ڌپ: مسئلو، ڪارڻ ۽ حل




وات مان ايندڙ ناخوشگوار بدبو يا ساهه ۾ ڌپ کي ميڊيڪل زبان ۾ Halitosis  چيو ويندو آهي. هي مسئلو لڳ ڀڳ دنيا جي سڀني ملڪن جي ماڻهن سان آهي. اهو پڙهي شايد اوهان کي حيرت ٿئي ته رڳو آمريڪا جهڙي سُڌريل مُلڪ جا پنجاهه فيصد ماڻهو انهي بيماري جو شڪار آهن ۽ انهن مان به اڌ ته اهڙا آهن جن جي بيماري نه ختم ٿيندڙ درجي تي پُهچي چُڪي آهي. اها هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا آهستي آهستي وڌندي رهي ٿي ۽ جنهن ماڻهو کي هُجي ٿي انهي کي انهي جو احساس کڻي ايترو نه به هُجي پر ساڻس ڪجهه فاصلي تي ويٺل ماڻهو لاءِ اهو مشڪل هوندو آهي ته هُو انهي سان آمهون سامهون ويهي ڳالهائي سگهي. هونئن عام طرح ته ڪُجهه کاڌا به اهڙا آهن جن جي ڪري وات مان هڪ نا گوار قسم جي بدبو اچڻ لڳندي آهي جهڙوڪ؛ بصر، پنير، ٿوم، موري يا سوڊا ۽ نارنگين وغيره جا جوس. پر اهي اُهي سبب آهن جيڪي عارضي طور پنهنجو اثر ڏيکاري ختم ٿي وڃن ٿا. هتي ڪوشش ڪبي ته اُهي سبب ٻڌائجن جيڪي انهي بدبو جو مستقل سبب بڻجي وڃن ٿا. ۽ اُن کان بچڻ ۽ علاج لاءِ ڪُجهه اُپاءُ ٻڌائڻ جي به ڪوشش ڪبي. پر انهي کان پهرين هڪ ننڍو ٽوٽڪو جيڪو اوهان هي موضوع پڙهي پورو ڪرڻ کان پهريان ئي آزمائي اهو معلوم ڪري سگهو ٿا ته اوهان انهي بيماري جو شڪار آهيو يا نه؟
اوهان پنهنجي هٿ جي پُٺي تي زبان جو هيٺيون حصو رکي 5 کان 10 سيڪنڊ جو انتظار ڪريو. تنهن کان پوءِ هٿ زبان تان هٽائي ٽيهه سيڪنڊ تائين انهي کي سُڪڻ ڏيو. هاڻي انهي حصي کي نڪ جي ويجهو آڻيو جيڪڏنهن اوهان کي ٿوري به بدبو محسوس ٿئي ته اوهان کي فوري احتياط وٺڻ جي صلاح آهي.


اڳتي پڙهو »

Tuesday, 5 February 2013

سماجي ڄار (ڪهاڻي)




 انهي ڏينهن مون کي پنهنجي آفيس پاران آڊٽ لاءِ ٻي کاتي جي آفيس ۾ موڪليو ويو هو. هڪ شهر کا ٻي شهر وچ ۾ فاصلو گهٽ هُجڻ ڪري ايئر ٽڪيٽ بجاءِ ڊائيوو جي ٽڪيٽ پڪڙائي وئي هئي. موسم سٺي هجڻ  ۽ رستي جي صحيح هُجڻ ڪري اهو ٻه ڪلاڪ جو پنڌ ڊائيوو ۾ ڪرڻ ۾ ڪا به ڏُک نه هُيم. پاسي ۾ ويٺل نوجوان سفر جي شروع ۾ ئي ڪنن تي هيڊ فون لڳائي ميوزڪ ٻڌڻ شروع ڪئي ۽ ٿوري دير ۾ ٽچ ٽائيپ موبائيل ڪڍي فيس بوڪ کوليو. . . . . . ۽ منهنجي هن مهل تائين جي هن همسفر کي ڪيل پسنديدگي گهٽجي وئي. ڇو ته آئون خوش هئس ته هي نه ڳالهائيندو نه دسٽرب ڪندو ۽ خاموشي سان ميوزڪ ٻڌندو هلندو پر هن اهو ڪم شروع ڪيو جيڪو مون سال اڳ ڇڏي ڏنو هو ۽ منهنجي زندگي لاءِ هڪ بدترين ياد طور محفوظ آهي. . . .ها دوستو آئون فيس بُڪ لاءِ ئي ٿو چوان. . . . .فيس بُڪ جيڪو اڄ منهنجي لاءِ ٻي کي استعمال ڪندي ڏسڻ به چِڙ بڻجي ويو آهي سو ئي هڪ سال اڳ منهنجو جنون هوندو هو، جڏنهن اڃان مون پنهنجو اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ نه ڪيو هو. . . . . جڏنهن منهنجو ڏينهن رات اسٽيٽس اپڊيٽ، دلسچپ پوسٽنگ ۽ چيٽنگ ئي مشغلا هوندا هئا. . . . .مون کان منهنجي اڻ پڙهي زال بيزار هوندي هئي. فيس بُڪ کي پنهنجي پهاڄ چوندي هئي. . . ڪو مون کي ڊسٽرب نه ڪري سو گهر ۾ واءِ فاءِ هڻائي پنهنجي ليپٽاپ تي سُڪون سان ڪم ڪندو هئس. منهنجو جوان پُٽ مون کي ڏِسي انهي ڪم ۾ هِري پيو هو. پر مٿس ڪڙي نظر رکندو هئس ته ڪٿي هو ڪو غلط استعمال ته نه پيو ڪري. . . منهنجي ڇوڪري به اڪثر ضد ڪندي هئي. ڪاوڙجي به پوندي هئي ته اهي شيون مون لاءِ ڇو بند آهن پر کيس سختي منع ٿيل هو ته انٽرنيٽ جو سواءِ پڙهائي جي ٻيو ڪو به استعمال نه ڪنديئين. اهي سڀ سختيون ڪرڻ ۾ آئون ڪامياب هئس پر هڪ ڏينهن آئون عجيب ڪشمڪش ۾ پئجي ويس. . . .  . . . . 


اڳتي پڙهو »

Tuesday, 15 January 2013

علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته به وڃو۔ (لا تعداد اسڪالرشپس جا موقعا)

ساٿيو منهنجي سؤٽ زُبير لغاري جيئن ئي اسڪالرشپ حاصل ڪري پي ايڇ ڊي شروع ڪئي آهي چائنا جي وُهان يونيورسٽي ۾ ته هن پاران مسلسل فون، اي ميل ايندا رهيا آهن ته اسان جي تصور کان وڌيڪ اسڪالرشپس چائنا ۾ موجود آهن پر اهي سڀ نان سنڌي حاصل ڪري رهيا آهن۔ الاءِ ڇو اسان جا سنڌي نوجوان انهي جي ڄاڻ نه ٿا رکن يا دلچسپي گهٽ اٿن۔ هُن جي بار بار اسرار تي سندس پاران موڪليل هڪ لنڪ ۽ تفصيلي طريقيڪار هتي ونڊ ڪجي ٿو۔ هُن ڪافي ٻين دوستن کي به مٿين لنڪ موڪلي ۽ اپلاءِ ڪرڻ جو چيو پر شايد ڪجهه دوست ڳالهه سمجهي نه سگهيا سو هُن سڄو طريقيڪار سنڌي ۾ لکي اسڪين ڪري موڪليو آهي۔ جيڪو جيئن جو تيئن هيٺ ڏِجي ٿو۔ هيٺ ڏنل سمجهاڻي مطابق مٿين لنڪ ۾ ڏنل فارم ۽ گهربل شيون ڀري موڪلڻ لازمي آهن۔

page-1.jpg 


اڳتي پڙهو »

Saturday, 12 January 2013

منهنجي 16 سال اڳ لکيل هڪ تحرير

لکڻ پڙهڻ جو شؤوق ننڍي هوندي کان هو. ٻاراڻي دؤر ۾ هرو ڀرو پيا تخلص به رکبا هئا. هي 16 سال اڳ يعني مئي ،1997  جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي جي ارچڪ مرچڪ کان پوءِ بچيل واحد رسالي گل ڦل ۾ لکندا هئاسين. منهنجي هڪ تحرير کي گل ڦل پاران انعام به به مليو هو. اڄ نيٽ گردي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سائيٽ تي هن لنڪ تي اهو مضمون مليو. هڪ پراڻي ياد تازه ٿي. مضمون ڪجهه هن ريت هو.


نياڻين جي تعليم جي اهميت


نياڻين جي تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي. ۽ انهي طرف هر ڪنهن کي توجه ڏيڻ گهرجي؛ ڇو ته صرف ڇوڪرا ئي پڙهي، اسان جي ملڪ جو نالو روشن نه ڪندا، پر نياڻيون به پڙهي اڳتي هلي ملڪ جي خدمت ڪنديون. اڳئين دور ۾ نياڻين جي تعليم جي ڪابه اهميت نه هئي. ڇوڪرين جا والدين صرف اهو ئي بهانو ٺاهيندا هئا، ته اسان وٽ ڇوڪرين جو پردي ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر هاڻ نياڻين جي تعليم لاءِ سٺا اُپاءُ ورتا ويا آهن. ڪيترائي اسڪول کوليا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي، ته نياڻين جي تعليم جي اهميت تمام اهم آهي

ڪنهن گهر ۾، هڪ عورت پڙهيل هوندي، ته ان جو گهر صحيح اصول ۽ طريقي تي هلندو، پر جنهن گهر ۾ ڪابه عورت پڙهيل نه هوندي، اتي ڪوبه اصول ۽ صحيح طريقو نه هوندو ۽ گهر ۾ فائدي بدران نقصان ٿيندو

ان لاءِ اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ماءُ، پيءُ کي به گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين جي تعليم ڏانهن توجه ڏين ته جيئن، ڇوڪريون به اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪن.

اڳتي پڙهو »

Sunday, 6 January 2013

مهرو ۽ ميرو_ڪهاڻي


”اڙِي هاڻي گهڻئي ٿي ڀاڄي. سياري جو سج لهيو ٿو وڃنئي. اچ ته گاهه جي ڀري کڻائي ۽ هلون گهر.“ ميرو (مير محمد) پنهنجي زال مهرو (مهرالنساء) کي سڏ ڪيو جنهن گاهه وڍيندي وچ ۾ وڃي ڀينڊيون پٽڻ شروع ڪيون هُيون جيڪي هن زميندار کان موڪل وٺي گاهه وارن ٻارن ڀرسان ٻني تي قطار ۾ پوکيو هيون.“ ”ها ها. . .اجهو آئي.”مهرو ٻنهي هٿن سان ڀينڊين کي هلڪي اُڇ ڏيندي وزن جو اندازو ڪيو ۽ پريان کان وڏي رڙ ڪندي جواب ڏنائين. واپس اچي گڏ آندل ننڍي بوڇڻ ۾ ڀينڊين کي ٻڌي پاسي تي رکيائين. آس پاس پيل گاهه جي سٿلين کي گڏ ڪري هڪ ڀري ٺاهي ٻڌڻ ۾ ميرو جي مدد ڪيائين. آخر ۾ ٻئي ڏانٽا گاهه جي مٿين پسي ٽُنبي ڀري کڻائي کڻي ميرو جي مٿي تي رکيائين. پاڻ پنهنجو رئو کڻي مٿو ۽ اڳ ڍڪي ڀينڊين جي ڳٺڙي کڻي ميرو جي پويان پويان هلڻ لڳي.
سندن ڳوٺ پنهجي زميندار جي ٻنين کان اولهه پاسي هو جتان سياري جو جلدي لهي ويندڙ سِج انهي ڏينهن لاءِ پنهنجي آخري تجلي ڏيکاري غائب ٿيڻ وارو هو ۽ جنهن کان پوءِ سردي جو زور وڌڻ ۽ ماڻهن جي چهل پهل گهٽ ٿيڻ سياري جو معمول هو.“ ٻُڌ ته. . .“ مهرو ميرو سان مخاطب هئي. ”ٻڌاءِ“ ميرو وراڻيس. ”سج لهي ويو ته ڏينهن لهي ويو نه. . .“ ”هونئن نه ته ڇا شروع ٿيو؟ سج لهندي ڏينهن لهيو وڃي“ ميرو ايئن چيو ڄڻ انهي بي تُڪي سوال تي ناراض هُجي. “ ها ڏينهن ته لهي ويو

. . . . .


اڳتي پڙهو »

Friday, 28 December 2012

مشهور ڪرڪيٽر ۽ ڪمينٽيٽر ٽوني گريگ لاڏاڻو ڪري ويو

 [IMG]

ننڍي هوندي ڪرڪِٽ کيڏبي به هئي ۽ ڏسبي هئي ڀلي اُها پنهنجي ڳوٺ ملڪاڻي ۾ جهڏو_پنگريو وچ ۾ هُجي ۽ ملڪاڻي جو اڪبر يا پپيتو پتافي ڪمينٽري ڪندو هُجي يا وري ڪا انٽرنيشنل مئچ جنهن ۾ مائڪل هولڊنگ، رميز راجه، سنجي منجريڪر يا ٽوني گريگ جي ڪمينٽري هُجي۔ پر هاڻي نه ڪرڪيٽ ڏسڻ جو جُنون رهيو آهي نه کيڏڻ جي فُرصت۔
پر اڄ صبح جڏنهن خبر پئي ته مشهور ٽيسٽ ڪرڪيٽر، انگلينڊ جي ڪئپٽن ۽ ڪمينٽيٽر ٽوني گريگ جو لاڏاڻو ٿي ويو ته انهي مهل ئي چيم ”اڙي ڊسمبر ڇا تون ويندي ويندي به نه ڇڏيندي ڪنهن کي؟“
بهرحال وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي۔ ۽ رضاءِ الاهي جي رضا ۾ راضي رهڻ کپي پر ڪُجهه ماڻهو تاريخ ٿين ٿا تِن جي وڃڻ جو ڏک ٿيندو آهي۔

ٽوني گرين جهن جو پورو نالو انٿوني وليم گريگ هو۔ هي 6 آڪٽوبر 1946ع تي سائوٿ آفريڪا ۾ ۾ ڄائو ۽ اڄ 66 سالن جي عمر ۾ 29 ڊسمبر 2012 ۾ ڦڦڙن جي ڪئنسر سبب سڊني (آسٽريليا) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 6 فوٽ 6 انچ جي هن قداور گوري رائيٽ آرم آفر بريڪ بالر طور پنهنجي ڪيئريئر جي شروعات 8 جون 1972 ۾ ڪئي۔ پر بهتر بئٽنگ سبب هو آل رائونڊر طور پاڻ مڃائڻ ۾ جلد ڪامياب ٿيو۔۽ 1975ع کان 1977ع تائين انگلينڊ جو ڪئپٽن رهيو۔ هي مختلف تنازعات جو به شِڪار رهيو سو هن جو کلاڙي طور ڪيريئر صرف پنج سال ئي هليو۔ ۽ پوءِ هو ڪمينٽيٽر بڻجي ويو۔ ۽ آڪٽوبر 2012 تائين انهي ڪم ۾ رُڌل هو جو اچانڪ کيس ڦڦڙن جي ڪئنسر جي تشخيص ٿي ۽ صرف ٻِن مهينن ۾ هو هي دنيا ڇڏي ويو۔ پوءِ به سندس نڊر طبيعت ۽ خوش مزاجي ڏسو۔ آخري ڏينهن ۾ هڪ انٽرويو ۾ هو پنهنجي بيماري ۽ زندگي جي خطري کي ڪيترو آرام سان بيان ڪري مُسڪرائي رهيو آهي۔



اڳتي پڙهو »

Thursday, 27 December 2012

ڇا اوهان ڪڏنهن تصور ڪيو آهي ته 5000 سال اڳ موئن جو دڙو ڪيئن هوندو؟

ساٿيو موئن جي دڙي کان شايد ڪو سنڌي اڻ واقف هُجي۔ ڇو ته اهو اسان جو اُهو تاريخي وِرثو آهي جنهن اسان جي موجوده وقت جي سڀني قومن ۾ سڀني کان پُراڻي تهذيبِ آفته قوم هُجڻ جي ساک ڏيئي پَت رکي آهي۔ پر ڪڏنهن اوهان تصور ڪيو آهي ته 5000 سالن اڳ اهو شهر ڪيئن هو؟ يقينن نه! ۽ ڪو ڪري به ڪيئن ٿو سگهي جو اڃان ته انهي تي لکيل لَپي ئي ناهي سمجهي وئي۔
پر انڊيا جي هڪ تحقيقدان شاگرد پنهنجي تصور ۾ موئن جو دڙو کي ڪيئن ڏٺو اهو هڪ دلچسپ نمونو آهي۔ هتي اوهان جي پسند خاطر اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو۔


Click Here to see video if invisible below



اڳتي پڙهو »

Tuesday, 25 December 2012

سيٽلائيٽ اميجز جا نوان ۽ حيران ڪندڙ استعمال





چون ٿا ته مٿاهين کان فوٽو وٺڻ جو تصور فوٽوگرافي جي اچڻ کان پوءِ جلد ئي آيو هوجڏنهن 1826ع ۾ پهريون دفعو ڪئميرا ٺهي ۽ فوٽو هٿ سان ٺهڻ بجاءِ ڌنڌلا ئي سهي پر سڌا سنوان محفوظ ٿيڻ لڳا۔ ۽ انهي جي جدت ۽ ارتقا جو هڪ وڏو سلسلو اڄ ٿري ڊي ۽ فور ڊي تي وڃي پُهتو آهي۔ جڏنهن تصويرن کي هڪ پاسي بجاءِ گهڻ رُخو ڏسي سگهجي ٿو پيو. پر مٿاهين تان تصويرون وٺڻ جو تصور 1869ع کان شروع ٿيو جڏنهن پکين يا لغڙن ۾ ننڍي سائيز جا ڪئيميرا ٻڌي مٿي ڇڏيا ويندا هئا۔ انهي وقت جا اميج اڃان به لائبريرين ۾ موجود آهن۔ ڄامشورو ۾ رهندڙ ۽ قائد اعظم يونيورسٽي مان اينٿراپولوجي ۾س ايم ايس ڪندڙ دوست عبدالحق چانگ جو چوڻ آهي ته هو جڏنهن فُل برائيٽ اسڪالرشپ تي آمريڪا ويو پي ايڇ ڊي ڪرڻ ته کيس انڊس ڊيلٽا تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هُن جي وسيع تحقيقي ڪم ۾ هڪ ڪم اهو به هو ته هو ٺهندڙ ڊيمن سان پوڇڙ جي علائقن تي پوندڙ ناڪاري اثرن جو جائزو وٺي بيان ڪري. کيس انهي ڪم لاءِ لنڊن جي لائبريرين ۾ به وڃڻو پيو جتي سنڌ جي سامونڊي پٽي جا انهي دؤر جا مٿاهين کان ورتل اميج ڏسڻ لاءِ مليا جن ۾ سنڌ جا ڪيئي ڳوٺ هاڻي سمنڊ جي ڌوڪي اچڻ کان پوءِ پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺا آهن.


اڳتي پڙهو »

Friday, 7 December 2012

ڪامريڊ جوشيلو سنڌي!



ٽاڪ منجهند هئي. ڄامشوري جي پٿريلي زمين تپي ٽانڊو ٿي وئي هئي. سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي ڪلاسن جو ٽائيم پورو ٿيو هو ۽ جيڪي شاگرد پنهنجي ڪنوينس تي نه آيا هئا يا جيڪي اڳ هلندڙ شٽل ۾ نه نڪتا هئا سي انهي غلطي جي سزا ڀوڳڻ لاءِ کٽارا بسن ۾ گرمي ۾ شل ٿيا ويٺا هئا. هر ڪو پنهنجي ساهه مان بيزار هو ۽ اهو انتظار شدت سان پئي ٿيو ته ڪاش هي پنج ڏهه منٽ هڪ پل ۾ گذرن ته بسون هلن ۽ ڪا هوا لڳي. پر هميشه جيان اهي پنج ڏهه منٽ طويل ٿيندا پئي ويا. نيٺ خدا خدا ڪري بسون چنگهي چنگهي چُرڻ شروع ٿيون. بسن جي اڪثريت انهن مان هئي جن جا سائلينسر ڦاٽل هئا سو هڪ دم شور ٿيڻ لڳو ۽ گڏوگڏ دونهون جنهن ڄامشورو جي صاف آبهوا جي ستيا ناس ٿي ڪئي. انهي باوجود به شاگرد خوش هئا. هڪ اطمينان هو ته اڌ مُني ڪلاڪ ۾ پنهنجي گهر هونداسين. ۽ ٿڪ سبب ماني وڻي يا نه وڻي اها پڪ ناهي پر هڪ سٺي ننڊ ضرور ايندي.  . . . . . . . پر. . . . . . . . . . .!
اچانڪ بسون بيهڻ لڳيون ايئن جيئن واڳ ڇڪڻ سان ٻني کيڙيندڙ ڏاند زوري بيهجي ويندا آهن. ۽ شاگردن جون پهريون ۽ آخري خدشو صحيح ثابت ٿيو. . . . ڌرڻو. . . . . . . . .! ها ڌرڻو. جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي سُڃاڻ ٿي ويوآهي. هتي جيترا ڪلاس هلن ٿا اوترا ڌرڻا ضرور لڳن ٿا. ۽ الاءِ ڪيستائين لڳندا رهندا. ڪجهه ئي دير ۾ شاگرد بسن مان لهندا سينٽرل لائبريري جي اڳيان زيرو پوائنٽ وٽ پهتا جيڪا هميشه جيان ڌرڻي جو مرڪز هئي. سڀ کان پهرين بس جيڪا شاگردياڻين جي هئي تنهن اڳيان درجن کن شهپر وٽي بيٺل ڪامريڊ نعرا به هڻي رهيا هئا ۽ گڏوگڏ سندن ترڇين نظر جو مرڪز بس ۾ ويٺل شاگردياڻيون به هيون جيڪي گرمي جي ڪري پگهر ۾ شل هيون ۽ معصوميت سان بي وسي ۾ هيڏي هوڏي ڏسي رهيون هيون شايد انهي آس ۾ ته جلدي انتطاميه اچي ۽ هنن جا مطالبا ٻڌي ته هتان نڪرجي.

اڳتي پڙهو »

Wednesday, 5 December 2012

الطاف شيخ سان ملاقات ۽ سنگاپور جون پليٽون!

[IMG]

آچر جو ڏينهن هجي ۽ اڳين ڏينهن تي بلڪه رات تي رني ڪوٽ جي قلعي گهمڻ ۽ چوٽين تي چڙهڻ جا ٿڪ هجن ته پاسو ورائڻ به محال هجي. اهڙي ۾ دوست @سليمان وساڻ جي فون آئي ته سائين الطاف شيخ صاحب جن به هتي آيل آهن (جن رٽائرمينٽ کان پوءِ اڄڪلهه اسلامآباد کي گهڻو وقت ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجي ڊفينس واري رهائشگاهه تي گهٽ ئي هوندا آهن) ۽ اڄ ٽائيم به ورتو آهي. ڇا خيال آهي ملي اچجي؟ ڳالهه ته واهه جي هئي. ٿڪاوٽ ته کڻي هئي پر الطاف صاحب سان گڏ چار گهڙيون ويهڻ به ته وڏي ڳالهه هئي. هن کان پهرين الطاف شيخ صاحب سان ڪُل ٻه ملاقاتون هيون. ٻئي دفعا سچل ڳوٺ ۾.
انهي ڏينهن سليمان سان گڏجي وڃي ڊفينس پُهتاسين. الطاف صاحب جن گهر ٻڌائي ڇڏيو هو اسان جي اچڻ لاءِ ۽ پاڻ شايد ڊفينس جي سنڊي بازار ويا هئا. اسان وقت کان پهرين پهتاسين نه ته اهو انتظار به نه ڪرڻو پوي ها. ڇو ته الطاف صاحب جن جي قول فعل ۾ تضاد اڄ تائين ناهي ڏٺو. سو هو جيئن ٻين لاءِ وقت جي پابندي جي توقع رکن ٿا ته پاڻ به انهي تي پورو لهن ٿا. ڪجهه دير جي انتظار بعد پاڻ اچي پُهتا.


اڳتي پڙهو »

Tuesday, 4 December 2012

سچل ڳوٺ، ڪراچي ۾ تعليم تي ليڪچر پروگرام ۽ تعليم جو حال!

ڪلهه شام سليمان وساڻ ميسيج ڪيو ته “اسان روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ هڪ پروگرام ۾ ويٺا آهيون جلدي پهچ.” ڪنهن مصروفيت سبب سچل ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو هجڻ ڪري ۽ ميسيج دير سان پڙهڻ ڪري پروگرام ۾ نه پهتس. اڄ سليمان جي اوطاق تي سُتل عبدالڪريم چانڊيو عرفِ عام چاچا ڪريم چانڊيو کي صبح 12 بجي اٿاريم ۽ ڪلهه جي پروگرام جا احوال وٺڻ شروع ڪيم. اڄ چاچا جا احوال روايتي نه هئا. اڄ چاچا ڪافي ڳالهيون اهڙيون ڪيون. جيڪي هتي ونڊڻ جهڙيون آهن. چاچا ٻڌائڻ لڳو ته “تعليم جي موضوع تي هڪ سياسي پارٽي پاران رٿيل انهي پروگرام ۾ هڪ مقرر موجوده گورنمنٽ جي سينيئر رهنمائن تي تنقيد ڪندي گارگند ڪئي ۽ کين تعليم جي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو.” مون چيو اها ته الاءِ ڇو اڄڪلهه افسوس سان قومپرست پارٽين جي روايت ٿي ويئي آهي ته موضوع ڀلي ڪهڙو به هجي پر ڦِرائي سِرائي تنقيد گورنمنٽ تي ڪبي ۽ اهڙي انداز ۾ جو نه ٻڌندڙن کي وڻي نه وري اها جائز به ليکي وڃي، رهندو سندن پنهنجي احساسِ ڪمتري کي ظاهر ڪري. بهرحال چاچا ڪريم پنهنجو قصو هِن ريت شروع ڪيو

اڳتي پڙهو »

Sunday, 2 December 2012

ٿر ۽ راجستان


[IMG]



هندستان جو راجستان ۽ سنڌ جو ٿر تاريخي طور تي سنڌين جي حڪمرانيءَ ۾ رهيا آهن .... پر موجوده تاريخي ڦير گهير سبب هندستان جو راجستان ۽ سنڌ جو ٿر الڳ الڳ آهن ، هندستان جو راجستان سالانه سياحت جي نسبت ڪروڙين ڊالر ڪمائي ٿو ۽ سموري دنيا مان سياحن کي راجستان اچڻ جي دعوت ڏئي کين تمام سهڻو آڌرڀاءُ ڏئي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ٿيون ...!!!
جي ڳالهه ڪجي سنڌ جي ٿر جي ته، بک، بدحاليءَ سبب مال ۽ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون عام آهن ... غربت ۽ جهالت ايتري جو الامان ... نه ترقي نه ئي ڪنهن سياحتي اداري کي ڪو اهڙو خيال خواب ته ان علائقي جي مالڪي ڪري، ماڻهن ۾ خوشحالي آڻجي ...!!!
ڇا غلاميءَ کي سنڱ هوندا آهن ،،،، جنهن قوم جون سڀ قيمتي شيون ڌارين جي حوالي هجن ۽ جيڪي رهيون کيون بچيون هجن سي به مالڪن جي عدم توجهه جو شڪار هجن ته ان قوم جي ذهني اوسر تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو...!!

 
غلامي زهريلو نانگ آهي جنهنجي ڏنگڻ سان ماڻهو اذيتناڪ موت مرندو آهي

 نثار ابڙو جي تحرير





منهنجو تبصرو؛

هن ڌرتي تي جتي موسمون، پاڻي، هوائون نعمت ٿي مليون آهي اتي ڪافي ڄڳهون به اهڙيون آهن جيڪي ڍنگ سان سياحتي نقطه نظر سان بڻايون وڃن ته اصل هڪ وڏي انڊسٽري ٿي پئي ۽ ناڻي جي آمد جو ذريعو۔ جيئن ڏور اوڀر ايشيا جا ملڪ ڪيو ويٺا آهن۔ جن وٽ چار پنج سؤ سالن کان پراڻي ڪا عمارت ناهي۔ هڪ کان وڌيڪ موسم ناهي۔ زميني بيهڪ صرف هڪ ئي قسم جي۔ پر انهن جيڪي آهي ان کي ئي اهڙو ٺاهيو آهي جو دنيا هُتي مِڙي ٿي۔ افسوس جو هتي هوندي سوندي به بُک پئي واڪا ڪري۔





اڳتي پڙهو »

Saturday, 1 December 2012

هو ۽ آئون ڇا ٿا سوچيون؟

 [IMG]
آئون روز الاءِ ڪيترن ماڻهن سان مِلان ٿو. يا هو مون سان ملن ٿا. ڪن کي ڏسڻ، ڪن سان ڳالهائڻ ۽ ٌ ڪن سان ڪچهريون ٿينديون آهن. هر ماڻهو جي هڪ سوچ جيڪا مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي يا مختلف ۽ دلچسپ هوندي آهي. سا ذهن ۾ ويهجي ويندي آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ سوچڻ ۽ خيالن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو. ڪير ڪير ڇا ڇا ٿو سوچي ۽ ڪهڙا ڪهڙا ارادا ۽ خيال رکي ٿو؟ شايد ڪجهه هيئن.
هو سڀني جو همدرد ۽ سندس تمام ٿورا همدرد آهن. هو سڄو ڏينهن انهي پريشاني ۾ هوندو آهي ته ڪنهن سان ڪهڙو مسئلو آهي. ۽ اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. کڻي مڪمل حل مون وٽ نه هجي ته ڪجهه ڪوشش سان متان ٻي کي آساني ٿي پوي. ٻيو نه ته ڀلا ڪو ڏس ئي ڏيئي ڇڏيانس. ان ڏينهن ڏاڍو توائي ۾ مليو چئي “يار هي اسان جا سنڌ سان درد رکندڙ دوست ڪڏنهن سڌرندا؟” پڇيم “ ڀلا اڄ ئي هنن جي سڌريل هجڻ تي ڪو شڪ ٿيو ٿئي آهي ڇا؟” چوڻ لڳو “يار اهي سنڌ سان عشق ۽ سنڌ سان ظلمن جي دعوي مهل رڳو نعرن جو سهارو ۽ ٻين جي قربانين جي زوري مالڪي ڪندي ڪن ٿا پيا. مڃون ٿا ته اهو هنن جو ذاتي مسئلو آهي پر اهو ڪهڙو طريقو آهي جو سندن سلوگنس ۽ اعلانن جي لکت ۾ اظهار لاءِ هو اسان جي گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ڄڳهن جو منهن ڪارو ڪن؟” مون کان کل نڪري وئي سندس انهي مسئلي تي ايترو سيريس هجڻ تي. ڇو ته اها مصيبت انهن مصيبتن مان هڪ آهي جنهن کي اسان پيٽاري ڇڏيو آهي. اسان اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته اهو سڀ ايئن آهي ۽ انهي خلاف ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.



اڳتي پڙهو »

Tuesday, 20 November 2012

سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!


ڏهاڪو کن ڏينهن ٿيا هوندا جوسنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ پياري دوست گھڻ گهُرئي سليمان وساڻ ٻڌايو ته سچل ڳوٺ واسين جو هڪ قافلو تيار ٿيو آهي سنڌ جي تاريخي قلعي رني ڪوٽ گهُمڻ لاءِ. اهو ٻڌائڻ کان پوءِ سندس ٻيو سوال ته ظاهر آهي “هلـــنديــن؟؟؟” کان سواءِ ڪجهه ٿي ئي نه پئي سگهيو. منهنجو جواب ڪو به نه هو. انهي ڪري نه ته ان ڏينهن ڪا مصروفيت آهي يا وري اهڙو ڪو ٻيو مسئلو. نه وري آئون هڪ عام رواجي سوال “هُتي آهي ڇا؟ ڇا رکيو آهي جو وڃي ڏسجي؟” جي گرفت ۾ هئس. پر الاءِ ڇو آئون ها نه ڪري سگهيو هوس. جيئن جيئن ڏينهن ويجهو اچڻ لڳا ته پروگرام چاڪ آئوٽ ٿيڻ لڳو. شيڊول ٺهڻ لڳا. ڪيئن هلبو ڪٿي هلبو ڪٿي رهبو؟ جا فيصلا ٿيڻ لڳا. پر آئون هڪ نه ٻي ڏينهن سليمان وساڻ جي اوطاق تي وڃي ڪڏهن ساڻس ڪچهري ڪريو اچان ڪڏهن سليمان کي ڏسندي ۽ رشيد سمون سان فون تي ڳالهائيندي وقت ڪٽيو اچان، ته ڪڏنهن انهي اوطاق جي هائيڊ پارڪ ۾ چار خيال اُڇليو ۽ چاليهه رايا جهپيو اچان. پر رني ڪوٽ تي هلندڙ ڳالهين واري پاسي ڪن ڪونه ڏنم. نيٺ باقي هڪ ڏينهن اچي بچيو ته لسٽ فائنل ٿي. انهي لسٽ ۾ الاءِ ڪيترا ميمبر اوچتو اِن ٿيا ته ڪيترا وري ٽاپ آف دي لسٽ آئوٽ ٿيا. پر انهي ان آئوٽ ۾ منهنجو نالو الاءِ ڪيئن آڻي ٻڌايائون ته “اسان پُڇون نه ٿا. اسان ٻڌايون ٿا ته هلندين” سندن انهي حُجت جي جواب ۾ جواب ڏيڻ نه پُهتو ۽ ايئن ڪو ويهن ماڻهن جي قافلي ۾ هڪ آئون به شامل ٿيس. جمعي جو ڏينهن، رحمان ملڪ جي مهرباني سان ڪراچي ۾ موبائيل بند، سو سڄو ڏينهن ڪا خبر ئي نه هئي. مطلب ته اڳين رات جيڪو طئي ٿيو سو آخري هو. انهي وچ ۾ پروگرام ۾ ڪا ترميم اچڻي به هجي ها ته به موبائيل بند هجڻ سبب نه اچي سگهي.


اڳتي پڙهو »

Monday, 16 July 2012

ايئر هوسٽس (ڪهاڻي)

“ويلڪم ٽو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز. وي آر ابائوٽ ٽو فلاءِ فرام لنڊن ايئرپورٽ ٽو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي... ........ . .....” ۽ پوءِ سيٽ بيلٽ ٻڌڻ جي هدايت وغيره وغيره ۽ وري ساڳيو اعلان اردو ۾ به.
هوءَ ڪريو اسٽاف روم ۾ آئيني تي پنهنجو پاڻ کي آخري دفعو ڏسي مطمئن ٿي ساڄي قطار جي ايڪانامي ڪلاس جي مسافرن جي خذمت لاءِ اڳتي وڌڻ لڳي. سندس لاءِ اهو پهريون دفعو نه هو پر گذريل اٺ سالن کان ايئر هوسٽس جي نوڪري ڪندي پئي آئي ۽ پنهنجي هر ڪوليگ جيان انهي ڪم مان بيزار هئي جيڪو عام ڏسڻ وارن لاءِ انتهائي پُرڪشش هوندو آهي ته جهازي اسٽاف پوري دنيا ٿو گهُمي. پر اها خبر هُن کي ۽ هُن جهڙن/جهڙين ٻين کي آهي ته ڪيئن نه 12، 12 ڪلاڪ هڪ ئي نطارو، هڪ ئي آواز ۽ “جي سر آپ ڪيا پينا پسند ڪرين گي؟ سر آپ ڪس وجه سي ان ڪمفرٽيبل هين.” ۽ چاهيندي نه چاهيندي ڪٿي مسڪرائڻو ته ڪٿي چُپ رهڻو. ۽ جڏهن سفر پورو ٿيو ته مسافر ته وڃي مليا پنهنجن سان يا ڪٿي آرامي ٿيا پر ڪلاڪ ڏيڍ رکي وري ساڳيو جهان، ساڳيا سوال ساڳيون ڪاغذي مسڪراهٽون.
هو اڪثر سوچيندي رهي ٿي ته وٽس دنيا جهان جي لاءِ ڪُوڙي ئي سهي پر مُرڪ آهي. دنيا جهان جا ماڻهو ڪڏهن پاڻي گهرن، ڪڏهن سئندوچ جي فرمائش ڪن ته ڪڏهن جوس لاءِ حڪم. ۽ هر ڪنهن کي اهو سڀ مسڪراهٽ سان گڏ پيش ڪرڻو. ته پوءِ هُو ايڏي بي حس ڇو آهي جو 10 سالن کان بيوهه ويٺل ماءُ کي اڪثر ڇڙٻ ڏيئي ٿي وٺي. ڇا هن جي ماءُ سندس ايترو پيار به نه لهڻي جنهن جو مڙس فالج وگهي وقت کان اڳي هي جهان ڇڏي ويو. ۽ وٽس ڇڏي ويو هڪ دماغي اپاهج جواڻ پُٽ ۽ هڪ ڌي. ۽ پاڻ هلڻ کان لاچار جو گوڏن جي جوڙ ۾ ٿيل تڪليف کيس ٻه ٽي قدم هلڻ کان وڌيڪ پنڌ جهڙو ناهي ڇڏيو. ٻنهي ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ وٽس سواءِ هُن جي پينشن جي ڪجهه به نه هو جيڪا کين سرڪاري اداري پاران ملندي هئي جتي نوڪري واسطي ڳوٺ ڇڏي هو ڪراچي آيا هئا. سندن ڳوٺ وارن مائٽن ته اڳي ئي کين ڇڏي ڏنو هو جو هُنن جي نظر ۾ ڪراچي وڃي رهڻ. ڇوڪري کي پڙهائڻ وغيره وڏ ماڻهپي طور ڏٺو پئي ويو. هنن به ساڻن قطع تعلق ڪري هتي ئي عمر گذارڻ جو سوچي ورتو هو. پر جو هُن جي پيءُ جي بي وقتي موت کين ننڌڻڪو ڪيو ته سندس ماءُ بار بار سوچيو ته هاڻي هتي رهڻ ڏکيو ٿيندو پر هڪ ته ڳوٺ جي ماڻهن مان نه آسرو نه اُميد هئس ۽ نه وري ڪنهن مٿين دل سان ئي سهي پر ڪا صلاح هنئي ته ڪٿي اڪيلي ٻارن کي پالي سگهندين اچ اسان وٽ. پر نفسا نفسي احساس ۽ رحمدلي تي حاوي رهي ۽ ڪنهن به وڌي هن جي سار نه لڌي. مرحوم مائٽن جي اڪيلي ڌي جنهن کي نازن سان پالي نپائي پرڻائي پاڻ راههِ رباني وٺي ويا هليا تِن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته سندن ڌي جو مستقبل ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ايئن بي آسره ٿيندو


اڳتي پڙهو »

Thursday, 24 May 2012

ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه!


[IMG]

 
هي ڪتاب جيڪو هاڻ مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهي، پر انهي جي اهميت انهي ڪري آهي ته ملائيشيا ويندڙ اڪثر ماڻهن کي هن ڪتاب جي ضرورت پئي ٿي جو گهڻو ڪري ننڍڙي ٽرپ ۾ ته ڪوالالمپور ۾ ئي رهڻو هجي ٿو،
پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪجو 
!



اڳتي پڙهو »