فيبروري جو مهينو ڪافي حوالن سان سُٺو آهي. هڪ ته اهو احساس ڏياريندو آهي ته هاڻ سال نئون سال ناهي رهيو. مون جهڙا گهڻا ڀولا هاڻي تاريخ لکڻ مهل 2012 بدران 2013 لکڻ تي هٿ هيري ويا هوندا. ٻيو ته هن مهيني جي موسم ڀلي هُجي ٿي. نه گهڻا سيءُ نه گرمي. بلڪه بهار جي آمد هوندي آهي هن مهيني ۾ جڏنهن اهو هلندو هلندو پنهنجي اڌ ڄمار تي پُهچي ٿو. پر ويچاري جي سڀني مهينن کان ننڍي عمر جي پوري اڌ تي پُهچڻ تي هڪ مشهورِ زمانه ڏينهن جي ياد ملهائي وڃي ٿي. جي منهنجو اشارو ويلنٽائن ڊي ڏانهن آهي جيڪو مسٽر ويلنٽائن ڊي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو جنهن جي عشق جو فسانو ڏند ڪٿائن جي آسري ئي سهي پر ايترو عجيب آهي جو هزار مخالفتن ۽ تضادي راين جي باوجود ياد ڪيو وڃي ٿو بلڪه ملهايو به وڃي ٿو. اهي مخالف ڪي ٻيا نه پر اُهي ئي آهن جن وٽ ڪو ٻيو ڪوبه ڪم نه هُجي ته به سوشل نيٽ ورڪ جي سائيٽس تي ويٺا سروي ڪرائيندا, مطلب ٺهي نه جُڙي پر وٺ رينگٽ کي.چون ٿا ته مسٽر ويلنٽائن شادين ڪرائڻ ۾ مشهور هوندي به پنهنجي محبوبه سان شادي نه ڪري سگهيو هو. ۽ کوڙ ٻيون ڏند ڪٿائون به هن نالي سان جُڙيل آهن پر لڳي ٿو شادي نه ڪرڻ ئي سندس مشهوري جو وڏو سبب لڳي ٿي ڇو ته شادي کان پوءِ انهي حوالي سان مشهور ٿيل تمام ٿورا آهن. پر هن همراهه جو ڏينهن نئين سال کان پوءِ ٻيو نمبر وڌيڪ جوش سان ملهايون ويندڙ ڏينهن ٿي چُڪو آهي
Showing posts with label ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد. Show all posts
Friday, 11 April 2014
مختلف قيمت جي ڪرنسي جا سبب ۽ تُرڪي جي ليرا جي ڪهاڻي
دنيا ۾ اوائلي دؤر کان ڪرنسي جو تصور رهيو آهي. ڇو ته اڳوڻن قِصن ڪهاڻين ۾ به اشرفين يا سِڪن جو ذڪر ٻُڌندا ٿا اچون. جديد دؤر ۾ به اها مشق جاري رهي. سڀني مُلڪن ڇا ٿي ڪيو جو سون جي گروي عيوض ماڻهن کي ڪاغذي نوٽ ٿي ڏنا. ايئن انهن نوٽن جي اهميت اُها ئي هئي جيڪا سون يا چاندي جي ٿي پئي سگهي. جنهن مُلڪ ۾ گهڻو ذخيرو انهيءَ وٽ گهڻا پئسا ۽ پئسي جي اهميت پڻ. پر 1971ع ۾ آمريڪا ايترو اڳتي نڪري چُڪو جو هُن اهو سسٽم ختم ڪندي اعلان ڪيو ته اسان جو ڪاغذي نوٽ ئي سون جهڙو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڊالر جو بول بالا آهي. ڀلي کڻي خليج مُلڪن جي ڪرنسي ٻيڻ تي وڃي پُهتي آهي ته به آمريڪا جو ڊالر اڄ به الڳ حيثيت رکي ٿو.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد
Wednesday, 27 March 2013
جي آر اي GRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟

جيئن ڪيترو به ڄاڻو ڊاڪٽر هُجي پر وقت گذرڻ سان گڏ هو ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽن تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿيندو ٿو وڃي تيئن اسان ڪيڏو به پڙهي لکي ۽ ڪيڏي به وڏي ڊگري وٺي وٺون پر ڪنهن اداري ۾ نوڪري توڙي اڳتي پڙهائي لاءِ هڪ دفعو وري ٽيسٽ جي مرحلي مان گُذرڻو پوي ٿو. اها ٽيسٽ ڪهڙي به نوعيت جي ٿي سگهي ۽ وقت سان گڏ انهي ۾ جدت به ايندي رهي ٿي. اهڙي ئي هڪ ٽيسٽ جو نالو آهي گريجوئيٽ رڪارڊ ايگزَمينيشن(GRE). . . . . جيئن ته نه نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو امتحان صرف گرئجوئيٽس لاءِ آهي پر ايئن ناهي ته انڊر گريجوئيٽ کي فل حال هن جي ڪا به خبر چار نه وٺڻ گهُرجي ۽ جڏهن جا مينهن تڏهن جا پاڻي واري ڪار ڪندي ويهي رهڻ گهرجي. بلڪه انڊر گرئيجوئيٽس کي به هن امتحان بابت مُڪمل ڄاڻ اڳواٽ رکڻ کپي ڇو ته هن امتحان جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اهميت جي ڪري اڳي پوءِ کين انهي کي منهن ڏيڻو ئي آهي ۽ جيڪي گرئيجوئيشن ڪري چُڪا آهن انهن کي ته هن امتحان جي تياري وٺڻ کپي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
Sindhi سنڌي مواد,
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد
Wednesday, 20 February 2013
موبائيل فون جي وبا ۾ وڪوڙيل ڇوڪريون
هن مُلڪ ۾ موبائيل فون آئي ته هڪ ڏهاڪي کان مٿي وقت گذري ويو آهي پر موبائيل فون جو عام جام ٿيڻ کي اڃان پورو ڏهاڪو نه ٿيو آهي. شروع ۾ موبائيل فون آيا ته اها وڏن ماڻهن جي شئي ليکي پئي وئي. اڌ اڌ سير جا سروٽي جيڏا فون به وڏي لئي سان تؤنگر شوقين مُڙس ڪنڌ ۾ لٽڪايو پيا گهُمندا هئا يا وري ڪٿي ويهندا ته کڻي ٽيبل تي اڳيان رکندا هئا. فون به مهانگو ته ڪال به به ڪا سستي نه هئي. ايستائين جو فون اچي ته ٻُڌڻ جا به پئسا لڳن. پر هر اليڪٽرانڪ آئٽم جيان موبائيل فونن ۾ به اها روايت قائم رهي جو شئي وڌ کان وڌ کان ننڍي، پائيدار ۽ سستي ٿيڻ لڳي. جيئن وڏي پُٺي وارا ٽي وي پڪچر ٽيوب کان هلي هاڻ ايل اي ڊي اسڪرين تي پُهتا آهن جن جي ويڪر انچ جيتري مس ٿيندي تيئن ڪمپيوٽر به هاڻي وڃي ٽيئبليٽ پي سي جي شڪل اختيار ڪئي آهي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد
Wednesday, 13 February 2013
Valentine Day _ ويلڻ ڏائڻ ڊي
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
Full of Fun ڀوڳ جون ڀريون,
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد
Thursday, 7 February 2013
وات جي ڌپ: مسئلو، ڪارڻ ۽ حل
وات مان ايندڙ ناخوشگوار بدبو يا ساهه ۾ ڌپ کي ميڊيڪل زبان
۾ Halitosis چيو ويندو آهي. هي مسئلو لڳ ڀڳ دنيا جي سڀني
ملڪن جي ماڻهن سان آهي. اهو پڙهي شايد اوهان کي حيرت ٿئي ته رڳو آمريڪا جهڙي
سُڌريل مُلڪ جا پنجاهه فيصد ماڻهو انهي بيماري جو شڪار آهن ۽ انهن مان به اڌ ته
اهڙا آهن جن جي بيماري نه ختم ٿيندڙ درجي تي پُهچي چُڪي آهي. اها هڪ اهڙي بيماري
آهي جيڪا آهستي آهستي وڌندي رهي ٿي ۽ جنهن ماڻهو کي هُجي ٿي انهي کي انهي جو احساس
کڻي ايترو نه به هُجي پر ساڻس ڪجهه فاصلي تي ويٺل ماڻهو لاءِ اهو مشڪل هوندو آهي
ته هُو انهي سان آمهون سامهون ويهي ڳالهائي سگهي. هونئن عام طرح ته ڪُجهه کاڌا به
اهڙا آهن جن جي ڪري وات مان هڪ نا گوار قسم جي بدبو اچڻ لڳندي آهي جهڙوڪ؛ بصر،
پنير، ٿوم، موري يا سوڊا ۽ نارنگين وغيره جا جوس. پر اهي اُهي سبب آهن جيڪي عارضي
طور پنهنجو اثر ڏيکاري ختم ٿي وڃن ٿا. هتي ڪوشش ڪبي ته اُهي سبب ٻڌائجن جيڪي انهي
بدبو جو مستقل سبب بڻجي وڃن ٿا. ۽ اُن کان بچڻ ۽ علاج لاءِ ڪُجهه اُپاءُ ٻڌائڻ جي
به ڪوشش ڪبي. پر انهي کان پهرين هڪ ننڍو ٽوٽڪو جيڪو اوهان هي موضوع پڙهي پورو ڪرڻ
کان پهريان ئي آزمائي اهو معلوم ڪري سگهو ٿا ته اوهان انهي بيماري جو شڪار آهيو يا
نه؟
اوهان پنهنجي هٿ جي پُٺي تي زبان جو هيٺيون حصو رکي 5 کان
10 سيڪنڊ جو انتظار ڪريو. تنهن کان پوءِ هٿ زبان تان هٽائي ٽيهه سيڪنڊ تائين انهي
کي سُڪڻ ڏيو. هاڻي انهي حصي کي نڪ جي ويجهو آڻيو جيڪڏنهن اوهان کي ٿوري به بدبو
محسوس ٿئي ته اوهان کي فوري احتياط وٺڻ جي صلاح آهي.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
Sindhi سنڌي مواد,
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد
Tuesday, 5 February 2013
سماجي ڄار (ڪهاڻي)
انهي ڏينهن
مون کي پنهنجي آفيس پاران آڊٽ لاءِ ٻي کاتي جي آفيس ۾ موڪليو ويو هو. هڪ شهر کا ٻي
شهر وچ ۾ فاصلو گهٽ هُجڻ ڪري ايئر ٽڪيٽ بجاءِ ڊائيوو جي ٽڪيٽ پڪڙائي وئي هئي. موسم
سٺي هجڻ ۽ رستي جي صحيح هُجڻ ڪري اهو ٻه
ڪلاڪ جو پنڌ ڊائيوو ۾ ڪرڻ ۾ ڪا به ڏُک نه هُيم. پاسي ۾ ويٺل نوجوان سفر جي شروع ۾
ئي ڪنن تي هيڊ فون لڳائي ميوزڪ ٻڌڻ شروع ڪئي ۽ ٿوري دير ۾ ٽچ ٽائيپ موبائيل ڪڍي
فيس بوڪ کوليو. . . . . . ۽ منهنجي هن مهل تائين جي هن همسفر کي ڪيل پسنديدگي
گهٽجي وئي. ڇو ته آئون خوش هئس ته هي نه ڳالهائيندو نه دسٽرب ڪندو ۽ خاموشي سان ميوزڪ
ٻڌندو هلندو پر هن اهو ڪم شروع ڪيو جيڪو مون سال اڳ ڇڏي ڏنو هو ۽ منهنجي زندگي
لاءِ هڪ بدترين ياد طور محفوظ آهي. . . .ها دوستو آئون فيس بُڪ لاءِ ئي ٿو چوان. .
. . .فيس بُڪ جيڪو اڄ منهنجي لاءِ ٻي کي استعمال ڪندي ڏسڻ به چِڙ بڻجي ويو آهي سو
ئي هڪ سال اڳ منهنجو جنون هوندو هو، جڏنهن اڃان مون پنهنجو اڪائونٽ ڊي ايڪٽيويٽ نه
ڪيو هو. . . . . جڏنهن منهنجو ڏينهن رات اسٽيٽس اپڊيٽ، دلسچپ پوسٽنگ ۽ چيٽنگ ئي
مشغلا هوندا هئا. . . . .مون کان منهنجي اڻ پڙهي زال بيزار هوندي هئي. فيس بُڪ کي
پنهنجي پهاڄ چوندي هئي. . . ڪو مون کي ڊسٽرب نه ڪري سو گهر ۾ واءِ فاءِ هڻائي
پنهنجي ليپٽاپ تي سُڪون سان ڪم ڪندو هئس. منهنجو جوان پُٽ مون کي ڏِسي انهي ڪم ۾
هِري پيو هو. پر مٿس ڪڙي نظر رکندو هئس ته ڪٿي هو ڪو غلط استعمال ته نه پيو ڪري. .
. منهنجي ڇوڪري به اڪثر ضد ڪندي هئي. ڪاوڙجي به پوندي هئي ته اهي شيون مون لاءِ ڇو
بند آهن پر کيس سختي منع ٿيل هو ته انٽرنيٽ جو سواءِ پڙهائي جي ٻيو ڪو به استعمال
نه ڪنديئين. اهي سڀ سختيون ڪرڻ ۾ آئون ڪامياب هئس پر هڪ ڏينهن آئون عجيب ڪشمڪش ۾
پئجي ويس. . . . . . . .
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
Sindhi سنڌي مواد,
ڪاوش مئگزين ۾ ڇپيل مواد,
منهنجيون لکيل ڪهاڻيون
Subscribe to:
Posts (Atom)