Sunday, 6 January 2013
مهرو ۽ ميرو_ڪهاڻي
”اڙِي
هاڻي گهڻئي ٿي ڀاڄي. سياري جو سج لهيو ٿو وڃنئي. اچ ته گاهه جي ڀري کڻائي ۽
هلون گهر.“ ميرو (مير محمد) پنهنجي زال مهرو (مهرالنساء) کي سڏ ڪيو جنهن
گاهه وڍيندي وچ ۾ وڃي ڀينڊيون پٽڻ شروع ڪيون هُيون جيڪي هن زميندار کان
موڪل وٺي گاهه وارن ٻارن ڀرسان ٻني تي قطار ۾ پوکيو هيون.“ ”ها ها. . .اجهو
آئي.”مهرو ٻنهي هٿن سان ڀينڊين کي هلڪي اُڇ ڏيندي وزن جو اندازو ڪيو ۽
پريان کان وڏي رڙ ڪندي جواب ڏنائين. واپس اچي گڏ آندل ننڍي بوڇڻ ۾ ڀينڊين
کي ٻڌي پاسي تي رکيائين. آس پاس پيل گاهه جي سٿلين کي گڏ ڪري هڪ ڀري ٺاهي
ٻڌڻ ۾ ميرو جي مدد ڪيائين. آخر ۾ ٻئي ڏانٽا گاهه جي مٿين پسي ٽُنبي ڀري
کڻائي کڻي ميرو جي مٿي تي رکيائين. پاڻ پنهنجو رئو کڻي مٿو ۽ اڳ ڍڪي ڀينڊين
جي ڳٺڙي کڻي ميرو جي پويان پويان هلڻ لڳي.
سندن ڳوٺ پنهجي زميندار جي ٻنين کان اولهه پاسي هو جتان سياري جو جلدي لهي
ويندڙ سِج انهي ڏينهن لاءِ پنهنجي آخري تجلي ڏيکاري غائب ٿيڻ وارو هو ۽
جنهن کان پوءِ سردي جو زور وڌڻ ۽ ماڻهن جي چهل پهل گهٽ ٿيڻ سياري جو معمول
هو.“ ٻُڌ ته. . .“ مهرو ميرو سان مخاطب هئي. ”ٻڌاءِ“ ميرو وراڻيس. ”سج لهي
ويو ته ڏينهن لهي ويو نه. . .“ ”هونئن نه ته ڇا شروع ٿيو؟ سج لهندي ڏينهن
لهيو وڃي“ ميرو ايئن چيو ڄڻ انهي بي تُڪي سوال تي ناراض هُجي. “ ها ڏينهن
ته لهي ويو
. . . . .
. . . . .
پر هاڻي باقي ٻه ڏينهن رهيا نه تنوير جي واپس اچڻ ۾؟“ ”تون جو ايئن ڏنهن ڳڻيندي ٿي رهين ته مون به هيڻو ڪريو وجهين. مسين مسين ته دل پڪي ڪئي اٿم“
تنوير سندن سڪيلڌو جوان پُٽ هو جيڪو ڪاليج تائين سندن آڻيون چاڙهيون واري
حال هوندي به ڏکيو سکيو پڙهي ويو. پر پنهنجي شؤق ۽ محنت سان پڙهڻ ڪري هڪ
فلاحي اداري پاران يونيورسٽي لاءِ فُل اسڪالرشپ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. ۽
ملندڙ پئسن مان بچت ڪري روز ڳوٺ اچڻ بجاءِ ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ هُن جي ترجيح
هوندي هئي ۽ مهرو ۽ ميرو ٽي چار مهينن ۾ سندس سِڪ ۾ ساڻا ٿي پوندا هئا. هن
ڀيري ته پورو سيميسٽر نه آيو. فون تي چيائين ته آخري امتحان آهي. ڏينهن رات
هڪ ڪري نمبر کڻندس. هاڻي جڏنهن ٽي ڏينهن بچيا هئس ته مهرو اڄوڪو ڏينهن به
کُٽائي ٻه چيس.
”پر
مون کي ته ماءُ جي دل آهي نه“ مهرو پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيڻ جي ڪوشش ۾
هئي. .. ”پر پوءِ به هاڻي ته فون ٿي پيا آهن. رڳو بٽڻ دٻائي ته جهڙو ماڻهو
اڳيان حاضر.“ ”فونن تي ڪٿ ٿو اچي اُهو مزو. آئون اکين ڏسان پنهنجي جگر جي
ٽُڪري کي ته هانؤ ٺري نه“ ”بس اجهو ٻه سِج ٻيا لٿا ته تنوير ٿيلهو لوڏيندو
اچي لهندئي. پوءِ ويٺي ڏسجانس.“ ميرو مُسڪرائيندي چيس. ايستائين هو پنهنجي
گهر اچي پُهتا هئا. گاهه پٺي واري ڪوٺي ۾ ڀري کي ڦهڪو ڪري اُڇلائيندي ٿڌو
شوڪارو ڀري ساهه کنيائين. ڄڻ ته انهي ساهه کڻي ڇڏيل شوڪاري ۾ سڀ ٿڪ لهي ويو
هجيس. ڀري کولي ڪُتر مشين وٽ اچي بيٺو. بلب جي هلڪي روشني مان اندازو ته
ٿي ويو هوس ته ٿري فيز موٽر جنهن تي ڪُتر مشين هلي ٿي سا نه هن وولٽيج
تي ته هلندي ڪانه. پر پوءِ به هڪ اُميد تحت بورڊ تي لڳل موٽو بٽڻ آن
ڪيائين. موٽر گهُرررررررررررررر جي آواز جي مهرباني ڪرڻ کان اڳتي ڪُجهه نه
ڪيو. ۽ هن بٽڻ مٿي ڪندي مهرو کي سڏيو جيڪا ڀينڊيون رڌڻي ۾ رکي گاهه جي سٿلي
وڃي ٻن ٻڪرين اڳيان اُڇليو آئي پئي ايڏانهن.
”ڇا ٿيو. . . . ؟ موٽر نه هلي؟“ ”هائو“ ”اسان جي ڳوٺ جهڙو بجلي آئي تهڙي
ڪانه آئي. بلب جي روشني ڏِس ته ميڻ بتي واري سوجهري اڳيان به ڦِڪي پئي لڳي.
انهي کان نه هئي تهس ٺو جو آسرو ئي نه هو.“ مهرو گهٽ وولٽيج جي شڪايت ۾
ڀُڻڪندي اچي گاهه جي ڀري وٽ بيٺي.“ ”چون ٿا ڳوٺ وڃي ٿو وڌندو. ٽرانسفارمر
ننڍو آهي. ڪُنڊي به جام آهي. سو بجلي جا اهي حال آهن.“ ميرو وضاحت ڪيس ۽
انهي وچ ۾ مشين تان پٽو لاهي ڳن جو نٽ ٽائيٽ ڪري ڇڏيائين. هاڻي مهرو گاهه
جي مُٺ ڏيندي وئي ۽ ميرو مشين وارو گول چڪرو ڦرائيندو رهيو.
”ٻُڌ ته“ ”جي“ مهرو ميرو جي توجه حاصل ڪري پنهنجي اندر جي هُر کُر ٻاهر
ڪڍڻ گهُري.“ پنهنجو تنوير ته هاڻي جوان اچي ٿيو آهي.“ ”ها ماشاالله، الله
حياتي ڏيس.“ ”ها. . سو آئون پئي چوان ته مون واري ڀڻيجي مومل جو سَن آهي.
هُن لاءِ روز رشتا به گهُرن پيا منهنجا ٻئي وڏا ڀائر“ ”سو؟؟؟“ ميرو ٿورو
ڪرڙين اکين سان ڏسندي چيس جو هن مهرو جا سُر سمجهيا ٿي. اڳين دفعي به تنوير
آيو هو ته ڪڍ پئجي وئي هُيس ته آئون تنهنجي مٿي تي موڙ ڏسڻ جي آس پسان. ۽
تنوير کيس انهي موضوع تان ڪمال ڪاريگري سان هٽائي پئي ويو.
”سو
اهو ته تون الاءِ ڇو انهي پاسي پنهنجا خيال پهرائين ڪونه ٿو. آئون ٿي
سمجهان ته ادي وڏا ادن کي نه، نه ٿي ڪري سگهي پر ها به رڳو اسان جي آسري نه
ٿي ڪري.“ ”پوءِ اسان ڪو منع ته ناهي ڪئي. ڀلي ڏيئي ڇڏي.“ ميرو ايئن چيس
جهڙو هن کي ته ڪو مسئلو ئي ناهي انهي رشتي سان. ”اُهو ئي ته چوان ٿي نه.
پاڻ جو ڪُجهه نه ٿا چئون ته هو به ڌي وارا ڪيئن اچي چون ته اسان جي نياڻي
کڻو. آئون پئي چوان ته جيڪر تون موڪل ڏيم ته وڃي ڳالهه ڪيان ادي سان؟“ اهو
چوندي مهرو جو ڪنڌ جهُڪيل پر سواليه نظرون ميرو ڏانهن هُيون ته ڇا ٿو چوي.
ڇو جو کيس اها ته پڪ هئي ميرو ايترو آساني سان ها نه ڪئي آ نه ڪندو.
”پر توکي ايتري تڪڙ ڇو ٿي پئي آهي؟ ترس اڃان ڳالهه وئي ناهي. تنوير به خير
سان واندو ٿئي. ڏسون هو ڇا ٿو چئي؟“ ميرو اهو چوندي ڪُنڊ ۾ ڍِڳ ٿيل بوهه
مان ٻه ڀريون ڀري اچي ڪُتريل گاهه ۾ ملائيندو رهيو ۽ مهرو کي سمجهائيندو
رهيو. مهرو کي ڳالهه نه وڻي تنهن وڃي رڌڻي ۾ ڀينڊيون ڪٽڻ شروع ڪيون ۽ ميرو
ٻِن ڪُنڊين ڀٽارين کي آهوري ۾ گاهه ڏيئي اچي چُلهه تي چڙهيل ڪوسي پاڻي مان
مِٽي جو لوٽو ڀريو ۽ ٿورو ٿڌو ملائي اچي هٿ منهن ڌوئي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو.
ڪچي گهر جو ٻنهي موسمن ۾ مطلوب ماحول هو. يعني سياري ۾ گرم ۽ گرمي ۾ ٿڌو.
پوءِ به هن اڳين سال ميڙي تان آندل ساون ۽ ڳاڙهن پٽن واري ڪاري شال ڪڍي
اوڍي. کٽ تي ويهي موبائيل فون ڪڍيائين. پنج درجا پاس هجُڻ سبب ميسيج سنڌي ۾
لکڻ ۽ نمبر به سنڌي ۾ محفوظ ڪري سمجهي وڃڻ هن لاءِ معمولي ڳالهه هئي. نمبر
تنوير جو ئي ڊائل ڪيائين. جنهن دير سان فون کنيس.
”بابا. لائبريري ۾ هئس. سو ٻاهر نڪري اچي فون اٽينڊ ڪيم. ڪهرا حال آهن.
خوش آهيو؟ امان ٺيڪ آهي؟“ ”ها پُٽ رب جا ڪرم. ڪيئن رهيا امتحان. پَرين ته
آخري پيپر هوندئي نه؟“
”ها بابا بلڪل. آخري پيپر آهي. سڀ پيپر ڏاڍا سٺا ٿيا آهن. انشاالله پوزيشن کڻندس. اوهان بس دعا ڪجو.“
”ها پُٽ. منهنجو رب ۽ ان جو حبيب ڪندو تون سڀني تي سرس هوندين“ ”ها بابا. آئون پوري ڪوشش ۾ آهيان ته ڪٿي ڪا ڪمي نه رهجي وڃي.“
”شاباس پُٽ. محنتين سان الله گڏ آهي. پر پُٽ هن ڀيري تو واري ماءُ کي منهن
ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو اچجان. آئون نه ٿو چاهيان ته امتحانن ۾ توکي پريشان
ڪريان . پر اڳئين دفعي امتحانن جو بهانو ڪري جان ڇڏائي وئين، هن دفعي اهڙي
ڪا به نه هلندئي.“
”هاهاهاهاها. . .ٺيڪ آهي بابا امان کي آئون منهن ڏيئي ويندس. بس اوهان
منهنجو ساٿ ڏجو. ٺيڪ آهي بابا هاڻي دوستن سان گروپ اسٽڊي ڪندس. امان کان
معذرت ڪجو. پوءِ ڪنهن ٽائيم ڳالهائيندس.“
”ٺيڪ آهي پُٽ“ هي فون کيسي ۾ رکي ڪُجهه پل تي ايئن مُسڪرائيندو رهيو. ڄڻ
پنهنجي سپوٽ ۽ موڀي پُٽ لاءِ خُدا کي دِل ئي دِل ۾شُڪريو ادا ڪندو هُجي.
رڌڻي ۾ اچي مهرو کي ڏٺائين جيڪا اڳ ئي ناراض هئس مٿان هن جو فون تي ڳالهائڻ
۽ ساڻس نه ڳالهرائڻ تان وڌيڪ ڪاوڙ هئس. ”مون سان ڇو نه ڳالهرايئي؟“ مهرو
پُڇيس.
”هُو تڪڙو هو. دوستن سان گڏجي پڙهڻو هئس.“ ”پر جي چئينس ها ته ٻه گهڙيون
ڪڍي وٺي ها. پر تو کي ته آهي ئي هُن کي منهنجي خلاف ڪرڻو. پنهنجي منهن پيو
ڳالهائيندين ته ڪٿان آئون نه ٻُڌي وٺان“ ميرو ٻڌندو رهيو ۽ مهرو جي عورت
واري روايتي طبيعت ۽ ردِعمل تي مُسڪرائيندو به رهيو.
”چري
تون ڇو ٿي شڪ ڪرين؟ مون به ته جيڪي ٻه گهڙيون ڳالهايو تِن ۾ به تو لاءِ ئي
چيم ته هِن دفعي ڳالهه کي سِڌو ڪجان.“ ”هان! پوءِ. . . . ڇا چيائين نيٺ؟
ٻڌاءِ نه“ مهرو جي ڪاوڙ هڪ لحظي ۾ لهي وئي هئي.
”جيڪو چيائين سو ئي ٻڌايائين ٿو.. . . ٺيڪ آهي بابا امان کي آئون منهن
ڏيئي ويندس. بس اوهان منهنجو ساٿ ڏجو. ٺيڪ آهي بابا هاڻي دوستن سان گروپ
اسٽڊي ڪندس. امان کان معذرت ڪجو. پوءِ ڪنهن ٽائيم ڳالهائيندس.“ ڪجهه دير
لاءِ ته مهرو چُپ ٿي وئي. پوءِ چوڻ لڳي
”مون کي پنهنجو شَڪ درست ٿو لڳي. تنوير انهي ڳالهه کان جيڪو ايترو نٽائي
ٿو سو لڳي ٿو هُتان ئي ڪا آڪڙيل اچي منهنجي مٿي تي ويهاريندو يا اُها هِن
کي پنهنجو ڪري کڻي ويندي. اهو ته ٿيڻو ئي هو. ۽ ڇو نه ٿئي. ۔ ۔ ۔ ۔ توکي
وڏو شؤق هو نه ته وڏي ڏگري (ڊگري) وٺي اچي۔ ۔ ۔ مون وارا ٻئي ڀاڻيجا به
ڏِس. ٻنهي 12 ڪيا. ۽ پوءِ وڏي اسڪول (ڊگري ڪاليج) ويندا ئي ڪونه هئا ته به
پاس ٿي ماستري وٺي ويا. منهنجو تنوير ويچارو هُتي الاءِ ڪيئن رهندو هوندو.
ڪهڙي ماني کائيندو هوندو. هاڻي ڪا ڏانئڻ پنهنجي چڪر ۾ ڦاسائي پنهنجو ڪري
وئي اٿس ته به ڪهري خبر“
”تون ته سدائين آخري ڳالهه ڪريو ويهو رهين. دلجاءِ ڪر الله تنهنجي ٻڌندو ۽ جيئن تو رِٿيو آهي ايئن ئي ٿيندو.“
”پر
تنوير به ته مڃي نه. هڪ ته اڄ جو دؤر ئي اهڙو ٿي پيو آهي جو ماڻهو پنهنجي
ڇورين کي پاڻ فونون وٺيو ڏين. وڃيو جواڻ جماڻ نياڻيون ڇڏيو اچن يونيسٽين
(يونيورسٽي) ۾ پوءِ اهو نه ٿئي ٻيو ڇا“ ميرو هاڻي ڪوسي پاڻي واري ديڳڙي
لاهي پاسي تي رکي سُڪل ڪاٺيون وِجهي باهه تيز ڪري هٿ سيڪڻ شروع ڪيا هئا.“
”ايئن
نه چئو. پراين نياڻين لاءِ ايئن ناهي چئبو. توکي ڪيترا دفعا سمجهايو اٿم
ته دؤر بدليو انداز بدليا. ڪم سڀ ساڳيا آهن جيئن اڳي هئا.“ ”اها تنهنجي
سدائين واري اجائي ڳالهه آهي. اڳي ڪٿي هئا فون؟ اڳي ڪٿي ايئن نياڻي ٻار
ويندي هئي اڪيلي ٻاهر؟“
”ڏِس اڳي برابر فون ڪونه هئا. پر تون ٻڌائي ته جڏنهن کان پاڻ کي سانڀر ٿي
ته هِتان هُتان ٻڌوسين نه پاڻ هڪٻئي جي نالي ٿيل آهيون، ته ڪيئن نه وجهه
ڳوليندا هئاسين ته ڪٿان هڪٻئي کي ڏسون. جڏنهن به مون واري ننڍي سالي اسان
جي گهران رڳو ڀاڄي مٽائڻ ايندي هئي ته واپس پُهچندي کائنس ڪيئن پئي سوال
ڪندي هئين. ميرو ڏٺئي؟ ميرو ڪيئن هو؟ ميرو ماني کاڌي؟ ميرو کي ڪپڙا ڪهڙا
پهريل هئا.. . . . ڳالهه خبر پوڻ ۽ خبر وٺڻ جي آهي نه! سو اڄ سڌو سنئون
فونن تي پُڇبو آهي. تڏهن ماڻهن کان پُڇبو هو.. . . . .۽ توکي جو اها فِڪر
کنيو ٿي وڃي ته تنوير اسان کي ڇڏي ويندو ته اُهو ته هو پڙهي لکي ڪنهن نوڪري
۾ لڳو ته ڀلي پنهنجي ڀاڻيجي پرڻائينس ته به هليو ويندئي. پاڻ به ته تنهنجي
ساهوري کان ڇِڊا ٿي پنهنجي ماني مڇي وارا ٿيا آهيون نه. انهي ۾ بُرائي
ڪهڙي آهي. دين به اهو ٿو چوي ته دنيا ۾ به اهو سڀني لاءِ سٺو.. . . پري جو
گُل سدا سهڻو“
”“پوءِ به پنهنجي وقت ۾ ايئن ته نه هو جو ڇوڪرو ڇوڪري گڏ پيا ويهن. گڏ پيا هلن. ڳالهايئن کِلن ڪُڏن.“
”اهو ته برابر آهي. ياد ڪر هڪ دفعي رونبو هلندي تو کي اُڃ لڳي هئي ۽ اوهان
واري زميندار جي پاسي لڳل جر جو نلڪو ٻاڙو هُجڻ ڪري تون چار جريب اُڪري
پاڻي ڀرڻ اڪيلي آئي هئين اسان واري سيٺ جي ٻني ۾ ۽ مون کي ڏسي بيهي رهي
هئين. ياد ڪر پاڻ انهي مهل ڪيتري دير بيهي ڳالهايو هو؟ خبرون ڪيون هيون؟“
”پر خبر نه اٿئي ته واپس وئي هئس ته امان ڪيترا دڙڪا ڏنا هئا ته ڇوري ڪٿي هئين ايتري دير؟ پر اڄ وارا مائٽ اهو ڪندا؟
“
”ضرور ڪندا. تون جيئن ٽي وي ۾ ڳوٺ جا منظر ڏسي چوين ٿي ته ڊراما رڪارڊ ڪرڻ
وارا به ڳولي وڃي سائو پاسو ڀريندا (رڪارڊ ڪن) آهن. ٿورو آس پاس جي
ڀرين ته رڳو ڌوڙ مٽي ۽ مال جا ڇيڻا پيا ڏسبن. تيئن جيڪو شهرن وارو رنگ ڏسين
ٿي اهو به رڳو هِڪ پاسو اٿئي. توکي لڳي ٿو ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ايئن آهي
جيئن ڊرامن ۾ ٿي ڏسين“مهرو کي ڊرامن واري ڏنل ميرو جي سمجهاڻي دل سان لڳي
هئي. سو بنا ڪُڇڻ جي هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي رهي.
”باقي سٺائي بُرائي ته هر ڄڳهه تي آهي. هُتي به براين وارا ڪم ٿين ٿا ته
تون پاڻ ٿي ڏَسين ته ڳوٺن ۾ به ڪنوارين جا پير ڳرا ٿيو وڃن ۽ مائٽ لوڙهي ٿو
پيو. اهو سڀ هر دؤر ۾ ٿيو آهي. ۽ طريقا الڳ الڳ اٿئي.“ ”چڱو هاڻ اهي دَرس
بند ڪر ته هلي ماني کائون.“
ماني کائي ٿلهي سوڙ ۾ اچي ٻئي هڪ ٻئي جي گرمي ۾ گرم ٿيا ته مهرو پُڇڻ لڳي
”منهنجو شَڪ غلط هوندو نه؟ تنوير ايئن نه ڪندو نه؟” ”شڪ به تنهنجا ته خدشا
به تنهنجا وڏيري. ۔ ۔ ۔ ۔ پاڻ نه ڪو اهو سوچيون نه ڪو فِڪر ٿئي. آئون چوان
ٿو سُٺو سوچ ته سٺُو ٿيندئي. هاڻي چُپڙي ڪري سُمهه. صبح سوير وڃڻو آهي سيٺ
جي ونگار تي ڪم ڪرڻ۔“ ٻه ڏينهن لنگهي ويا تنوير اچي پُهتو ته ڄڻ گهر جي
ڪُنڊن ۽ ڀتين ۾ لِڪل رونقون موٽي اچي اڱڻ تي رقص ڪرڻ لڳيون. مهرو وڏو ڀاڪر
پائي اچي تنوير جا نرڙ چُميا. ميرو به ڀاڪر پائي مليس ۽ ڪنڌار پُٽ کي
پنهنجي سيني لائي کيس پنهنجو فخر سمجهي دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳو. اڄ زميندار
جي مڇي فارم ۾ ايندڙ پاڻي جي پَل ۾ وڌي ويل گاهه کي صاف ڪرڻ لاءِ سڀني
ڪُڙمين جي ونگار هئي۔ شام جو موٽندي زميندار سڀني کي هڪ هڪ ٿلهو متارو
ڪُرڙو ڏنو. جيڪو تنوير لاءِ سندس پسند مطابق فراءِ ٿيو. جيستائين ماني تيار
ٿئي ته تنوير ۽ ميرو ويٺا ڪچهري ڪرڻ. هِتان هُتان جي خبرن کان پوءِ تنوير
پاڻ ئي اڄ پهريون دفعو ميرو جي خلاف توقع ۽ مهرو جي پسند جو موضوع ڇيڙيو.
”امان ڪهڙيون خبرون ٿي ڪري منهنجي رِشتي لاءِ؟“ ميرو چيس
”بهتر آهي ته پاڻ پُڇينس پر ڪو به فيصلو ڪرڻ کان پهرين مون کي ٻُڌائجان. هو جذبات ۾ ايندي دير نه ٿي ڪري.“
”بابا فيصلو ڪهڙو؟ اوهان جيڪو سوچيندا بهتر سوچيندا پر جيستائين آئون
ايگزم ڏيئي واندو ٿيان۔ ۔ ۔ ايتري تڪڙ ڇو هئس؟ اڳين دفعي ته صفا شرمسار پئي
ڪيائين.“
”اڇا! ته هُن جو شڪ غلط آهي؟“ ۔ ۔ ۔ ۔ ”ڪهڙو شڪ بابا؟“
”اهو ته تون سندس ڀاڻيجي لاءِ انهي ڪري ها نه ٿو ڪرين جو هُتي يونيورسٽي ۾
ڪا پسند ڪئي اٿئي؟“ تنوير اهو ٻُڌي حيران ٿي ويو ته سندس ماءُ اهڙو اندازو
ڪيئن لڳايو؟
”نه
بابا! اهڙي ته ڪا به ڳالهه ناهي. آئون ايئن ڇو ڪندس. ۽ اوهان ته مون سان
ايترو فارمل به نه ٿا ٿيو. منهنجو مطلب آهي ڪو حجاب ئي نه ٿا رکو ته پوءِ
اهڙي ڳالهه هجي ها ته چوڻ ۾ ڇو شرمايان ها؟. مون ته رڳو امان جي تڪڙ ڪري
پئي حيرت ڪئي. امان ماسات مومل لاءِ چوي ٿي ته صحيح آهي. آئون راضي آهيان.
بس رڳو شادي لاءِ تڪڙ نه ڪجو. آئون ڪنهن ڪم سان لڳان يا متان ڪا اسڪالرشپ
ٿئي ته ڪُجهه اڳتي پڙهي وٺان“
ميرو هاڻي سمجهيو ته تنوير تڪڙ نه ڪرڻ جو پئي چيو ۽ مهرو انهي کي پنهنجي
حساب ۾ پئي ڏٺو. ۽ کيس هاڻي اهو سمجهه ۾ آيو ته تنوير ايئن ڇو چيس ته امان
کي منهن ڏجو.
”پوءِ ماڻهين کان ٿورو تنگ ڪريون؟ ته تنوير ته ڇوڪري ڏِسي آيو آهي. بس رڳو هلي پڪ ڪرڻي آهي.“
”آئون
سڀ ٻُڌان بيٺي.“ مهرو اوچتو دروازي کان منهن ڪڍيو. هُو سچي ۾ بيهي سندن
ڳالهيون پئي ٻُڌيون جو کيس ايڏي بي صبري هئي اهو سڀ ٻُڌڻ جي. ۽ پوءِ ٽيئي
زور سان کلڻ لڳا. مهرو اچي هڪ دفعو وري تنوير کي ڀاڪر ۾ ڀري نرڙ چُميا ۽
چوڻ لڳي.
”“صدقو وڃان منهنجي موڀي، سلڇڻي پُٽ تان“
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →
هڪ جهڙيون تحريرون:
Sindhi سنڌي مواد منهنجيون لکيل ڪهاڻيون
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
0 تبصرا:
توهان به تبصرو موڪليو:
جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔