Showing posts with label سير تفريح. Show all posts
Sunday, 23 February 2014
ميزبانن جا مهمان ٿيا ميزبان!
اوهان کي هن ليک جو عنوان پڙهي حيرت ٿي هوندي. پر اصل ۾ ايئن آهي ته اڳ هتي هڪ همراهه اونيور ۽ سندس گهرواري جو ذِڪر ٿيو هو جن سان آسٽريا ۾ اسان جي مُلڪ جي ڪنهن فئملي ڀلو ڪيو ۽ هاڻ هو بدلي ۾ اسان لاءِ تُرڪي ۾ ساهه ٿا ڏين. انهن سان آئي ڏينهن ملڻ پيو ٿيندو آهي ڇو ته اونيور جي رسرچ ۾اڃان ڪم ڪافي ڪم رهي ٿو جنهن جي سلسلي ۾ کيس گهُربل مدد لاءِ مون وٽ اچڻو پوي ٿو. اونيور جي ئي ڊپارٽمينٽ (ڪيميڪل فاريسٽري) جي هڪ ڇوڪري عائشه به اڪثر اسان وٽ ڪئمسٽري ۾ ايندي آهي ۽ اڪثر پئي ڪئمسٽري جا سوال ڪري ڪُجهه سکندي آهي.ڪُجهه ڏينهن اڳ ڳالهه ڪيائين ته يورپ کان درجن کن ڇوڪرن/ڇوڪرين جو جٿو اچي پيو هڪ باهمي پروجيڪٽ لاءِ. پروجيڪٽ اهو آهي ته خِطي ۾ وڌندڙ بي روزگاري کي ڪيئن منهن ڏجي. بيروزگاري جا سبب ڪهڙ آهين ۽ ڪيئن حل ٿي سگهن ٿا. ان جا ڪهڙا نتيجا آيا اهو ڪنهن ٻي دفعي لکبو فلحال هڪ دعوت جو ذڪر.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سير تفريح
Monday, 3 February 2014
مڪلي جي ٽڪري جي ڏاکڻين پاسي جو سير
1۔ مڪلي جي ٽڪري جو اُتريون دنگ جتي مائي مڪلي ۽ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار آهي
2۔ مڪلي جي ٽڪري جو ڏاکڻيون دنگ جِتي پير پٺي جي مزار آهي۔ ۽ پاسي ۾ ور شهر۔
هونئن مڪلي بابت ڪُجهه معلومات ۽ تصويرون دوست ذيشان رشيد جي هڪ ليک ۾ پڙهي/ڏِسي سگهجن ٿا. پر هتي جي مشهور مزار عبدالله شاهه اصحابي بابت ڪافي ماڻهن جي اها غلط فهمي آهي ته هو پاڻ سڳورن جي صحبت ۾ اُٿيا ويٺا تنهنڪري صحابي آهن. جڏهن ته ايئن ناهي. عبدالله شاهه اصحابي جي نالي ۾ اصحابي جو اضافو سندن پاران تخلص طور استعمال ڪيو ويو. جڏهن ته پنهنجي ولادت ته گهڻو گهڻو پوءِ ٿي اٿن. اسلامي مؤرخ لکن ٿا ته هو جيلاني شُجري جي نسبت ۾ آهن ۽ عبدالقادر جيلاني (ثاني) جا به پڙ پوٽا هئا.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سير تفريح
Friday, 31 January 2014
تُرڪي جي شهر ترابزون لڳ تاريخي خانقاهه ”سُميلا موناسٽري“ جو سير
29 ڊسمبر تي جڏهن سال 2013 آخري پساهه کڻي رهيو هو ته اسان پنهنجي تُرڪ ميزبان ”اونير تولگا اوڪان“ سان سندس ڪار ۾ ترابزون کان ڏکڻ طرف تاريخي خانقاهه (Sumela Monastery) ڏِسڻ لاءِ روانا ٿيا هئاسين. هتي اچڻ کان پهرين ئي هن شهر بابت پڙهندي خبر پئي هئي ته اها هڪ تاريخي ۽ تعجب ۾ وجهندڙ عمارت آهي جيڪا ڏِسڻ وٽان آهي. هونئن ته سائين الطاف شيخ جي ڳالهه سان سهمت آهيان (جيڪا سائين ملائيشيا جي شهر ملاڪا جي پنج ڇهه سؤ سال پراڻي عمارتن جو ذڪر ڪندي ڪئي) ته پنهنجي سنڌي ماڻهن جِن اڃان موئن جي دڙي ڏِسڻ کي گوارا ناهي ڪيو يا ٺٽي ۾ دفن ٿيل تاريخ ڏسڻ لاءِ مڪلي وڃڻ لاءِ وقت ناهي ڪڍيو سي ڌارئين مُلڪ وڃي آرامده رهائش، ناشتي واري هوٽل يا ٽيليوزن وارو ڪمرو ڳولي لهڻ کي ڪاميابي سمجهن ٿا. اهڙن ماڻهن کي ڌارئين مُلڪ جي اسان جي ڀيٽ ۾ نئين ڄاول ٻار جهڙي يا وري ننڍي نيٽي جوان جهڙي تاريخ ڏسڻ جو ڏَس ڏيڻ فضول آهي. ڪُجهه اهڙو حال اڪثر حلقهِ احباب جو آهي جن سان منهنجي ويجهڙائي آهي پر منهنجا رني ڪوٽ جا ساٿي توڙي مڪلي جي ٻن ٽڪرين جا دنگ ڏيکاريندڙ پير پٺي جو ساٿي اهڙا آهن جن سان سنڌ جا ڪافي تاريخي ماڳ ڏِسي چُڪو آهيان.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سير تفريح
Wednesday, 15 May 2013
رشتن ناتن بابت چيني سيلز گرل جا دليل (اڻ ڇپيل سفرنامي تان)
نوٽ: هي منهنجي ڪوالالمپور (ملائيشيا) جي اڻ ڇپيل سفرنامي جو هڪ اقتباس آهي.ڪانفرنس پوري ٿيڻ واري ڏينهن شام جو سج لٿي کان پوءِ آرام ڪري فريش هئس سو ڪوالالمپور (ملائيشيا جي راڄڌاني) جي بڪت بنتانگ واري علائقي جو پيرين پنڌ ڦيرو ڪرڻ جو سوچي نڪتس. هوٽل کان نڪرندي ئي ٻنهي پاسي ڪجهه کاڌي جا ريسٽورينٽس، مني ايڪسچئنجر، سپر اسٽورس ۽ گهڻا تڻا وري مساج گهر هئا. هڪ لحاظ کان اهو علائقو کڻي رونق وارو هو پر هن ۾ پنڌ هلڻ وارن لاءِ اهو عذاب هو ته اوهان کي هر چند قدم کان پوءِ ڌپ واري ميڪ اپ ٿڦيل ۽ مني اسڪرٽس پهريلڇوڪريون مالش جي دعوت پيون ڏينديون ۽ “نو سوري” چئي چئي ٿڪي پوڻ کان پوءِ ڪو ٻيو لفظ چيو ناهي ته پڪڙي بيهه رهنديون. ڀلي اُهو لفظ سمجهه ۾ نه به اچين ته انهي کي ايئن وٺنديون ته اوهان انهي ڪم لاءِ راضي آهيو رڳو هاڻي معاملو طئي ٿئي ته ڪيترا پئسا ۽ انهي ۾ ڪهڙي ڪهڙي سروس هوندي. سو هنن کان بچندي بچندي يا جان ڇڏائيندي بڪت بنتانگ جي نظارن جو مزو وٺڻو پئي ٿو. بڪت بنتانگ جي اصل رونق آهي به شام جو. الاءِ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچيو گڏ ٿين ۽ پوءِ هنن فوٽ پاٿن تي پيا واڪ ڪن. اهو ئي سبب هو جو ادي فوزيه جيڪي مون کي گهمڻ لائق ڄڳهون ٻڌايون هُيون انهن ۾ بڪت بنتانگ واڪ به شامل هئي. رات جي وقت جڏهن ٿڌيون هوائون هجن ۽ انهي علائقي جا رنگ ۽ روشنين جو سنگم هجي ته هتي واڪ ڪرڻ واقعي به هڪ دلڪش تصور آهي. ايئن پيرين پنڌ هلندو رهيس ۽ انهي دوران فيڊرل هوٽل، لوئِٽ پلازا (لئپ ٽاپ مارڪيٽ جيئن ڪراچي ۾ ٽيڪنو سٽي) ۽ ٽائيمز اسڪوائر (جيئن پاڻ وٽ پارڪ ٽاور يا ملينيم مال آهن) وغيره ڏسندو رهيس.
اڳتي پڙهو »
ڪيٽيگريون:
سير تفريح
Subscribe to:
Posts (Atom)
