جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Saturday, 1 December 2012

هو ۽ آئون ڇا ٿا سوچيون؟

 [IMG]
آئون روز الاءِ ڪيترن ماڻهن سان مِلان ٿو. يا هو مون سان ملن ٿا. ڪن کي ڏسڻ، ڪن سان ڳالهائڻ ۽ ٌ ڪن سان ڪچهريون ٿينديون آهن. هر ماڻهو جي هڪ سوچ جيڪا مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي يا مختلف ۽ دلچسپ هوندي آهي. سا ذهن ۾ ويهجي ويندي آهي. ڀانت ڀانت جا ماڻهو وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ سوچڻ ۽ خيالن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو. ڪير ڪير ڇا ڇا ٿو سوچي ۽ ڪهڙا ڪهڙا ارادا ۽ خيال رکي ٿو؟ شايد ڪجهه هيئن.
هو سڀني جو همدرد ۽ سندس تمام ٿورا همدرد آهن. هو سڄو ڏينهن انهي پريشاني ۾ هوندو آهي ته ڪنهن سان ڪهڙو مسئلو آهي. ۽ اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ آئون ڇا ٿو ڪري سگهان. کڻي مڪمل حل مون وٽ نه هجي ته ڪجهه ڪوشش سان متان ٻي کي آساني ٿي پوي. ٻيو نه ته ڀلا ڪو ڏس ئي ڏيئي ڇڏيانس. ان ڏينهن ڏاڍو توائي ۾ مليو چئي “يار هي اسان جا سنڌ سان درد رکندڙ دوست ڪڏنهن سڌرندا؟” پڇيم “ ڀلا اڄ ئي هنن جي سڌريل هجڻ تي ڪو شڪ ٿيو ٿئي آهي ڇا؟” چوڻ لڳو “يار اهي سنڌ سان عشق ۽ سنڌ سان ظلمن جي دعوي مهل رڳو نعرن جو سهارو ۽ ٻين جي قربانين جي زوري مالڪي ڪندي ڪن ٿا پيا. مڃون ٿا ته اهو هنن جو ذاتي مسئلو آهي پر اهو ڪهڙو طريقو آهي جو سندن سلوگنس ۽ اعلانن جي لکت ۾ اظهار لاءِ هو اسان جي گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ڄڳهن جو منهن ڪارو ڪن؟” مون کان کل نڪري وئي سندس انهي مسئلي تي ايترو سيريس هجڻ تي. ڇو ته اها مصيبت انهن مصيبتن مان هڪ آهي جنهن کي اسان پيٽاري ڇڏيو آهي. اسان اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته اهو سڀ ايئن آهي ۽ انهي خلاف ڪجهه چوڻ يا ڪرڻ پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.


 جيئن پوليس معني پئسو، واپڊا معني گهپلو، ٽرانسپورٽ معني من ماني، وزير مشير معني پئسو ميڙڻ. سو هي وري وڏو آيو هو هڪ اشو کڻي.کيس انهي مهل ئي چوڻ پئي چاهيم ته هل گهر. ماني کاءُ، لسي پي ۽ آرام ڪر ۽ پنهنجو گهڻو رت نه ساڙ. پر نه. . . . . .! هو اڄ واقعي ڪاوڙيل هو. “نه دوست. اڄ هڪ هڪاڻي ڪبي. اڄ آئون ٻن وڏين قوم پرست پارٽين جي گهرن جي ديوارن تي انهي ساڳي اسٽائيل سان بيڪار رنگ ۽ بيهوده رائٽنگ سان اهي سڀ نعره لکي ايندس جيڪي هنن جا ڪارڪن پريان ٺهيل نون بنگلن جي اڇي کير جهڙين ديوارن تي لکي ويا آهن. هُن جي ڳالهه وڏي هئي. جذبات گهڻو هوس. ۽ هو اهو چئي هليو به ويو. پر ڇا ٿيندو؟ هي اهو ڪندو ڪونه. پر جي جذبات ۾ اچي ڪري به وڌائين ته اڳواڻن کي خبر پوندي. انهن کي غصو ايندو. انهن جا ڪارڪن ايندا. هن کي ڪٽڪو ايندو. ٻين لاءِ سبق ۽ هن لاءِ سزا هوندي. ماڻهو چوندا بيوقوفي ڪيائين. ايئن ته ٿيڻو هئس. ۽ پوءِ ماضي جو هڪ ننڍو واقعو بڻجي ويندو جيڪو شايد ڪو ياد ڏياري ته به ذهن تي نه تري اچي.

هڪ ٻيو مليو. چوڻ لڳو يار بيزار ٿي پيو آهيان پنهنجي پُٽ مان. روز چئي ٿو ايترا واسطا اٿئي. ايڏي اُٿي ويٺي اٿئي. منهنجي پرائويٽ نوڪري ۽ سڄي ڏينهن جي لوڙهڻ کان پوءِ آيل آمدني اڌ ته اهي تنهنجا مهمان کايو وڃن، جن جا مال کائي کائي پيٽ ڀرجي ويا آهن پر ڍاپن نه ٿا. ڀرجن نه ٿا. . . . . .۽ وڏي ڳالهه ته فاٽن به نه ٿا. چئي ٿو تون به ته سالن کان انهن سان گڏ نوڪري ٿو ڪرين. تنهنجا گريڊ به گهٽ. گهر به ڪرائي جو. ٺٺ به نه. ويتر هو اچي تو کان کايو وڃن. آئون ٽي سال کان گريجوئيشن ڪري پرائيوٽ نوڪري پيو ٿو ڪريان. تنهنجو موڀي پٽ به ٿيس. پر وس ۾ هوندي به ڪڏنهن مون کي سرڪاري نوڪري نه وٺي ڏنئي. وٺڻ ته پري پر ڪوشش به نه ڪيئي. ۽ سچي ٻڌايانءِ. . . . . هُن مون کي ويجهو ٿيندي ڪن ۾ چيو اڳين سال جيڪا مون واري آفيسر منهنجي ڇوڪري لاءِ نوڪري ڏني ٿي. سا هُن ته مفت ۾ پئي ڏني. پر مون پنهنجي پٽ سان ڪوڙ ڳالهايو ته هو وڏا پئسا ٿو گهري جيڪي مون وٽ ناهن. . . . ۽ ڪلهه ڪٿان مون واري ڇوڪري کي پڪي رپورٽ ملي آهي ته مون ساڻس اهو ڪوڙ ڳالهايو. هاڻي ته صفا وڙهڻ ٿو اچي. . . . .ٻڌي ٻڌي ٿڪس ته نيٺ پُڇيم. ڀلا جي وس ۾ آهي ته کيس سرڪاري نوڪري وٺي ڏيڻ ۾ حرج ئي ڪهڙو آهي؟ يارررررررر! تون به اهُا ئي ڳالهه ٿو ڪرين. سمجهين نه ٿو. . . . . يار مون وارو ڇوڪرو تمام هوشيار آهي. هن کي پنهنجي سبجيڪٽ تي عبور آهي. مون وارو کاتو هُن جي فيلڊ کان بلڪل مختلف آهي. هو هتي اچي هڏ حرام ٿي ويندو. اداري کي ڪنهن به قسم جو ڪو فائدو نه ٿيندو. رهندو پنهنجين صلاحيتن ۽ اداري جي پئسي کي زيان ڪندو. . . . .آخر ڇو اسان سرڪاري نوڪري کي ئي منزل بڻايون. پوءِ اُها پنهنجي صلاحيتن ۽ سبجيڪٽس سان مطابقت ۾ هُجي يا نه؟ اسان جي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم هجي يا نه. . . . . . .نه قطعي نه. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته اهو بلڪل نه چاهيندس ته منهنجو پٽ هتي اچي.. . . . . . . .ڪجهه خاموشي.. . . . . پڇيم. ڀلا هو جو تنهنجا وڏي پيٽ وارا ڪوليگ جيڪي اداري کي ٻنهي هٿن سان لُٽي پيا کائين اهي ڀلي پيا کائين. انهن جو دعوتون ۽ خوشامديون ڇو؟ . . . . .اهو انهن جو ظرف آهي. مون کي آفيس ۾ پنهنجي عزت امان ۾ رکڻ ۽ بي وجه نقصان کان بچڻ لاءِ اهو ڪرڻو ٿو پوي. . . . . .پر اهو سڀ توکي کيسي مان ٿو ڪرڻو پئي نه. . . . ها اهو سڀ پاڻ ئي مينيج ڪندو آهيان. انهي خرچ لاءِ مال کنيم ته عادت پئجي ويندي. . . . .پر زيادتي ته آهي نه. . . . .اوهان پنهنجي ارادي تي قائم هجو ته ڌڻي وڏو آهي، سڀ سڻائي ٿئي ٿي. هنن کي کارائي به آئون بک نه ٿو مران. گنج آهي مولا جي ڏني جو. ۽ شڪر به ته هنن جيان رات جو بنا ٽيبليٽس جي ننڊ اچي ٿي. صحتياب آهيان. نه باءِ پاس نه شوگر نه بلڊ پريشر. . . . . چڱو سڀاڻي ملون ٿا. موڪلاڻي ناهي.

هڪ ٻيو مليو.
“يار بيزار ڪري ڇڏيو آهي هنن بنا سمجهي فضول شيون اڳتي موڪلڻ وارن. “ ”ڪير پيارا” ”کوڙ آهن. ڪيترن جا نالا وٺجن. ميسيج آيو ناهي ته فارورڊ ٿيو ناهي. پوءِ انهي ۾ ڇا لکيل آهي. ڪيترو ڪوڙ آهي. يا ڪهڙو قول ڪهڙي ولي يا ڀلي شخص سان غلط منسوب ڪيو ويو آهي اهو ڏسڻ سمجهڻ ته ڄڻ سندن فرض ئي ناهي. بس ايس ايم ايس پئڪيج آهي. هزارين ميسيج موڪلڻ ممڪن آهي. سو ميسيج موڪلڻا آهن.” ”بس يار ڇا ڪجي. اهي جاهلاڻا ڪم آهن.” “۽ هاڻي جو پڙهيا لکيا ڄٽ اهو ڪم نئين انداز سان پيا ڪن سو؟؟؟؟؟” “اهو وري ڪيئن؟؟؟” حيران ٿي پڇيومانس. “ميسيج جي شروع يا آخر ۾ ايز رسيوڊ لکي ڪري. انهي کي نئين انداز سان پيا هلائين“
اڙي ڀئي ڇا ڪو اوهان کي يا اوهان جي پياري کي گار لکي موڪلي ته اوهان ان مٿان ايز رسيويڊ لکي اڳتي موڪليندا؟ جيڪڏهن اوهان کي ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي يا ڪو شڪ شبهو آهي ته بهتر آهي تسلي ڪريو. پر اهو ڪهڙو طريقو آهي ته اچي سائين هي گند مون وٽ آيو آهي. سو جيئن آيو آهي جهڙو آهي توهان ڏي ٿو اماڻيان. ٿي سگهئي ته ساڳي ڪار تون به ڪجان.” “ڀلا ميسيج ئي ته آهن. نه ٿا وڻن ته ڊليٽ ڪري ڇڏ” سوچيم ته همراهه جو پارو لاهڻ لاءِ صلاح ڏيانس “يار ڳالهه ميسيج ڊليٽ ڪرڻ جي ناهي. ڳالهه جهالت جي آهي جنهن تي اندر ٿو سڙي. مڃيوسين ته اسلام دشمن قوتون هر وقت اهڙين حرڪتن جي ڪوشش ۾ آهن ته اسان تيش ۾ اچون. اسان جي امن پسندي واري دعوي ڪنهن نموني ڪوڙي ٿابت ٿئي. پر هو جيترو ڪن ٿا انهي کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ اسان منجهان ئي ڪي فِتنتي اهڙا ميسيج ٿا ٺاهين ته فلاڻي هند نبي جو نالو رستي تي لکيو ويو، فلاڻي هنڌ هي ٿيو فلاڻي هنڌ هو ٿيو. اصل اهڙا قصا ٿا ٺاهين جو دشمن به ٻڌن کلي چون اسان ته ايتري حد تائين سوچيو به نه هو هنن الزام به هڻي ڇڏيو. ۽ پوءِ ايس ايم ايس ۾ هاءِ گهوڙا شروع. ۽ انتها تڏنهن ٿيندي جڏنهن اهڙا ميسيج موڪليندڙ وري پاڻ پيا پڇندا يار هي ايس ايم ايس هلن پيا. اها ڳالهه سچي آهي؟؟؟؟؟. . . . . اڙي مار پئيو ايس ايم ايس موڪلي ٻين لاءِ مصيبت به پاڻ ڪيو وري پڪ به اسان ڪري ڏيون ته انهي ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي.”


هو سڀ اهو سوچين ٿا ۽ چون ٿا پر آئون ڇا ٿو سوچيان؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ڪيئي خيالي گهوڙا دماغ جي اڻ کُٽ ميدان تي ڊوڙن ٿا. ڪنهن نقطي تي پهچي ان کي فيصلو بڻائڻ نه ٿو پُڄي. ذهن مُنڌل، خيال منتشر، سوچون وِکريل. پر پوءِ به انهن سڀني ۾ هڪ خيال اهڙو آهي جيڪو هر بار اچي ٿو. اهو خيال ئي شايد هتي لکڻ مناسب آهي ته “انفرادي سوچ رڳو پنهنجو اندر ساڙيندي آهي. اجتماعي طور ئي ڪجهه بهتر ڪري سگهجي ٿو. اهي جن جا ويچار ۽ نظريا قابل تعريف آهن جي اهي سڀ هڪ ٿي پون! هڪ به ايئن نه جو اهي سڀ سوچون هڪ ماڻهو ۾ اچن ۽ هو اڪيلو ئي وڙهي سگهي. پر هو ايئن هڪ ٿين جيئن نئيون ملي دريا ٿي پون ۽ دريا ملي سمنڊ ٿي پوي ۽ هڪ اهڙو سمنڊ جنهن لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي. هو پاڻ رستو ته پاڻ منزل آ.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

2 تبصرا:

  1. Great idea to collect and present wandering thoughts.

    ReplyDelete
  2. بهترين لکڻي آهي. اسانکي اجتماعي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه قدم اُن دوست جهڙا کڻڻا پوندا جيڪي دوست ڀت تي نعرا لکڻ لاءِ وڃي رهيو هو،.

    ReplyDelete

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔