جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday 20 November 2012

سچل ڳوٺ کان رني ڪوٽ جي سير جو احوال!


ڏهاڪو کن ڏينهن ٿيا هوندا جوسنڌ سلامت جي مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ پياري دوست گھڻ گهُرئي سليمان وساڻ ٻڌايو ته سچل ڳوٺ واسين جو هڪ قافلو تيار ٿيو آهي سنڌ جي تاريخي قلعي رني ڪوٽ گهُمڻ لاءِ. اهو ٻڌائڻ کان پوءِ سندس ٻيو سوال ته ظاهر آهي “هلـــنديــن؟؟؟” کان سواءِ ڪجهه ٿي ئي نه پئي سگهيو. منهنجو جواب ڪو به نه هو. انهي ڪري نه ته ان ڏينهن ڪا مصروفيت آهي يا وري اهڙو ڪو ٻيو مسئلو. نه وري آئون هڪ عام رواجي سوال “هُتي آهي ڇا؟ ڇا رکيو آهي جو وڃي ڏسجي؟” جي گرفت ۾ هئس. پر الاءِ ڇو آئون ها نه ڪري سگهيو هوس. جيئن جيئن ڏينهن ويجهو اچڻ لڳا ته پروگرام چاڪ آئوٽ ٿيڻ لڳو. شيڊول ٺهڻ لڳا. ڪيئن هلبو ڪٿي هلبو ڪٿي رهبو؟ جا فيصلا ٿيڻ لڳا. پر آئون هڪ نه ٻي ڏينهن سليمان وساڻ جي اوطاق تي وڃي ڪڏهن ساڻس ڪچهري ڪريو اچان ڪڏهن سليمان کي ڏسندي ۽ رشيد سمون سان فون تي ڳالهائيندي وقت ڪٽيو اچان، ته ڪڏنهن انهي اوطاق جي هائيڊ پارڪ ۾ چار خيال اُڇليو ۽ چاليهه رايا جهپيو اچان. پر رني ڪوٽ تي هلندڙ ڳالهين واري پاسي ڪن ڪونه ڏنم. نيٺ باقي هڪ ڏينهن اچي بچيو ته لسٽ فائنل ٿي. انهي لسٽ ۾ الاءِ ڪيترا ميمبر اوچتو اِن ٿيا ته ڪيترا وري ٽاپ آف دي لسٽ آئوٽ ٿيا. پر انهي ان آئوٽ ۾ منهنجو نالو الاءِ ڪيئن آڻي ٻڌايائون ته “اسان پُڇون نه ٿا. اسان ٻڌايون ٿا ته هلندين” سندن انهي حُجت جي جواب ۾ جواب ڏيڻ نه پُهتو ۽ ايئن ڪو ويهن ماڻهن جي قافلي ۾ هڪ آئون به شامل ٿيس. جمعي جو ڏينهن، رحمان ملڪ جي مهرباني سان ڪراچي ۾ موبائيل بند، سو سڄو ڏينهن ڪا خبر ئي نه هئي. مطلب ته اڳين رات جيڪو طئي ٿيو سو آخري هو. انهي وچ ۾ پروگرام ۾ ڪا ترميم اچڻي به هجي ها ته به موبائيل بند هجڻ سبب نه اچي سگهي.

 
 شام جو سگنل ته سؤلا ٿي الاءِ آيا هئا الاءِ نه پر سليمان جي ڪال شايد اڳ ۾ ئي اچي وئي ته يار ڪاٿي آهيو. سڄي سنگت پُهچي وئي آهي. وڃي جو ڏسان ته سهڻا سنڌي سڀ موجود آهن ۽ منهنجو اندازو قطعي طور تي صحيح نه هو ته کڻي سچل ڳوٺ جا ئي سهي پر آهن ته سنڌي سو ضرور دير ڪندا. پر هنن اها روايت ٽوڙيندي وقت جي پابندي ڪئي. هاڻي هڪ ننڍي ڪار ۽ هڪ وين ۾ ويهارو کڻ ماڻهن جو قافلو روانو ٿيو. سرواڻي سراج الدين ميمڻ صاحب (المعروف فقير سائين) جي هئي. اهو اتفاق پئي لڳو پر هو پلاننگ سان ته سڀ جوڙ جوڙ سان ويٺا. اسان آخري سيٽ تي ويٺاسين جيڪا غلام مرتضى وساڻ جي صلاح هئي. ۽ آئون به ساڻس متفق آهيان ته وين ۾ ڊگهي سفر ۾ آخري سيٽ تي ويهو. هڪ ته اها ٻين کان خلاصي هوندي آهي ۽ ٻين جي لهڻ چڙهڻ مهل تڪليف نه ٿي ٿئي. گاڏين جو رخ صفوران چورنگي کان ملير ڪئنٽ جو پاسو وٺي سُپر هائي وي هو جتي نثارابڙو چواڻي ته گاڏي ڊرائيور نه پر روڊ هلائيندو آهي. سي اين جي اسٽاپ کان سواءِ ٻيو ڪٿي به نه بيٺاسين. ۽ انهي اسٽاپ ۾ سنگت کي عشاءَ نماز جو موقعو ملي ويو. ڇو ته اڄڪلهه جيڪو سي اين جي جو مسئلو آهي ته روز ئي بند هوندي آهي. آئون ته چوان ٿو گورنمنٽ هاڻي سي اين جي جي بند هجڻ جي اطلاع ڏيڻ بجاءِ جڏنهن جڏنهن کُلي ته انهي جو اطلاع ڏيئي ته بهتر ٿيندو ڇو جو انهي سان اعلان ڪرڻ وارو خرچ بچندو. هفتي ۾ اٺ دفعا ته هر سي اين جي ريلوي اسٽيشن جو ڏيک ڏيندي آهي جتي ريل گاڏي جهڙيون ٻه ٽي قطارون ڏسڻ ۾ اينديون آهن بس فرق رڳو اهو ته ريل جي گاڏن بجاءِ هتي ننڍيون وڏيون گاڏيون هونديون آهن. اسان جي پهرين منزل ڄامشورو هئي جتي فقير سائين جي ننڍي ڀاءُ سائين ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ صاحب پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. رات جي اونداهي ۾ لاهين چاڙهين تي ٺهيل سُپر هائي وي تي ٻي پاسي کان ايندڙ گاڏين جي ڊگهي قطار ۽ هُن پاسي هارن ڏيئي اوور ٽيڪ ڪندي ڊگهن ڊگهن ٽرالرس کي ڏسندي سفر ڪٽجڻ لڳو. سنگت سڄي ۾ جيڪا گفتگو هلي پئي سان انتهائي دلچسپ ضرور هئي پر هن ناچيز جي هڪ سينسر سينس ته ڪري ورتي پر فلم سينسر واري سينسر انهي کي فلٽر ڪري ۽ هتي ڏجي اهو ممڪن ناهي. ها باقي مرتضى جا جيڪي ٽوٽڪا هئا سي وقت به وقت هلندا رهندا. ڇو ته اُهي سمجهه ۾ به اچن پيا. باقي سچل ڳوٺ جا پوڙها روشن تارا اسڪول لڳ بڙ جي وڻ کي پاڻي ڏيڻ ۾ اڳ اڳرا ڇو هئا؟ صنم سائين جو سِرڙو ڇا آهي؟ شرڙا ڇا آهن؟ پوڙهي پاڏي جو بُرش سان ڪهڙو تعلق؟ جليبي ۽ پڪوڙا مينهن وسندي سؤلا ڇو نه ٿا ملن؟ ڀريل تُريل جرڳي ۾ ايس پي صاحب ڪنهن جي خلاصي دِل سهي ڪري ورتي؟ اهو سڀ سمجهڻ لاءِ اسان پارا پوگو ڏسڻ وارا ماڻهو ڇا ڪن؟ سو اهي ڍَڪيون ئي ڀليون آهن. اسان ڪراچي کان 7:30 بجي شام جو هلياسين ۽ ڄامشوري پهچندي 9:30 ٿي ويا هئا. سائين شهاب الدين ميمڻ صاحب کان آئون چڱي ريت واقف آهيان جو هو منهنجا پي ايڇ ڊي سپروائزر به آهن ۽ وقت جي پابندي ۾ کين فوجي به نه پُڄن. سو ماني ته ڪڏهوڪو تيار هئي. اسان جا ڪجهه ساٿي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سندس گهرواري ايلسا قاضيءَ جي مزار تي وڃي دعا گهري آيا. ڪو سٺ سال اڳ هن ويران پٽ تي هن ڪئمپس جو بنياد رکي هن جهنگل ۾ منگل مچائي علم جي روشني جو عزم سائين علامه آءِ آءِ قاضي جو ئي هو ۽ اڄ به ڪئمپس کان سنڌالاجي وٽ کڻي مناسب روشني ناهي هوندي پر سائين جي آخري آرامگاهه سدائين روشن رهي ٿي. ماني کان پوءِ گهڻو وقت نه ترسياسين ۽ سڌو رُخ رکيوسين سن شهر، سن شهر جيڪو سنڌ جي ڏاهي جي ايم سيد جن جو آبائي شهر آهي. اسان جو هتي ميزبان سچل ڳوٺ ۾ ڊکڻ جو مشهور ڪاريگر پُنهل لاکو هو. هتي آرام وڌيڪ ۽ ڪچهري ٿوري ڪرڻي هئي ته جيئن صبح قلعو تازو توانو ٿي گهُمجي. پر ڪم اُلٽو ٿيو. اسان مان گهڻا ورانڊي ۾ ئي سُتا پر مرتضى ۽ سليمان وساڻ الاءِ ڇو ڪمري اندر وڃي پير ڊگها ڪيا. پر هتي سنگت ۾ هر ڪو پنهنجي الله جي ڏِني مان پيو ٻڌائي ته ڳالهه ۽ وقت وڃن وڌندا. سليمان کي ڏسان پيو ته منٽ اڌ ۾ درجن کن ڀيرا پاسا ورائي وري اچي اسان وٽ ٻاهر ويهي. ننڊ جي ڪوشش سڀني کي هجي پر سمهي ڪوئي نه پيو سگهي جو ڀوڳ ٺڪاءَ ۾ کِل ايتري جو ننڊ جا نازڪ پکي اکين جي آکيرن تي ويهڻ کان اڳ ئي اڏاميو وڃن ۽ جو انهي وچ ۾ مرتضى جو ڪو سڄڻ دُشمن فون ڪري ته سائين قائم علي شاهه (المعروف دبنگ) جن ڪوئي چار هزار نوان ڀرتي ٿيل ماستر لاهي ڇڏيا آهن. مرتضى جي هاءِ گهوڙا هجي ته هاڻي اهي حوال ڇڏيو. مون کي پريشاني ۾ کِلڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي. مرتضى جيڪو اڃان ٻه مهينا اڳ ئي سنڌي لئنگويج ٽيچر طور ڀرتي ٿيو آهي تنهن کي فڪر اها ته سائين قائم علي شاهه صاحب الاءِ ڇو هن مهل آڌي جو هوش سنڀاليندي آرڊر رد ڪيا آهن. هاڻي الاءِ ليڪچرارن جي ڦِٽي، الاءِ پرائمري وارن جو ڀاڳ اڀاڳ ٿيو، الاءِ ايس ايل ٽي کي رڳڙو آيو. سو نه سڄي رات انهي خبر جي ڪا تصديق ٿي نه ڪو وري مرتضى کي ئي ننڊ آئي. پُنهل لاکو چئي پيو ڇوڪرن بجلي جي فٽنگ سان الاءِ ڪهڙي هٿ چُراند ڪئي آهي جو مئن سوئچ سان به بجلي بند نه ٿي ٿئي. پر مرتضى واري ڪمري ۾ لڳل بلب جي بٽڻ آف ڪرڻ سان سڄو مُلڪ بليڪ آئوٽ ٿيو وڃي. مون فورن چيو يار اهو همراهه وٺي ته اچو جنهن اهو ڪم ڪيو آهي. شاباس ته ڏيانس. ڇو ته هلڪي روشني ۾ به ننڊ نه اچڻ جي منهنجي پراڻي ۽ بيڪار عادت آهي. سليمان به انهي خيال جو هو. خير روشني جو مسئلو ته حل ٿيو. ڇو جو مرتضى جي من ۾ روشني بجاءِ اُلڪي جو انڌيرو هو سو هن به اهو بٽڻ دٻاءِ سڄو ماحول انڌيرو ڪري ڇڏيو. پر اسان جي هڪ ساٿي جي کونگهرن کان ڪو سڄي سنگت واقف هئي. سڀ چون ته اهو اسان جي پاسي ۾ نه سمهي. اتفاق سان سندس کٽ سليمان واري پاسي ويجهي هئي. خيال ته سڀني جو کڻي هو ته اهو همراهه پري هُجي پر سليمان ته حد ڪندي اهو ڪيو جو همراهه کي کٽ سوڌو کڻائي وڃي پريان رکرايائين جتي وارا همراهه اڳ ۾ سُمهي رهيا هئا. نه ته قطعي اهو نه قبولين ها ته اها کٽ سندس پاسي ۾ اچي. شابس ميزبانن کي هُجي جن اهو ڪم ڪري ڏنو. مستفيد ته کڻي اسان سڀ ٿياسين جو هُن جي کٽ ايترو پري هوندي به سندس کونگهرن جي فريڪوئينسي ۾ ايترو دم هو جو اسان تائين آواز آيو پئي. پر ڪم جي همت لاءِ سليمان کي داد ڏبي. ڇو ته هُو همراهه جو هتي پاسي ۾ هجي ها ته اصل ئي نه سمهي سگهجي ها. خير سمهڻ ته وري به هُن سؤلو نه ڏنو جو فجر نماز کان ڪلاڪ اڳ ئي اٿي سڀني کي اٿارڻ لڳو ته جلدي ڪيو. تياري ڪريو. فجر پڙهندي ئي هلي قلعي تي پهچجي جو جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو ته هُتي هلڻ ڏکيو ٿيندو. ڳالهه ته سندس صحيح هئي پر سمجهه ۾ وڃي هُتي ئي آئي هئي. هن جي هتي ايتري تڪڙ باوجود اڌ سنگت نه اٿي. هڪڙي ته اهو عُذر به پيش ڪيو ته سڄي رات اهڙا حوال ڪيا آهن سو هاڻي ڪهڙي منهن سان مسجد هلجي. هتي ئي نماز پڙهو. پر هُن همراهه ته مسجد وڃي مسجد جي روزاني واري ٽائيم کان به اڌ ڪلاڪ اڳ جماعت ڪرائي. اسان مان جيڪي پُهتا انهن ته کڻي با جماعت نماز جو ثواب ڪمايو پر ڳوٺ وارن جي نماز پڪ قضا ٿي هوندي يا متان ٻي جماعت ڪئي هجين. باقي ٽائيم کان اڳ ڏياريل اذان تي ڳوٺ جا ماڻهو ته ڇا ڪُڪڙ به پريشان هئا ته اڄ مولوي اسان کان اڳ ڇو پيو ٻانگ ڏي؟

صبح جو ناشتو پُنهل لاکو پاران هو جيڪو نج ڳوٺاڻي روايت موجب هو. مکڻ جو ڏونگهو ڀريل ۽ نِج ماکي جو شيشو گڏ ديسي گيهه ۾ تريل اُڦراٽا. پوءِ ته ظاهر آهي اهو ڪير ٻُڌي ته هلڪو ناشتو ڪريو نه ته جبلن تي هلڻ ۾ اوکا ٿيندا. ناشتو ڪندي ئي گاڏين تي پنهنجون سيٽون سنڀاليوسين ۽ سن شهر کان اولهه طرف 32 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي سنڌ جي تاريخي ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي قلعي رني ڪوٽ طرف هلياسين. ايئن پئي لڳو ته سنڌ جي ميداني پٽن تان نڪري ڪنهن پهاڙي ملڪ ۾ اچي ويا هجون. مون کي اهو علائقو بلڪل افغانستان جيان لڳو. جبل جي اکين جي ڏسڻ جي حد کان وڏي سلسلي ۾ ٺهيل روڊ تي گاڏي هلندي وڃي رني ڪوٽ جي مُک داخلي گيٽ تي پُهتي. هتان کان پوءِ جيتوڻيڪ رستو ته هُيو پر نه هجڻ جهڙو. هنڌ هنڌ تي گاڏي مان لهڻو پيو پوي ۽ خالي گاڏي به مشڪل سان اهو هنڌ اُڪريو ٿي. هڪ هنڌ ته ٽُٽل پُل ڏسي اسان همت هاري ويٺاسين ته ڪو اڳتي به وڃي سگهبو. پر هتي موجود ماڻهن (جن جي هُتي موجود هجڻ تي حيرت هئي ته هتي سندن مائٽ رهن، جن سان هو ملڻ آيا آهن) ٻڌايو ته اوهان ڀلي پنڌ اڳتي هلو. گاڏي لاءِ متبادل پيچرو آهي. خير ائين لهندا چڙهندا قلعي اندر موجود مکيه جڳهه ميري ڪوٽ (ريسٽ هائوس) پهچي وياسين. جتي گاڏين اسان کي ڇڏيو، هتان ڪو فرلانگ کن پنڌ تي ميري ڪوٽ نظر پئي آيو. ٻنهي پاسي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل هو. جنهن جي چوٽي تي قلعي جي ديوار نظر پئي آئي. پاڻ سان آندل فروٽ پاڻي ۽ گِلم کڻي اچي ميري ڪوٽ پهتاسين. هتي پهچندي ئي اڳي موجود سوال وڌيڪ تجسس پئدا ڪرڻ لڳو ته آخر هي قلعو ڪنهن ٺهرايو؟ هنن پهاڙن تي (ڏند ڪٿائن موجب ڪوئي 150 سال قبل مسيح) اڄ به عقل کي دنگ ڪندڙ هي شاهڪار آخر ڪهڙي مقصد تحت تعمير ڪيو ويو؟ هُتي موجود هڪ گائيڊ توڙي جو پنهنجي پر ۾ وڏي اعتماد سان اهو چيو ته هي قلعو ايران جي بادشاهه ٺهرايو. پر وٽس دليل طور صرف هڪ ئي ڳالهه هئي ته قلعي ۾ ڪجهه هنڌن تي سورج مُکي جو گُل تراشيل آهي. جيڪو ايران جو قومي گُل هو. (اُن وقت به ته اڄ به.) پر صحيح خبر اڄ به ڪنهن کي ناهي ته اهو ڇو ٺاهيو ويو؟ ميري ڪوٽ ۾ ٻن ڪمرن جو هڪ زبون حال گهر پئي لڳو. هڪ فرش تي مسجد جا آثار. هڪ پراڻو کوهه ۽ مٿي مورچا ٺهيل. اهو ته بهرحال چئي پيو سگهجي ته هي قلعو سنڌ جي ٻين قلعن جو بنيادي نقش آهي. ايئن پئي لڳو ته هي قلعو ئي ماڊل بڻائي ٻيا قلعا ٺاهيا ويا. پر سنڌ جي ٻين عظيم قديم قلعن وانگر هن قلعي جي مستند تاريخ ڇو ناهي؟ سڀني وٽ اهو سوال به هو ۽ سڀني جي زبان تي اهي ئي جملا به ته جيئن به ٺهيو پر هي هڪ وڏو شاهڪار آهي. ٻيو ته ٺهيو اڄ تائين هن جي صحيح ماپ به شايد ناهي ٿي سگهي. ڀلي کڻي ڪجهه محققن هتي اچي ڪوشش ڪري پنهنجا انگ اکر ڏيئي هن جي ماپ 25 ميل ٻڌائي آهي پر متفقه راءِ اڃان به ناهي آئي.ميري ڪوٽ ۾ گائيڊ کان معلومات وٺندي ۽ ڪجهه فروٽ کائيندي وقت گذري ويو ۽ سج پنهنجي ڏينهن جي مقرر سفر جو چوٿائي حصو پورو ڪري چُڪو. هاڻي ويهن ڄڻن مان ڪُل سورهن ڄڻن هن قلعي ۾ موجود لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار فُٽن جي بلندي تي موجود شير ڳڙهه قلعي کي سَر ڪرڻ جو عزم ڪيو. سامهون جبل جي چوٽي تي ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل شير ڳڙهه جو مقام به هڪ ننڍو قلعو هو، پر سفر جي شروع ۾ ئي اندازو ٿيو ته ڳالهه تصور کان گهڻي ڏکي آهي. اسان ميري ڪوٽ کان هيٺ لهي قلعي جي مشهور نهر تي آباد ٿيندڙ زمينن جو پاسو وٺي مٿي چڙهڻ لڳاسين جيڪو انتهائي غلط فيصلو هو. اسان مان ڪجهه ساٿي قلعي اندر موجود آبادي (جتي هڪ کليل پٽ تي اسڪول به آهي) وٽان ڪجهه سڻائي طريقي سان مٿي هليا. ۽ اهو ئي پاسو صحيح آهي. اسان جنهن پاسي هلياسين اهو اسان جو تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو هو. بهرحال جيئن جيئن مٿي هلون پيا ته ايئن پئي لڳو ته لِڱن مان ساهه ۽ ماحول مان آڪسيجن ختم ٿيڻ لڳي آهي. پهريان ٻه ٽي سؤ قدم پر پوءِ ته آهستي آهستي ڏهه قدم هلي به ساهي پيا پٽيون. ايترو به نه پيو ٿئي جو ڪجهه پنڌ اڳيان هلي ڪنهن پٿر يا ڪنڊي جي ڇانؤ ۾ ويهجي. تتل اُس ۾ ويهي پيا رهون. پاڻ سان کنيل پاڻي جو بوتلون هن سفر جي اڃ اجهائڻ لاءِ بلڪل ٿوريون ثابت ٿيون. مون سان گڏ نواز سانگي ۽ مرتضى هئا. مرتضى جي راءِ بلڪه رڙ هئي ته سڀ گڏجي هلندؤ ته همت ايوريج ٿي ويندي ۽ نتيجو دم ٽٽڻ هوندو. ايئن ڪريو جيڪي گهڻا سَگها ۽ تڪڙا آهن سي اڳتي ٿين. انهن کي ڏسي اسان به همت ٻڌنداسين ۽ پوئتي جيڪي جهونا هلن ٿا سي به اڳتي هلندا. پر اهو فارمولو به گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهيو. اسان سان گڏ هڪ جهوني حاجي صاحبڏنو ارباب توڙي جو هِن ڪوهه پيمائي جي اڻانگي انگل ڪرڻ مهل اها به پئي شرط رکي ته جيڪڏهن آئون شير ڳڙهه پُهتس ته پوءِ مون کي اڄ کان وٺي ٻي شادي ڪرڻ جي شؤق تي نه ٽوڪجو، پر جڏهن اڌ تي پُهتاسين ته همراهه چوڻ لڳو، “لڳي ٿو ٻي شادي جي ته همت وئي پر جيڪا هڪ ڪئي اٿم اها به الاءِ سنڀالي سگهان الاءِ نه.” ۽ ايئن ڪيڏي مهل کِلائيندي ڪيڏي مهل همت ڏيندي هن ناداني واري شؤق کي ڦاسڻ کان پوءِ اهُو لڏون پئي سمجهيوسين جيڪو کائي نه کائي ٻنهي صورتن ۾ پڇتائبو آهي. پر همت ان مهل صفا ٽُٽي پئي جڏهن اسان جا ٻه ساٿي رب نواز ڀُٽو ۽ رفيق ڀُٽو همت هاري موٽي ويا ۽ جيڪي اسان کان اڳ پئي هليا (قربان ڪلوڙ فوڊ انسپيڪٽر ۽ ثناءُالله راڄڙ ڊائريڪر انفارميشن) انهن مٿي وڃي ٻڌايو ته هن پاسي کان شيرڳڙهه ۾ داخل ٿيڻ مشڪل آهي، پاڻ غلطي سان شير ڳڙهه جي پوئين پاسي کان اچي نڪتا آهيون. ان مهل اهو ٻُڌي مرتضى جو وس پُڄي ها ته شايد سڀني کي شوٽ ڪري پاڻ به خودڪشي ڪري ها. اصل ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي. هڪ ايترو وئيل ۾ پئي پهتاسين ۽ جيڪا شئي ڏسڻ آياسين سا به نه پيا ڏسي سگهون. اسان اڃان هڪ ڪنڊي هيٺ ويهي اهي سور پٽيا ئي ويٺي ته اچانڪ ٽڪري پريان اسان جي ٻين ساٿين جا آواز آيا. جيڪي نه رڳو صحيح رستي کان آيا پر پاڻ سان گڏ هڪ گبول ڇوڪر کي گائيڊ طور به وٺي آيا. ان مهل مون کي مشهور ڪتابWe are Aliveپئي ياد آيو جنهن جو سنڌي ترجمو محمود مغل پاران ڪيو ويو “اسين جيئرا آهيون” نالي سان. انهي ۾ 70 جي ڏهاڪي ۾ هڪ برفاني جبلن ۾ ڪِرڻ جو ذڪر آهي ۽ ستر ڄڻن مان ڪو وڃي 14 ڄڻن جي بچڻ جي سچي ڪهاڻي آهي. هو يوراگوئي جا رانديگر هئا جيڪي چلي ۾ وڃي راند کيڏڻا هئا. انهن تي هڪ فلم به ٺهيAliveنالي سان. جيڪا ڏسڻ وٽان آهي. اسان جلدي ئي انهن سان وڃي ملياسين ۽ گائيڊ اسان کي ٻڌايو ته اوهان بلڪل غلط پاسي کان اچي پاڻ کي آزار ۾ وِڌو آهي. ۽ پوءِ واقعي به لڳو ته اسان غلط سائيڊ کان آيا آهيون. غلط ته خير اسان کي شير ڳڙهه پُهچي به لڳو ۽ هاڻ به اها راءِ آهي ته رني ڪوٽ وڃي ميري ڪوٽ ڏسڻ ڪافي آهي. ۽ انهي کان پوءِ جيڪا ٻي شئي ڏسڻ وٽان آهي سان ان ۾ موجود آباد زمينن کان ڪوئي چار پنج ڪلوميٽر جي فاصلي اولهه پاسي موجود آبشار جهڙا منظر. جتان سوين ميل پنڌ جهاڳي ايندڙ ٿڌو پاڻي رني ڪوٽ جي نهر ۾ ڪري ٿو. چون ٿا ته هتي ڪنهن دؤر ۾ پريون وهنجنديون هيون. اهو هڪ دلڪش منظر آهي جيڪو نه رڳو ڏسڻ وٽان به آهي ۽ ڏسڻ لاءِ سڌو پنڌ ڪري پُهچڻ به سؤلو آهي. نه ڪي شير ڳڙهه جيان جتي پُهچڻ به جان جو جوکو ۽ ڏسڻ لاءِ به ڪجهه نه. جهڙو ميري ڪوٽ تهڙو شير ڳڙهه. اڃان به ميري ڪوٽ ٺيڪ پر شيرڳڙهه زبون حال. هُتي پُهچي جيڪا شئي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪا مناسب وجه ڏيئي سگهي ٿي سا آهي قلعي جو هڪ نظر ۾ نظارو. ڇو ته هي قلعو ايترو مٿي ۽ پکيڙ ۾ وڏو آهي جو هيٺ بيهي ورلي ئي ڪا ديوار نظر ايندي آهي. رڳو جبل ئي جبل آهن. پر اهو ڪم به شير ڳڙهه تي سُر سان نه ٿيو جو هڪ ته ٿڪاوٽ صفا چُور ڪري وِڌو هو ۽ اکين اڳيان هونئن ئي اوندهه هئي مٿان وري ڌنڌ سبب ڪجهه نظر به نه پيو اچي. ها باقي هڪ ڳالهه آهي ته هُتي جيڪو ڪجهه ٿي پئي سگهيو يا هلي پئي سگهيو ته اُهي موبائيل هئا. قلعي اندر ڪٿي به ڪنهن به نيٽ ورڪ جا سگنل نه پئي آيا پر شير ڳڙهه سَر ڪرڻ جي مُبارڪي اسان موبائيل تي ويهي پنهنجن کي ڏني. هو به خوش ته سندن جوڌن وڃي چوٽي سَر ڪئي آهي پر اها خبر ته اسان کي آهي نه ته اسان ڪيڏي ناداني ڪئي. واپسي ۾ سڌو رستو، لاهي ۽ گائيڊ جي هوندي جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ واري ڪار ڪندي دير ئي نه ڪئي اچي هيٺ پُهتاسين. آباد زمينن وِچان هلندا اچي نهر وٽ نڪتاسين جِتي صاف شفاف پاڻي پي جهڙو بدن ۾ جان اچي وئي. اسان مان جيڪي چار پنج خوشنصيب (سراج الدين ميمڻ، تاج محمد وساڻ، سليمان وساڻ، پُنهل لاکو ۽ گاڏي جو ڊرائيور) نه هليا هئا سي به آبشار جا منظر ڏسي ان ۾ تڙڳي هاڻي ئي کليل پٽ تي ڄار جي وڻ هيٺ اسڪول ۾ اچي ويٺا هئا. وٽن فروٽ اڃان به ڪافي پيو هو جيڪو هو متاثرينِ شير ڳڙهه جي ڪوهه پيمائن لاءِ رکيو ويٺا هئا. اسان جا جيڪي ٻه جهونا ساٿي واپس موٽيا انهن کان به عمر ۾ وڏا شير ڳڙهه سَر ڪري آيل هجڻ ڪري لَت ڳري ڪري ويٺا ڳالهائين. سليمان چئي يار سلو موشن ۾ قسطن ۾ احوال ڇو ٿا ڏيو؟ ان تي جيڪي مرتضى چيس سو هتي لکڻ مناسب ٿيندو. “يار ڳالهه ٻُڌ! اسان جو ٿو وڃي ســـــــــــــــــــــــــــــاههُ. توهان کي حوالن جي لڳي آهي. هلو ها ته خبر پئيو ها نه. لِڱ لِڱ لوهه جو ٿي ويو آهي. هٿ لائي ڏسون ٿا ته سلامت به آهي يا ڪٿي ڇڏي آيا آهيون. هڪ ساهه ٿا کڻون ته ٻي لاءِ همت نه ٿي ٿئي. پاڻ ته وڃي پرين جي وهنجڻ جي جڳهه تان پاڻ پُسائي آيا آهيو اسان کي نه ٿا ڏسو ته سڄي نمڪيات ٻمڪيات ڪڏوهڪي نڪري وئي آهي. هاڻي وارو ڪريو اسان کي به پرين واري تلاءُ ۾ وهنجڻ لاءِ وٺي هلو ته ڪو ساهه ۾ ساهه پئي متان ڪنهن پري جي روح سان ملاقات ٿي وڃي. جيڏا خوش لڳو ٿا ته لڳي ٿو ته اهو مزو اوهان ته پڪ وٺي آيا آهيو. اسان کي شير ڳڙهه جي تڪليف ته جيڪا ٿي سا ٿي پر سليمان وساڻ جيڪي هيٺ تصويرون ڏيندو يا ڏنيون اٿس انهي ۾ ڏسجو ته اسان ڪيڏو خوبصورت منظر ڇڏي وڃي هڪ زبون حال عمارت ڏسڻ جي چڪر ۾ پاڻ وڃايو. نه رڳو اهو پر هُتي ان ٿڌي صاف شفاف پاڻي ۾ وهنجڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين. ڪجهه ساهي پٽي گاڏي تي چڙهي واپسي لاءِ نڪتاسين ته اسان جو حال ڏسي خوشنصيبن کڻي پرين جي روحن سان گڏ وهنجڻ وارو مزو ته نه وٺرايو پر اهو رحم ڪيو جو کڻي آبشار تي نه وٺي هليا جو ٽائيم نه هو پر اهو ڪيائون جو نهر جتي وڏي ويڪري ۽ ڪجهه گهري هئي هُتي اسان کي لاهي پاڻي ۾ ٻه ٽي شپڪا هڻڻ جو موقعو ڏنائون. اسان ته انهي لاءِ صفا مئاسين ٿي. سو ڪن ته پاند پُسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪمال ڪاريگري سان گنجين جا ڪڇا ٺاهيا ڪِن ته ڪپڙن سوڌو پاڻي ۾ ٽِپ ڏنا. هڪ اڌ کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته صفا اَلِف ٿي نعرو هڻي به پاڻي ۾ جلدي انٽري ڏني. اهو ڏسي سوچيم خوشنصيبن ڀلو ڪيو جو اوڏانهن نه وٺي ويا نه ته هي حال ڏسي پرين جا روح شرمائي هتان منهن ڪري وڃن ها. پاڻي ۾ پُهچي اصل ڪرار ٿي ويا. ايستائين جو مرتضى به سُرت ۾ اچي ويو ۽ پُنهل لاکي سان ڪيل ڊگهي ٽُٻي جو مقابلو مٿو مٿي تي ماري ويو. ۽ موقعي جو فائدو وٺندي وس وارن جي ڪنن تي اها دانهن به پهچايائين ته اها خام خيالي اٿؤ ته هاڻي دم ناهي. شادي نه ڪرايو ته ڀلي نه ڪرايو باقي جواني جي جوش ۾ جهڪائي جو شڪ متان ڪيو اٿؤ. ڪجهه دير ۾ واپس اچي پُهتاسين وري پُنهل لاکي جي گهر. جتي ڇيلي ۾ تيار ڪيل سنڌي برياني جو انتطار هو. برياني کائيندي، فريش ٿيندي ۽ نمازون پڙهندي سج لهي ويو. تڙ تڪڙ ۾ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاهه جو ڀيرو ڀڃيندي قُل پڙهياسين. اهو ڏسي خوشي ٿي ته جنهن ڀلي ماڻهو وٽ اسان رات کان مهمان هئاسين انهي ئي سائين جي ايم سيد جي هن آرامگاهه تي سنگ مر مر جو ڪم ڪرايو. ۽ هڪ ڪتاب جو ڏيک ڏيئي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سائين جو نظريو کليل ڪتاب وانگر آهي. واپسي مهل گاڏي ۾ پاسي ۾ ويٺل سليمان سان جڏهن قلعي متعلق حال اورڻ شروع ڪيم ته حيران رهجي ويس. ڇو؟؟؟؟؟؟ انهي ڪري ته هُن جا خيال انتهائي منفرد ۽ مَٽ هئا. اسان جنهن قلعي جي اندر لاڦون هڻي ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڏسي آياسين سي سڀ ته هن کي هڪ شاهڪار پيا چئون پر الاءِ ڇو سواءِ سليمان وساڻ جي اها شئي ڪو به نه ڏسي سگهيو ته هن شاهڪار پويان ڪهڙا راز آهن. سليمان وساڻ چوڻ لڳو “اسان کي ته ظاهري طور هي حيران ڪندڙ شاهڪار نظر اچي ٿو پر انهي شاهڪار ۾ موجود اهي درد اهي پيڙائون ۽ اهي زندگيون ڇو نه ٿيون ڏسجن جيڪي هن شاهڪار جي تعمير ۾ هتي ئي بنا ڪفن ۽ دفن جي رهجي ويون. هنن جي رت ست عيوض کڻي هي قلعو ته ٺهي ويو ۽ اڄ به موجود آهي پر هو ڪٿي رهجي ويا، ڪا خبر ناهي. وقت به ته وقت آهي نه، چڱن ڀلن جا نالا نشان مِٽايو ڇڏي. پر هتي جن ڪم ڪيو انهن جو پورهئو لڪي به نه ٿو لڪي. ايئن ٿو لڳي ته انهن جا روح اڄ به هڪ پاسو وٺي ڳَلن تي هٿ رکيو هتي اچي هن قلعي ٺهرائيندڙ کي سلام ڪندڙن کي ڏسن ٿا ويٺا. هو اڄ به ويهي اهو ٻڌن ٿا ته ڇا ته ڪمال ڪيو آهي هي قلعو ٺهرائڻ واري. جتي اسان اڄ جي جديد دؤر ۾ ايتري مشڪل سان ٿا پُهچون ۽ هُن ان وقت هتي پُهچي هن عظيم الشان قلعي جي تعمير لاءِ همت ٻڌي.پر لڳي ٿو سندن بي آواز آنهن دانهن ڪي تمام ٿورا ئي حساس ماڻهو ٻُڌي سگهن ٿا جن مان هڪ سليمان وساڻ جي گواهي آئون پاڻ ڏيندس. سليمان بار بار انهن ماڻهن جو درد سمجهي پيو ۽ چوي پيو ته “ڇا ته ظلم ٿيو هوندو انهن سان. سوين مڻن جا لکين پٿر ڍوئيندي ڪيترين ونين پنهنجا ور وڃايا هوندا؟ ڪيترن مائرن پنهنجا جوان پٽ هنن ڀتين جي تعمير جي جدوجهد ۾ هميشه لاءِ ڏيئي ڇڏيا هوندا. هڪ پل لاءِ ته مون کي قلعي جو ديوارن ۾ ساهه پيل لڳو ٿي. ايئن پئي لڳو ته هڪ هڪ ديوار جي هڪ هڪ پٿر ۾ هڪ ماڻهو جو ساهه آهي. جيڪي اڄ به ساهه کڻن ٿا پر ڪُڇن نه ٿا. بس خاموش ٿي صدين کان هن قلعي ۾ ويهي رهيا آهن. هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسن ٿا پر کين ڪو ورلي ئي ڏسي ٿو. سليمان جي ڳالهين ۾ گُم سُم اها خبر ئي نه پئي ته گاڏي ۾ وڻندڙ انڌيرو، اي سي جي ٿڌاڻ ۽ سِڌي روٽ جي سفر ۾ هي گاڏي ڪيڏو تيز هلي جو سن کان ڪراچي سوا ٻه ڪلاڪ ۾ اچي پُهتي جِتي ساڳيو سچل ڳوٺ ساڳيا قرب ساڳي زندگي. رني ڪوٽ ڪجهه خوبصورت يادن ۾ هڪ ياد جو اضافو ٿي رهجي ويو. ايئن جيئن هو سنڌ جي پهاڙن ۾ رهجي ويو آهي.

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔