جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Monday 25 November 2013

منهنجي ڪانڊيري تي ڪيل پي ايڇ ڊي!




اڪثر ڪري ماڻهو اهو ئي سمجهندا آهن ته جنهن ماڻهو ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ڄڻ ته هُن انهي سبجيڪٽ کي پاڻي وانگي پي ڇڏيو ۽ هاڻي کيس انهي مضمون جي ڄاڻ مُڪمل حاصل ٿي چُڪي۔ جڏهن ته ائين بلڪل به ناهي هوندو۔ (توڙي جو پي ايڇ ڊي جنهن مضمون ۾ ڪجي انهي جي وڌ کان وڌ ڄاڻ رکڻ سُٺي ڳالهه آهي ۽ انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پي ايڇ ڊي لاءِ هاڻي سبجيڪٽ جي آر اي پاس ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن پي ايڇ ڪندڙ پنهنجي سبجيڪٽ بابت ڄاڻ رکن)۔

اصل ۾ بيچلر ۽ ماسٽرس تائين پڙهائي ۾ سبجيڪٽ جي باري ۾ عمومي ٿيوري جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اڳي ٿيل ۽ ثابت ڪيل ڪم جا تجربا يا مُشاهدا ٻيهر ڪري ٻُڌايا ويندا آهن ته جيئن شاگردن کي شيون نه رُڳو سمجهه ۾ اچن پر هو انهي تي يقين به ڪنَ۔ پر پي اڇ ڊي ۾ شاگرد ۽ سندس اُستاد طرفان اڳي ڪيل ڪم جي نواڻ يا ڪنهن ٿيوري ۾ ڪُجهه نئون ٿي سگهڻ جو مفروضُو تجويز ڪيو ويندو آهي۔ جنهن کي هڪ ڏنل وقت ۾ ثابت ڪرڻو هوندو آهي۔ ثابت ٿيڻ تي شاگرد کي پي ايڇ ڊي جي سند عطا ڪئي ويندي آهي، جيئن ته اهو مفروضو ڪنهن هڪ مخصوصو نُقطي تي هوندو آهي تنهنڪري شاگرد هڪ وڏي وقت تائين رڳو انهي تي ڌيان ڏيندو آهي۔ انهي بابت ئي پڙهندو آهي۔ انهي دؤران اڪثر ڪري کائنس سبجيڪٽ جو ٻيون شيون پڙهڻ وسري وينديون آهن۔ ۽ اهو ئي سبب آهي جو هڪ پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي بيچلر ليول ڄاڻ گهٽ يا وِسري ويل هوندي آهي
پنهنجي سبجيڪٽ بابت۔



مون کان اڪثر سچل ڳوٺائي دوست سليمان وساڻ جو مامو ۽ پيارو دوست غلام مرتضى وساڻ پُڇندو آهي بلڪه چئلينج ڪندو آهي ته تنهنجي پي ايڇ ڊي تي شَڪ اٿم۔ ڀلا ڪو ڪانڊيري تي به پي ايڇ ڊي ڪندو آهي ڇا؟ اهو ته منهنجو ڀلو ٿيو جو انٽر ليول تائين وقتن فوقتن ڪيمسٽري پڙهائڻ ڪري سبجيڪٽ جي بنيادي شين جو وسارو ڪونه اٿم نه ته هي همراهه ته صفا اعتبار ئي نه ڪري ها ته تون ڪيمسٽري جا چار اکر ڄاڻين يا سمجهين ٿو۔ ڪانڊيري تي پي ايڇ ڊي ڇو ۽ ڪيئن ڪيم اهو ته هو وڏو قصو آهي ڇو ته خود مون کي به اهو سڀ ڪندي 6 سال لڳي ويا پر هتي مناسب حد تائين ٿورو ڪم جي بيڪ گرائونڊ ۽ ڪُجهه ڪم بابت ڳالهه ڪندس۔

اها ته سڀني کي ڀلي ڀت خبر آهي ته طِب جي ڪم ۾ ٻوٽن جو وڏو ڪردار رهيو آهي جو ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن مطابق دنيا جي موجوده 80 فيصد دوائن جو ذريعو ٻوٽا آهن۔ پر ايئن ناهي ته ڪو اهي دوائون اڄ به ٻوٽن مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون۔ بلڪه اڄ پنج فيصد دوائون مس اهڙيون آهن جيڪي سِڌو ٻوٽن مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون مثال طور مليريا جي لاءِ مشهور ٽيبليٽ آرٽيم جو اصل جُزو آرٽيميسن۔ اهو هڪ اهڙو ڪمپائونڊ آهي جيڪو ٻوٽي ۾ وافر مقدار ۾ تيار ٿئي ٿو پر سائنسدان اڃان اُهڙو ليبارٽري ۾ ٺاهي نه سگهيا آهن۔

دراصل جسم ۾ ٿيندڙ ڪنهن به غير معمولي تبديلي سان ٿيندڙ تڪليف يا نُقصان کان بچڻ لاءِ دوائون ڪم اچن ٿيون۔ جن جو ڪم ڪرڻ جو انداز تالي ۽ چاٻي وارو آهي۔ هر تالي جي چاٻي الڳ تيئن هر بيماري جي دوا الڳ۔ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته ساڳي بيماري ساڳي دوا پر اثر نه ڪندي آهي، جيئن ساڳيو تالو ساڳي چاٻي پر چاٻي خراب ٿي وڃي يا ايئن سمجهو ته گُم ٿي وڃي ته ٻي چاٻي سا به بنا اڳي ن چاٻي کي ڏِسڻ جي ٺاهڻي پوي ته ڪيترو ڏُکيو ٿيندو! ايئن ئي نون ايندڙ بيمارين ۽ اڳ وارين بيمارين جي لاءِ ٺهيل دوائن جي اثر ڇڏي وڃڻ ڪري سائنسدانن کي روز بروز نين ڪيميڪل جُزن جي ڳولا هوندي آهي ته اهي بيماري خلاف بهتر نموني اثر ڪري سگهن۔

انهي لاءِ ڪڏهن ته موجوده دوائن جي شڪل (ڪيميڪل اسٽرڪچر) ۾ تبديلي ڪئي ويندي آهي ڪڏهن وري بلڪل نوان ڪيميڪل به ليبارٽريز ۾ تيار ٿيندا آهن۔ پر انهي ۾ وڏو وقت لڳڻ ڪري سائنسدانن هڪ طريقو تجويز ڪيو ته اُهي ٻوٽا جيڪي مُختلف دوائن طور ڪم اچن ٿا ۽ بيمارين تي اثر ڪن ٿا تِن کي چڪاسي ڏِسجي ته انهن ۾ اُهي ڪهڙا جُزا آهن جيڪي اهو ڪم ڏيکارين ٿا۔ انهي سان اهو ٿيندو جو هڪ دفعو انهي ڪيميڪل جي شڪل (جوڙ جڪ) جي خبر پئي ته بس پوءِ اُهو ليبارٽريز ۾ آساني سان تيار ڪري وٺبو۔ مثال طور هزارين سال اڳ ماڻهن کي جڏهن اڃان مُڪمل ساڃاهه به نه هئي تڏهن به هُنن Willow نالي ٻوٽي جون پاڙون چٻاڙيون ٿي ته کين بدن جو سور جهَڪو ٿي ٿيو۔ هزارين سال پوءِ سائنسدانن کي جڏهن سور ختم ڪرڻ لاءِ ڪيميڪل جي ضرورت پئي ته هُنن انهي ٻوٽي جي پاڙن کي چڪاسيو ته خبر پئي انهي ۾ Salicylic acid نالي هڪ ڪمپائونڊ آهي جيڪو سور ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو هو۔ اهو ئي ڪمپائونڊ اڄ جي مشهور ٽيبليٽ ايسپرين جو بنيادي جُزو آهي۔ پر هزارين سال اڳ جي ماڻهن کي اها خبر نه هئي ته رت ۾ موجود COX نالي هڪ انزائيم آهي جيڪو ڪنهن به سبب ڪري Prostagladin ٺاهي ٿو جنهن جي ڪري سور ٿئي ٿو ۽ اهو ڪيميڪل اهي انزائم کي اهو ڪرڻ کان روڪي ٿو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته ايسپرين جي گهڻي استعمال سان رت ڇِڊي ٿئي ٿي۔ سو انهي کي هڪ مخصص حد ۾ ئي وٺجي۔

قِصو ڪوتاهه ته ايئن سائنسدانن طِب ۾ اوائلي دؤر کان استعمال ٿيندڙ ٻوٽن جا ڪيميڪل جانچيا ته کين خبر پوڻ لڳي ته بجاءِ انهي جي جو ٻوٽا سِڌا سوان گهوٽي پياريا وڃن جِن ۾ ڪم سان گڏ نِڪمن جُزن ڪري نقصان به ٿي سگهي ٿو،،،،،، ڪم جا جُزا ڪڍي انهي جي ڊوز جي ڄاڻ وٺي پوءِ دوائون تيار ڪجن۔ اهو ئي سبب آهي ته حِڪمت جي دوا دير اثر ڪندي آهي جو ڪم جو جزو ٻوٽي ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ هوندو آهي جيڪو دير سان اثر ڪري ٿو۔ يا وري قدرت طرفان ٻوٽن جي پنهنجي دفاع لاءِ خلقيل ڪيميڪلز جسم کي نقصان به ڏيئي رهيا هوندا آهن۔۔ ۔ ۔ ۔ ۔حِڪمت جي ڪم ڪندڙن جو توڙي جو اختلاف آهي ته ٻوٽن مان ڪڍي شڪل ڏِسي اُهڙا ٺاهيل ڪيميڪل اوترا مؤثر ناهن جيترا هو ٻوٽي ۾ رهي ڪري هوندا آهن ۔ ۔ ۔ ۔ متان اهي حڪيم صحيح به هُجن پر وقت سان گڏ انسان جي ايوريج زندگي جا سال گهٽبا پيا وڃن۔ اهڙي ۾ حِڪمت سان ڪيل علاجن تي ويهي انتظار ڪرڻ وقت سان گڏ افورڊ ڪرڻ ڏُکيو آهي۔ نيٺ ماڻهو کي ايلوپيٿڪ (انگريزي دوائون) تي ڀاڙڻو ئي پوندو۔

هاڻي اچون ٿا ڪانڊيري تي۔ ڪانڊيرو هڪ اهڙو ٻوٽو آهي جنهن لاءِ هونئن ئي هڪ چوڻي آهي ته جتي وڻ ناهي اُتي ڪانڊيرو به درخت (وڻ) آهي۔ هِن ٻوٽي لاءِ اهو به مشهور آهي ته قران ۾ جيڪو من و سلوى جو ذِڪر آيو آهي سو به انهي ٻوٽي جي پاڻي مان نڪتو هو (والله علم)۔ بهرحال اهو آهي ته هِن ٻوٽي جو طِب ۾ استعمال رهيو آهي۔ سڀ کان پهرين هِن جو لکت ۾ سنڌي ٻولي جي مشحور طِبي ڪتاب فرهنگ جعفري ۾ ملي ٿو۔







هِن ٻوٽي تي هن کان اڳ انڊيا ۽ مصر جي سائنسدانن ٿورو گهڻو ڪم ڪيو هو پر جيڪي جُزا انهن هن ٻوٽي مان ڳولي ڪڍيا تِن جي افاديت بابت هُنن ڪو به ڪم نه ڪيو۔ مصر وارن وري اهو چيو ته هن ٻوٽي کي جيڪڏهن ڪُجهه مخصوص ڪيميڪلز ۾ ڳاري دوا تيار ڪجي ته اها ڊائريا ۾ فائدو ڏيندي۔ هُنن اهو تجربي سان ثابت به ڪيو ۽ ڪوئن تي تجربا ڪيا۔ پر ڪيميڪلز جي خبر نه پئي ته اُهي ڪهڙا جُزا آهن جن اهو ڪم ڪيو۔ انهي کان علاوه هن ٻوٽي جي گُلن جو بواسير ۾ علاج طور استعمال، پنن مان ڪڍيل تيل جو سنڌن جي سور ۾ علاج، پاڙن جو اعصابي ڪمزوري ۾ علاج لاءِ استعمال يا وري معدي جي السر ۾ استعمال ڪُجهه اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي هن ٻوٽي جي کوجنا تي آماده ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن۔

جڏهن آئون 2005ع ۾ ماسٽرس ڪري 2006ع ۾ ايم فِل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي آيس ته منهنجي محترم اُستاد ڊاڪٽر دادو خان بُڙدي ڪُجهه اهڙا ٻوٽا تجويز ڪري رکيا هئا جيڪي طِب ۾ استعمال ٿي چُڪا هئا پر انهن جي ڪيميڪلز جي ڪنهن کي ڄاڻ نه هئي۔ مون کي ڪانڊيري جي افاديت وڌيڪ ۽ انهي تي ٿيل ڪم جي گهٽتائي ڏِسي دلچسپي وڌي۔ ۽ ڪم شروع ڪيم۔ سائين دادو خان جي رٽائرمينٽ بعد اهو ڪم ۽ پي ايڇ ڊي هڪ ٻي ٽيچر پروفيسر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ وٽ ڪيم۔ انهي دؤران پي سي ايس آءِ آر ۾ نوڪري ملي وڃڻ ڪري اهو ڪم (پريڪٽيڪل) انهي ليب ۾ به ڪندو رهيس۔

انهي سڄي ڪم دؤران مون کي انهي ٻوٽي ۾ مختلف ننڍا ننڍا ڪيميڪل جُزا به هٿ آيا پر سڀ کان اهم هڪ نئون ڪمپائونڊ مليو جيڪو طبعي ماليڪيولز جي فلئوونائڊ فئملي سان تعلق رکي ٿو۔ انهي جي اسٽرڪچر به معلوم ڪيم۔ جڏهن اهو طبعي افاديت لاءِ جانچيو ويو ته خبر پئي السر جو سبب ٿيندڙ مشهور جُزي H. Pyllori کي پئدا ڪندڙ انزائم يوريئيز کي گهٽ ڪري ٿو۔ دراصل السر معدي جي ڦٽ کي چيو وڃي ٿو۔ جنهن لاءِ ڪُجهه دوائون ايئن آهن جيئن ڪنهن ڏار پيل ڀِت تي پلستر ڪري ڇڏجي ۽ فل حال اهو عيب لِڪي وڃي۔ پر انهي ڦٽ جي سبب ٿيندڙ اصل انزائم کي ختم ڪرڻ ئي اصل علاج آهي جيڪو انهي ڪمپائونڊ ڪيو ٿي۔ پر جيئن ته اهو استعمال ٿيڻ کان اڳ جانور تي چڪاس کان علاوه هڪ وڏي مرحلي مان گذرندو آهي۔ جنهن دؤران ڪڏهن انهي ۾ تبديليون ڪري وڌيڪ مؤثر يا سائيڊ افيڪٽ کان بچايو ويندو آهي يا وري اڳتي هلي اهو جُزو ڪِن سبب ڪري دوائن جي لسٽ ۾ نه به اچي سگهندو آهي۔ پر انهي جو اهو مطلب ناهي ته اهو ڪم فضول هو۔ ڪيئي دفعا سائنسدانن کي اندازو ٿيڻ به ڪافي هوندو آهي ته ڪهڙي قسم جا اسٽرڪچرس مؤثر ٿي سگهن ٿا۔ اهو ئي سبب آهي ته طِبي ٻوٽن مان ڪڍيل لکين ڪمپائونڊس مان ڪي پنج فيصد ئي وڃي دوا بڻجي سگهندا آهن ڇو ته جديد دؤر ۾ هر ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ٿو۔ ته ڪو سائيڊ افيڪٽ نه هُجي۔ وغيره وغيره۔ اهو سڄو ڪم وڏو وقت وٺي ٿو۔ ٻوٽي مان نڪتل ڪمپائونڊ جو دوا جي شڪل ۾ اچڻ گهٽ ۾ گهٽ پندرنه سال وٺي ٿو۔پر هر وڏي سفر جي شروعات پهرين وِک سان ٿئي ٿي ۽ ڪاميابي جو آّخري قدم اهميت رکي ٿو۔ پر وچ ۾ کنيل سوين قدمن جي به اوتري ئي اهميت آهي۔ ايئن ئي اسان جي ڪيل ڪم جهڙا لکين ڪم پسِ پرده رهجي وڃن ٿا جڏهن سالن پُڄاڻان انهن مان ڪُجهه ٺهي چُڪو هوندو آهي۔ ايئن جيئن هزارين فيلڊ ۾ ڪيل کوٽائي ۽ کوجنا کان پوءِ سون ته ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ئي وڃي ملندو آهي۔

ڪانڊيري مان انهي کان علاوه پاڙن مان هڪ ڪمپائونڊ مليو جنهن جي ڊپريشن ختم ڪرڻ ۾ افاديت معلوم ٿي۔ شايد اهو ئي اهو جُزو آهي جيڪو هن ٻوٽي کي اعصابي ڪمزورين جي بيمارين ۾ ورتل ماڻهن کي دوائن طور کارائي وڃڻ جو سبب ٿيو۔ (انهي ڪم جو پيٽينٽ اسان ڪراچي ۾ جمع ڪرايو ته جيئن حق ۽ واسطا محفوظ ڪري سگهجن)۔ هڪ ٻيو ڪمپائونڊ ليوپيول به مليو۔ اهو ڪانڊيري ۾ وافر مقدار ۾ هو۔ انهي جي به سور ختم ڪرڻ واري خاصيت معلوم ٿي۔ انهي کان علاوه فنگل انفيڪشن لاءِ ڪم ايندڙ جُزو به مليو۔ اهو سڄو ڪم اسان دنيا جي مختلف ناليوارن جرنلز ۾ ڇاپيو۔ مثال طور Journal of Molecular Structures, Helvetica Chimica ACta, Natural Product Research اهي جرنلز وڏي اهميت وارا آهن۔ ڇو ته اهي آرٽيڪل دنيا جي مڃيل سائنسدانن کي راءِ لاءِ موڪلين ٿا جيڪي مثبت راءِ ڏين تڏهن ئي ڇپجي سگهجندا آهن۔

انهي ڪم عيوض مون کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي۔ ڇو ته مون ڪانڊيري مان ٽي نوان طبعي ڪمپائونڊ ڳولي لڌا۔ انهي کان پوءِ هاڻي پوسٽ ڊاڪٽريٽ لاءِ تُرڪي ۾ آهيان۔ هتي وري ڪانڊيري تي هڪ نئون ڪم ڪرڻ جو رِٿيو آهي، انهي جا تفصيل وري ٻي ڀيري ڇو ته هي مضمون الاهي طويل ٿي ويو آهي۔

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔