جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday 27 March 2013

جي آر اي GRE ٽيسٽ ڇو ضروري آهي؟








جيئن ڪيترو به ڄاڻو ڊاڪٽر هُجي پر وقت گذرڻ سان گڏ هو ميڊيڪل ٽيسٽ رپورٽن تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿيندو ٿو وڃي تيئن اسان ڪيڏو به پڙهي لکي ۽ ڪيڏي به وڏي ڊگري وٺي وٺون پر ڪنهن اداري ۾ نوڪري توڙي اڳتي پڙهائي لاءِ هڪ دفعو وري ٽيسٽ جي مرحلي مان گُذرڻو پوي ٿو. اها ٽيسٽ ڪهڙي به نوعيت جي ٿي سگهي ۽ وقت سان گڏ انهي ۾ جدت به ايندي رهي ٿي. اهڙي ئي هڪ ٽيسٽ جو نالو آهي گريجوئيٽ رڪارڊ ايگزَمينيشن(GRE). . . . . جيئن ته نه نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو امتحان صرف گرئجوئيٽس لاءِ آهي پر ايئن ناهي ته انڊر گريجوئيٽ کي فل حال هن جي ڪا به خبر چار نه وٺڻ گهُرجي ۽ جڏهن جا مينهن تڏهن جا پاڻي واري ڪار ڪندي ويهي رهڻ گهرجي. بلڪه انڊر گرئيجوئيٽس کي به هن امتحان بابت مُڪمل ڄاڻ اڳواٽ رکڻ کپي ڇو ته هن امتحان جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اهميت جي ڪري اڳي پوءِ کين انهي کي منهن ڏيڻو ئي آهي ۽ جيڪي گرئيجوئيشن ڪري چُڪا آهن انهن کي ته هن امتحان جي تياري وٺڻ کپي.


اهو امتحان ڇو ٿيندو آهي ۽ انهي جي پاس ٿيڻ سان ڪهڙا فائدا آهن اهو لکڻ کان پهرين اها وضاحت ڪرڻ ضروري محسوس ٿئي ٿي ته هي امتحان ڪنهن به اسڪالرشپ يا داخلا لاءِ گارنٽي ناهي. نه وري هي امتحان پاس ڪري ٻاهرين مُلڪ پڙهڻ جو سرٽيفڪيٽ مليو وڃي. اهوا سوال ايئن ئي آهي جيئن ڪنهن جي جسم ۾ ڪو انفيڪشن آهي ۽ هو رت ٽيسٽ ڪرائي ۽ اها ڪُجهه بهتر اچي ته هو پُڇي ته ڇا آئون هاڻي ٺيڪ ٿي ويندس؟ ظاهر آهي ته نه. کيس مڪمل علاج ۽ ٻين ٽيسٽن وغيره جي به ضرورت پوندي. ايئن ئي هي امتحان به مختلف يونويرسٽيز ۾ داخلا يا اسڪالر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ اهليت لاءِ گهُربل شين مان هڪ آهي. بلڪه ڪافي ادارا ته جي آر اي سان گڏ ٽوفل يا آئلٽس به وٺن ٿا. (جيڪي اڃان به الڳ طريقي جا امتحان آهن صرف انگلش تي مبني). هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اڪثر نوجوان اهو ڇو ٿا سمجهن ته جي آر اي پاس ته معنى پئون ٻارنهن، داخلا ۽ اسڪالرشپ پڪي. . . . . اهو انهي ڪري ٿئي ٿو جو جيئن ڪنهن وقت ۾ تقريبن سڀني يونويرسٽيز، ايستائين جو ميڊيڪل ۾ به مقرر ٿيل سيٽون ڀرجي نه سگهنديون هيون ۽ اميدوار تمام گهٽ پرسنٽيج هوندي به داخلا وٺي ويندا هئا پر جيئن جيئن وقت گذريو ته رش وڌي ۽ رش وڌي ته معيار مقرر ٿيا. انٽرميڊيئيٽ جي گهٽ ۾ گهٽ پرسنٽ مقرر ٿي ۽ پوءِ ٽيسٽ ورتي وڃڻ لڳي. ۽ هاڻ ته ڳالهه الاءِ ڪٿي وڃي پُهتي آهي. ساڳي طرح جڏهن ڪُجهه ادارن جي آر اي کي داخلا يا اسڪالرشپ لاءِ هڪ شرط طور رکيو ته جيستائين اميدوار انهي کي سمجهن ۽ پاس ڪن ته مقابلو سهنجو لڳڻ لڳو. ۽ جيڪو اها ٽيسٽ پاس ڪري اهو ڪاميابي سان اسڪالر شپ حاصل ڪريو پئي ويو. پر جيئن پوءِ تيئن اميدوار وڌڻ لڳا ۽ هن امتحان ۾ به وڏا وڏا نمبر کني ايندڙ به پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيا.


هي ٽيسٽ ٻن طريقن جي ٿئي ٿي. هڪ سبجيڪٽ ٻيو جرنل. سبجيڪٽ ٽيسٽ ۾ انگلش کان سواءِ ٻيو سڄو سوالنامو مخصوص سبجيڪٽ ۾ هوندو آهي ۽ انهي ۾ سوال بنيادي به هُجن ٿا ته گرئيجويئشن ڪورس مان به ٿي سگهن ٿا. جرنل جي آر اي ۾ وري انگلش ۽ بنيادي رياضي هوندي آهي. هن وقت دنيا ۾ جيڪو ادارو بين الاقوامي بنياد تي اها ٽيسٽ وٺي ٿو انهي جو نالو آهيETS. اهو ادارو تقريبن سڀني اهم سبجيڪٽس جي ٽيسٽ منعقد ڪرائيندو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن سبجيڪٽ جي ٽيسٽ هو نه ٿو ڪرائي ته پوءِ انهي سبجيڪٽ جا شاگرد جرنل ٽيسٽ ۾ ويهي سگهن ٿا جنهن ۾ انٽرميڊيئيٽ ليول جي انگلش ۽ رياضي جا چار يا پنج آپشن تي مبني جوابن سان سوال هوندا آهن جنهن کي ملٽي پل چوائس قوئيسچن(MCQs) چيو ويندو آهي. انٽرنيشنل جي آر اي جي ٽيسٽ جي فيس 110 کان وٺي 210 ڊالر تائين هُجي ٿي. پاڪستان ۾ انهي جي فيس 150 کان 160ڊالرز جي وچ ۾ آهي. اها رقم مُلڪ جي بنياد تي هوندي آهي جنهن مُلڪ ۾ ٽيسٽ ڏِجي ٿي. نه ڪي اوهان ڪهڙي مُلڪ جا آهيو. مثال طور ڪو ڌاريون پاڪستان ۾ آيل آهي ته هوETS جي هتي موجود ٽيسٽ سينٽر تي ٽيسٽ ڏيئي سگهي ٿو ۽ کائنس هتان واري فيس ورتي ويندي ۽ ساڳي طرح ڪو پاڪستاني ڌارئين مُلڪ ۾ رهي ٿو ته کائنس انهي مُلڪ جي بنياد تي فيس ورتي ويندي.


ٽيسٽ ڏيڻ کان اڳ ٽيسٽ لاءِ تاريخ وٺڻي پوندي آهي. ETS هر مهيني مختلف ڏينهن تي جي آر اي جا امتحان منعقد ڪندو رهي ٿو. پنهنجي پسند جي تاريخ ۽ وقت ڏِسي آنلائين رجسٽريشن ڪرائبي آهي ۽ فيس به ڪريڊٽ ڪارڊ جي ذريعي آن لائين جمع ٿيندي آهي. ETS جا ڪافي ملڪن جي مختلف شهرن ۾ ٽيسٽ سينٽر آهن جيئن سنڌ لاءِ ڪراچي ۾ آهن جتي هو مڪمل ڪمپيوٽر بيسڊ ٽيسٽ وٺن ٿا. اڄڪلهه ته شايد ئي ڪو گرئجويئٽ هُجي جنهن کي ڪمپيوٽر جي بلڪل ڄاڻ نه هُجي پر پوءِ به هتي اها وضاحت ڪبي ته ٽيسٽ لاءِ ڪمپيوٽر ۾ ڀڙ هُجڻ ضروري ناهي بس مائوس سان ڪلڪ ڪرڻ ايندو هُجي اهو ڪافي آهي. جي آر اي سبجيڪٽ لاءِ ته انگلش ووڪيبلري ۽ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ عبور هُجڻ ئي ضمانت آهي اها ٽيسٽ پاس ڪرڻ جو. پر جيڪا جرنل جي آر آهي انهي لاءِ ته ٽيسٽ ڏيڻ کان پهرينETS جا پنهنجا ۽ ڪُجهه ٻين پبلشر جهڙو ڪرBarrons ياARCOS وغيره جا ڪتاب پڙهي سگهجن ٿا. پر پوءِ به هن ٽيسٽ ۾ اهڙا سوال هوندا آهن جيڪي ڪُجهه ڪتاب هڪ ٻه مهينا پڙهڻ سان پاس ڪرڻ کڻي ممڪن ته آهي پر بهتر اهو ٿيندو ته وڌ کان وڌ انگريزي نثر پڙهجي. ڊڪشنري جو استعمال ڪجي. انگريزي نثر جو مفهوم سمجهڻ جي مشق جيتري وڌيڪ هوندي اوترو فائدو پوندو. ڇو ته انهي سان هڪ ته لفظن جو ذخيرو وڌندو ۽ ساڳي يا مخالف معنى وارو سيڪشن سٺو ٿيندو ۽ ٻيو سڀ کان اهم سيڪش، ڏِنل نثري ٽُڪري کي سمجهي انهي مان ئي پُڇيل سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ مدد ملندي. ۽ ٻي آهي رياضي جنهن جا به اوترا ئي مارڪس آهن جيترا انگلش جا (ميگزيمم مارڪس جو نمبر تبديل ٿيندو رهي ٿو) ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ٻنهي شعبن ۾ سوالن جا جواب ڏيئي جيڪڏهن اوهان مطمئن آهيو ته ٺيڪ نه ته اوهان انهي ڏينهن ڇڏي وري ٻي ڪا ڊيٽ وٺي ساڳي ٽيسٽ ۾ ويهي سگهو ٿا (ٽيسٽ نئين ۽ سوال مختلف هوندا) ۽ انهي لاءِ ڪُجهه پئسا به اضافي فيس طور ورتا ويندا. پر جيڪڏهن اوهان ٽيسٽ ڏيئي مطمئن آهيو ته پوءِ آخري دفعو پڪ وٺڻ تي به ها ڪرڻو هوندو ۽ ٻي لمحي اوهان جو رزلٽ اوهان جي سامهون هوندو. آفيشل رزلٽ ڪارڊ مهيني ٻن بعد پوسٽ ذريعي توڙي اي ميل ذريعي به اوهان کي موڪليو ويندو. انهي ٽيسٽ جي آخر ۾ پنج پنج مارڪس جا ٻه مضمون به لکڻا هُجن ٿا. پهريون مضمون ته ڪنهن عام موضوع تي لکڻو هوندو آهي پر جيڪو ٻيو هوندو آهي انهي ۾ هٿ وٺي اهڙا موضوع ڏنا ويندا آهن جنهن تي ڪا هڪ راِءِ ڏيڻ مشڪل هُجي. ۽ پوءِ اهو اوهان تي آهي ته انهي جي حق يا مخالفت ۾ ڪيترا مضبوط دلائل پيش ڪيو ٿا. اصل ۾ انهي جو مقصد انگلش ڪمپوزيشن سان گڏ شخصيت ۽ انهي جي خيالن جو انداز جانچڻ به مقصد هوندو آهي. اهي مضمون چيڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳڻ ڪري ئي رزلٽ ڪارڊ اچڻ ۾ ٽائيم لڳي ٿو نه ته باقي سيڪشن جو نتيجو ته ٽيسٽ سينٽر ڇڏڻ کان اڳ ئي معلوم ٿيو وڃي.


هن مُلڪ ۾ جي آر اي ٽيسٽ ڏيندڙ صرف ٻاهرين مُلڪ ۾ داخلا يا اسڪالرشپ وٺڻ لاءِ ٽيسٽ ڏيندا آهن. هي ٽيسٽ پاس ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود ٻاهرين مُلڪن جا ادار به چون ٿا مثال طور آمريڪا جو ادار فُل برائيٽ جيڪو هتان جي نوجوانن کي آمريڪا پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏي ٿو. پر هي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارو لفظ هاڻي ختم ئي ٿيندو ٿو وڃي. ڇو ته هن ٽيسٽ ۾ وڌ کان وڌ اسڪور اچڻ سُٺو ضرور آهي پر ضروري ناهي ته پاسنگ اسڪور هُجي. بلڪل ايئن جيئن هتي جي ئي ڪنهن يونيورسٽي پاران ورتل ٽيسٽ ۾ ڪو انٽر پاس ڪيترا به مارڪس کڻي پر جيڪڏهن کائنس ڪنهن ٻي شاگرد جا مارڪس وڌيڪ آهن يا هُن جي انٽر جي پرسنٽ وڌيڪ سُٺي آهي ته هو ئي ڪامياب ٿيندو ايئن ئي جي آر اي جو به حساب آهي. بس ڪوشش اها هُجي ته وڌ کان وڌ اسڪور ڪجي. ها اهو ضرور آهي جو پاڪستان جي ڪُجهه يونويرسٽيز جي رسرچ سينٽرز اهو لازمي قرار ڏنو آهي ته جيڪي شاگرد پي ايڇ ڊي ڪن ٿا اُهي بين الاقوامي جي آر اي ۾ سٺ سيڪڙو مارڪس ضرور کڻن نه تي ٻي صورت ۾ هو پي ايڇ ڊي نه ڪري سگهندا. جيئن ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪئمسٽري جو مشهور ادارو ايڇ اي جي.


اها ته ٿي بين الاقوامي جي آر اِي پر پاڪستان ۾ به تعليمي ٽيسٽنگ ۾ وڏو نالو رکندڙ ادارو نيشنل ٽيسٽنگ سروسNTS به هڪ اهڙي ٽيسٽ جرنل اسيسمينٽ ٽيسٽ(GAT)جي نالي سان وٺي ٿو. انهي جي فيس تمام گهٽ، تقريبن هزار کن لڳي ٿي. انهي ۾ به جرنل توڙي سبجيڪٽ ٻئي ٽيسٽ ٿين ٿيون. ساڳي طرح سبجيڪٽ ٽيسٽ ۾ صرف انهي سبجيڪٽ ٽيسٽ جا سوال ۽ ويهه فيصد کن حضو انگلش جي بنيادي گرامر وغيره يا هم معنى لفظن جي سوال تي مبني هوندو آهي. ۽ جيڪا جرنل آهي انهي ۾ انگلش، رياضي ۽ ذهني آزمائش جا ڪُجهه سوال آهن. ذهني آزمائش وارا سوال نون ماڻهن کي ته فضول ۽ بي معنى لڳندا آهن پر انهن جي به پنهنجي اهميت آهي. ڪنهن وقت ۾ هڪ مُلڪ جي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تمام تيز دماغ ماڻهن جي گهُرج هئي ۽ ايترو وقت نه هو ته ڪو امتحان يا انٽرويو ڪيو وڃي. انهن اهو تجربو ڪيو جو ذهن کي ولوڙيندڙ اهڙا سوال تيار ڪيا جيڪي سوچڻ سمجهڻ تي ته مجبور ڪن پر بخيل ڪري وجهن. ۽ نتيجو بهترين مليو. اهڙن سوالن جا ڪاميابي سان جواب ڏيندڙ کنيا ويا ۽ انهن ڪم به ڪري ڏيکاريو. ڇو ته پاس به رڳو اُهي ٿيا جيڪي ذهني دٻاءُ ۽ بيزاري هوندي به پنهنجو ڪم ڪري سگهن. تنهنڪري اهو سيڪشن به گهڻي مشق ۽ صبر تحمل گهُري ٿو. اين ٽي ايس جو پنهنجو گائيڊ بُڪ ئي بهترين آهي انهي سيڪشن کي سمجهڻ لاءِ. باقي رياضي ۽ انگلش جيتري ۽ جتان به پڙهجي سا ٿوري آهي. هن ٽيسٽ جي اهميت اها آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جون تقريبن سڀ اسڪالرشپ انهي ٽيسٽ سان مشروط آهن. مطلب ته اها بنيادي گهُرج آهي. پاڪستان جي ساک رکندڙ يونيورسٽيز ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ اها شرط آهي ته هي ٽيسٽ گهٽ ۾ گهٽ سٺ پرسنٽ سان پاس ڪيل هُجي.


پر اهو ياد رکجي ته اهي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ اوهان آڏو اهو طئي هُجڻ کپي ته اوهان ڪنهن اهڙي اداري ۾ داخلا لاءِ يا اسڪالرشپ جا اُميدوار آهيو جنهن ۾ جي آر اي يا جي اي ٽي جي گهُرج آهي ۽ انهي ۾ ٻه سال کان گهٽ عرصو لڳندو. ڇو ته اين ٽي ايس پاران ورتل ٽيسٽ جي نتيجي جو مُدو ٻه سال آهي. ٻه سال تائين اوهان کي اها ٽيسٽ ڪم نه آئي ته اها ٽيسٽ ٻيهر ڏيڻي پوندي. جڏهن ته بين الاقوامي ٽيسٽ جيڪاETS وٺي ٿو انهي جو مُدو پنج سال آهي.


مسقتبل قريب ۾ وڌندڙ آبادي، محدود ٿيندڙ وسيلن ۽ موقعن کي ڏسندي اهو خدشو قطعي طور تي غلط ناهي ته چٽا ڀيٽي ۽ مقابلي جو زور وڌڻو آهي. ڪنهن به طريقي (ٿورو پڙهي يا ڪاپي ڪري) کڻي ٻه چار ڊگريون هٿ ۾ اچي به وڃن پر جڏهن ڳالهه پاڻ مڃائڻ جي ايندي ته ڪو نه ڪو پئمانو طئي هوندو اڇا ڪار پڌرا ڪرڻ لاءِ. ۽ هن وقت اعلى تعليم سٺي ۽ آسودي مستقبل جي ضمانت آهي. ۽ انهي لاءِ جي آر اي ٽيسٽ انتهائي ضروري ۽ اهم آهي. سو وقت سر انهي جو الڪو ۽ سانباهو ڪرڻ عقلمندي هوندي





هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

1 تبصرا:

  1. آئون اوھان جي ڳالھ سان سھمت آھيان....... پر ان ڪم لاء ادارا بھ اھڙا ھجن جن تي اعتبار بھ ڪري سگھجي..... جي آر اي لاء اين تي ايس تي گهڻن کي اعتبار ڪونھي.......

    ReplyDelete

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔