جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Wednesday 15 May 2013

رشتن ناتن بابت چيني سيلز گرل جا دليل (اڻ ڇپيل سفرنامي تان)

نوٽ: هي منهنجي ڪوالالمپور (ملائيشيا) جي اڻ ڇپيل سفرنامي جو هڪ اقتباس آهي.


ڪانفرنس پوري ٿيڻ واري ڏينهن شام جو سج لٿي کان پوءِ آرام ڪري فريش هئس سو ڪوالالمپور (ملائيشيا جي راڄڌاني) جي بڪت بنتانگ واري علائقي جو پيرين پنڌ ڦيرو ڪرڻ جو سوچي نڪتس. هوٽل کان نڪرندي ئي ٻنهي پاسي ڪجهه کاڌي جا ريسٽورينٽس، مني ايڪسچئنجر، سپر اسٽورس ۽ گهڻا تڻا وري مساج گهر هئا. هڪ لحاظ کان اهو علائقو کڻي رونق وارو هو پر هن ۾ پنڌ هلڻ وارن لاءِ اهو عذاب هو ته اوهان کي هر چند قدم کان پوءِ ڌپ واري ميڪ اپ ٿڦيل ۽ مني اسڪرٽس پهريلڇوڪريون مالش جي دعوت پيون ڏينديون ۽ “نو سوري” چئي چئي ٿڪي پوڻ کان پوءِ ڪو ٻيو لفظ چيو ناهي ته پڪڙي بيهه رهنديون. ڀلي اُهو لفظ سمجهه ۾ نه به اچين ته انهي کي ايئن وٺنديون ته اوهان انهي ڪم لاءِ راضي آهيو رڳو هاڻي معاملو طئي ٿئي ته ڪيترا پئسا ۽ انهي ۾ ڪهڙي ڪهڙي سروس هوندي. سو هنن کان بچندي بچندي يا جان ڇڏائيندي بڪت بنتانگ جي نظارن جو مزو وٺڻو پئي ٿو. بڪت بنتانگ جي اصل رونق آهي به شام جو. الاءِ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچيو گڏ ٿين ۽ پوءِ هنن فوٽ پاٿن تي پيا واڪ ڪن. اهو ئي سبب هو جو ادي فوزيه جيڪي مون کي گهمڻ لائق ڄڳهون ٻڌايون هُيون انهن ۾ بڪت بنتانگ واڪ به شامل هئي. رات جي وقت جڏهن ٿڌيون هوائون هجن ۽ انهي علائقي جا رنگ ۽ روشنين جو سنگم هجي ته هتي واڪ ڪرڻ واقعي به هڪ دلڪش تصور آهي. ايئن پيرين پنڌ هلندو رهيس ۽ انهي دوران فيڊرل هوٽل، لوئِٽ پلازا (لئپ ٽاپ مارڪيٽ جيئن ڪراچي ۾ ٽيڪنو سٽي) ۽ ٽائيمز اسڪوائر (جيئن پاڻ وٽ پارڪ ٽاور يا ملينيم مال آهن) وغيره ڏسندو رهيس.



انهي دوران هڪ دڪان تي ويٺل هڪ چائنيز ڇوڪري کان گهڙين جا ريٽ پُڇڻ لڳس. هو به صفا موڙي هجڻ سبب واندي ويٺي هئي. سو ننڍو اسٽول ڪڍي ڏنائين. چئي ويهي آرام سان گهڙيون ڏس ۽ جيڪا پسند اچي وٺي وٺ. پر وٺجان ضرور آئون اسٽوڊنٽ آهيان ۽ تنهنجي مون کي فيور هُجڻ کپي. مون کي ڪوالالمپور آئي ٽيون ڏينهن هو ۽ هتي جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڪلچر کي جيترو ڏٺم ته ڪافي سوال هئا ذهن ۾.




”ڀلا گهڙي وٺان ته ڪجهه گهڙيون مون کي ڏيندين؟ ڪجهه معلومات وٺڻي اٿم. اوهان ملئي چائنيز جي باري ۾” ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. “اسان ملئي ئي آهيون. ۽ جي چائنيز ٿو چوين ته چائنيز ئي چئو اهو ڪهڙو نئون ٽرم ٿو استعمال ڪرين ملئي چائنيز جو.“




چيم ”اوهان آهيو ته کڻي ملئي باءِ نيشنلٽي پر اصليت ته چائينيز اٿو ته؟ نه ته ملئي ته اوهان کان رهڻي ڪهڻي، ثقافت ۽ مذهبن ۾ الڳ آهن“




چئي “ها اُهو ته آهي، خير تون پُڇي سگهين ٿو ۽ منهنجيون ڪافي گهڙيون تنهنجيون آهين جيستائين ڪو ٻيو ڪسٽمر آيو” مون کيس ڪافي دير کان ڏٺو پئي ته واندي ويٺي آهي. سو جلد ڪنهن ڪسٽمر جو ڪو چانس نه هو. ۽ سوچيم حال احوال وٺانس.




”سڀ کان پهرين ته اهو ٻڌاءِ اوهان چائنيز جو اهو ڪهڙو حساب آهي ته اوهان جي نوجوان ٽهي جي اڪثريت جلدي مائٽن کان الڳ ٿي ڪري ڇوڪرو ڇوڪري دوست ٿي وڃي الڳ ٿلڳ رهن ٿا. ۽ جوڙ مٽبا رهن ٿا. نيٺ وڃي شادي به پنهنجي منهن ڪيو. اهو سڀ ڇا آهي؟“




”بس اسان وٽ اها روايت آهي. هونئن ضروري به ناهي ته سڀ ايئن هجن. ڪيئي ته ملئي ماڻهن کان به وڌيڪ پرو فيملي سسٽم آهن. جيڪي ٻه ٻه ٽي پيڙهيون گڏ رهن ٿيون. پر اڪثريت ايئن آهي ته ڇوڪرو/ ڇوڪري جوان ٿيو ته مائٽ به اهو چاهيندا آهن ته وڃي پنهنجي گرل/ بواءِ فرينڊ ڳولي ۽ اسان تان بار لهي. ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ڪو بُرو ناهي.“




”پر ايئن ناهي ته انهي سان ڇُڙواڳي وڌي ٿي. ٽين ايج جي نا سمجهه ٻارن ۾ زندگي ٺاهڻ واري سمجهه نه هوندي آهي”




منهنجي سادگي تي کلندي چيائين “جي ايئن هجي ها ته پوءِ اسان جي قوم محنتي ڪيئن هجي ها. هي سڀ ايئن ئي ٽين ايج ۾ مائٽن پاران تڙيل اٿئي جن جي محنت جا گڻ اڄ دنيا ڳائي ٿي.“




ڳالهه ته واقعي صحيح هئس. ”ڀلا جيڪي گڏ رهن ٿا. سي يقينن ايئن ته نه رهندا هوندا. اوهان ڪنوارپ ته جَهٽ ۾ وڃايو ڇڏيو. ۽ پوءِ به الاءِ گهڻن کان ڦري ڦري هڪ ٻئي جي مٿي ۾ لڳو ٿا جنهن سان شادي ٿئي ٿي. ته ڇا اُهو دل سان قبول ڪري ٿي.؟“




”ڪنوارپ جو ڀوت گهٽ ۾ گهٽ اسان مٿي سوار ناهي. اها ڪا ايڏي وڏي شئي ناهي جنهن تي اڙي بيهجي. ۽ جسماني لاڳاپن شروع ڪرڻ تي انهي جو ختم ٿيڻ يقيني آهي. ۽ جسم کي پاڻي، کاڌي هوا جيان انهي شئي جي به ضرورت آهي. بلڪه اها چوٿين خوراڪ آهي. اها ته هڪ حقيقيت آهي. باقي قبولڻ جي ڳالهه آهي ته اهو مسئلو تڏهن ٿئي جڏهن هڪ ڌُر وِرجن هجي ۽ ٻي نه. جڏهن ٻئي هڪ جهڙا آهن ۽ ٻنهي کي اهو قبول آهي ته پوءِ بس.“




”پر آئون جنهن مذهب سان تعلق رکان ٿو انهي ۾ انهي شئي کان منع ته آهي سو آهي پر اخلاقي برائي به تصور ڪيو وڃي ٿو. سو مون لاءِ اهو سڀ اسٽرينج آهي“




”ها بلڪل صحيح ٿو چوين. ڪيئي مذهب انهي کان منع ڪن ٿا. اخلاقي طرح به ڪيئي ماڻهو انهي کي برو سمجهن ٿا. خود اسان ۾ به اهڙا آهن. جيڪي اهو ڪندي به انهي کي غلط چون ٿا. پر تون انهي کي اسٽرينج نه چئو. مثلا هندن ۾ عورت ٻي شادي نٿي ڪري سگهي. پر اوهان وٽ مرد هڪ زال هوندي به ٽي ٻيون ڪري سگهي ٿو. عورت وري جيترا مڙس مرن يا کيس طلاق ڏين اوتريون شاديون ڪري سگهي ٿي. ته ڇا پوءِ اسان يا هندو اوهان کي اسٽرينج چئون؟“ سندس دليل ۾ وزن ته هو. ۽ لڳو پئي ته ڇوڪري ڄاڻ به ڪافي رکي ٿي.




”ڀلا اوهان وٽ اهو به طئي هوندو آهي ته جنهن سان ٽين ايج ۾ رهو ٿا انهي سان شادي ناهي ڪرڻي. يا سري کان انهي سان پيار ئي نه هو.“




”طئي ته کڻي ناهي هوندو پر اصل ۾ هوندو يا وري چوجي ته ٿيندو ايئن ئي آهي. ڇو ته اسان کي نوجوان ٿيڻ کان پوءِ ڪو ساٿي کپندو آهي. جنهن سان گڏ رهي مائٽن تان بار لاهجي. گڏوگڏ پنهنجي جسم جي چوٿين خوراڪ جو به بندوبست ڪرڻو هوندو آهي ۽ پنهنجي ڪيريئر پلاننگ به. اها گهڻو ڪري گرئجوئيٽ اسٽڊيز جي شروعات هوندي آهي سو ڪمائڻو به هوندو آهي. جيئن مان هن وقت هي دڪان هلائي ڪمايان ٿي. منهنجو بواءِ فرينڊ به هڪ اسٽور تي ڪم ڪري ٿو. اسان هڪ ننڍي ڄڳهه ڪرائي تي ورتي آهي. اميد آهي ته گرئجوئيشن کان پوءِ پاڻ ڀرا ٿي وينداسين“




”پر شادي ڪنهن ٻي سان ئي ڪندؤ ۽ اوهان پاڻ هڪ ٻئي سان نه ڪندؤ؟“




”همممم! ضروري ناهي ته هڪٻئي سان ٿئي. ڏس هن وقت اسان کي هڪ ٻئي جي ضرورت آهي جيئن توکي ٻڌايم ته هر نوجوان کي هوندي آهي. پر شادي هڪ الڳ شئي آهي.“




”۽ پيار؟“ مون جهٽ ۾ پُڇيو.




”پيار اڃان به الڳ آهي. شروع ۾ هڪ ٻئي جو ساٿي بڻجڻ ته جيستائين ڪيريئر ٺهي، اهو هڪ الڳ معاملو آهي. پيار ٿيڻ هڪ ٻي شئي آهي. اهو عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. ۽ شادي وري ديرپا رشتو جُڙڻ جو ٻيو نالو آهي. جيڪا اڃان به الڳ شئي ٿي. هاڻي اهو سڀ ڪُجهه هڪ شخص سان ٿيڻ کڻي اڻ ٿيڻي ڳالهه ته ناهي پر پوءِ ڏکيو ضرور آهي.“




”چئبو ته اوهان ڪيرئير ٺاهڻ، پيرن تي بيهڻ ۽ پوءِ شادي ڪرڻ تي ته يقين رکو ٿا پر تيستائين مائٽن تي بار ٿيڻ، پنهنجي چوٿين خوراڪ تي سمجهوتو ڪري پاڻ کي سِڪائڻ تي يقين نه ٿا رکو.“




“ها ايئن چئي سگهين ٿو. ڀلا اوهان بابت به ٻڌائي نه؟”




چيم ”اسان جي توکي گهڻي قدر خبر آهي. بس اهو ته اسان مائٽن سان گڏ رهندي اڪثر ته انهن جي مرضي سان شادي ڪري ٻار ڄڻيندا آهيون ۽ اها ساڳي ڪار پنهنجن ٻارن سان به ڪيون ٿا.“




”ها اهو به صحيح آهي. اوهان جي انهي سسٽم سان اسان کڻي اختلاف رکون پر اوهان ۾ به محنتي پيا آهن. اوهان جي ملڪ جا ڊاڪٽر ته دنيا ۾ مشهور آهن. سو ڳالهه طور طريقن کان وڌيڪ ماڻهو تي پاڻ تي به آهي. ڪهڙي به سٺي ماحول ۾ پلجي به بيڪار فرد پئدا ٿيندا آهن ۽ هڪڙن خراب ماڻهن جي اثر هيٺ رهي به سٺا پئدا ٿيندا آهن”




“ٺيڪ آهي. وڏي مهرباني. تو هڪ گھڙي پئسن سان ۽ ڪافي گهڙيون مفت ۾ ڏيئي ٿورو ڪيو. هاڻي يقين اٿم ته هي گهڙي منهنجي گهر واري کي پسند ايندي.“




”شوئر شوئر! پنهنجي لاءِ به وٺو نه؟“




چيم ”پنهنجي لاءِ تنهنجيون ڏنل مفت جو گهڙيون ئي ڪافي آهن.” وڏو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ مون پاران سندس هئنگنگ بورڊ تان لاٿل ڪافي ساريون گهڙيون واپس پنهنجي ڄڳهن تي سجائڻ لڳي.“








هي ليک انفارميشن کاتي پاران ڇپجندڙ مئگزين ”پيغام“ ۾ به ڇپجي چُڪو آهي


















بُڪت بنتانگ جو اهو چوڪ جتي رهيس ۽ هي سڀ ڏِٺم

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔