جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday 19 February 2013

عورتون آخر مردن کان ڇا ٿيون چاهين ؟؟؟؟؟


[IMG]
[IMG]



خبر آئي ته ڪنهن مُلڪ ۾ اعلان ٿيو آهي، عورتن کي پنهنجي پسند جا ور چونڊڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ڪمپني پنج منزله دُڪان کوليو آهي. اعلان ڇا ٿيو ماين جا ڪٽڪ اچي لٿا. پر انهي دُڪان تان مرد خريد ڪرڻ لاءِ ڪُجهه شرط هئا. . . . . هر منزل تي هڪ خارجي رستو هوندو. هڪ منزل کان ٻي تي پُهچڻ کان پوءِ واپس هيٺين منزل تي اچڻ منع هوندي.


هڪ عورت وارو وٺي اندر اچي ٿي. پهرين منزل تي موجود مردن لاءِ هڪ وڏي نوٽس بورڊ تي لکيل آهي ته هن منزل تي جيڪي به مرد آهن سي زالن سان محبت ڪندڙ آهي. عورت سوچي ٿي ٺيڪ آهي پر وري به ڏسان سيڪنڊ فلور تي ڇا آهي؟ هو ٻي منزل تي پُهچي ٿي ته لکيل آهي هن منزل تي موجود مرد زالن سان محبت ڪندڙ ۽ بارن کي ڀائيندڙ آهن. عورت ڪُجهه مطمئن ٿئي ٿي پر تجسس کيس ٽين فلور تي وٺي ٿو وڃي. هتي لکيل پڙهي ٿي ته هتي موجود مرد زالن ۽ ٻارن کي ڀانئڻ سان گڏ عورتن سان گهر جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندڙ به آهن. هو خوش ته ٿئي ٿي پر پوءِ به چٿين فلور تي وڇڻ کان نه ٿي مُري. چوٿين فلور تي ڏسي ٿي ته لکيو پيو آهي هتي موجود مرد زالن ٻارن کي ڀائيندڙ ۽ گهر جي ڪمن ۾ زالن سان هٿ ونڊائيندڙ به آهن پر خوبصورت به ڏاڍا آهن. عورت جو تجسس پوءِ کيس نه ٿو ڇڏي ۽ هو پنجين فلور تي پُهچي ٿي. هتي ڏسي تي سندس وايون بتال ٿيو وڃن.


.


.


.


.


.


.


لکيل آهي اوهان جي هن فلور اچڻ کان پوءِ هتي اچڻ وارين عوتن جو تعداد هڪ پنجاسي هزار ڇهه سؤ تي پُهچي ويو. اوهان جي دلچسپي لاءِ مهرباني. خارجي دروازو سامهون آهي.










(اڻڄاڻ پاران مليل اي-ميل جي ٿورن سان)

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔