جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Tuesday 10 July 2012

ڪامريڊ شفيع جو حسنين مرزا لاءِ ٺهيل پينا فليڪس!

اسان جي ڳوٺ ملڪاڻي جو تعلق ضلعي بدين سان آهي ۽ ضلعي بدين جو وري پي پي پي سان اٽوٽ رشتو آهي. اسان جي يادگيري ۾ پي پي پي ٺهڻ کان پوءِ پي پي پي ضلعي بدين ۾ ڪڏهن به ناهي هارايو سواءِ 1991 ع ۾ هڪ اڌ سيٽ فنڪشنل ليگ ۽ 2002ع جي مشرف اليڪشن ۾ ق ليگ جي پپو شاهه جي کٽي وڃڻ جي. خير اهو ته هڪ الڳ موضوع آهي ته پي پي لاءِ انهن گرانٽيڊ تڪن جي بدلي عوام ڪيترو ڀوڳيو آهي. پر هتي ڳالهه ڪبي هڪ ڪامريڊ جي. پي پي جي ساک جيئن ته عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي هلندي اچي ۽ اڄ به انهي ڪري ئي آهي. سو ڀٽي صاحب جي دور کان ڪجهه پي پي جا ڪامريڊ اهڙا به آهن جيڪي اڃان تائين پي پي سان ساٿ نڀائيندا اچن. ۽ منجهن سادگي به اُها ئي آهي جيڪي ڀٽي دور ۾ هئي. اهڙن ئي ڪامريڊن مان هڪ ڪامريڊ شفيع به آهي جيڪو اسان جي ڳوٺ ملڪاڻي (نزد سمن سرڪار) ۾ رهي ٿو. هن ويچاري کي وريو سريو کڻي ڪجهه ناهي پر سچ ٻول اهڙو جو پي پي پاران پپو شاهه کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ محترمه طرفان نامزد ڪيل ڊاڪٽر ذوالفقار جهڙي کاري ماڻهو کي به منهن تي چئي ڏيندو ته “سائين اسان تساڏي نعري ما مار مر ڳيوسي پر تُسان اساان لاءِ ڪک ڀن ٻيڻا نه ڪِتا”. همراهه سنڌي تمام گهٽ ڳالهائي. اردو سان صفا نه لڳي. اردو کي ته انگريزي ٻولي چوندو آهي. ڪير به هُجي سرائڪي ڳالهائبي. پي پي سان شڪوه شڪايتون جام پر چئي ٿو ذوالفقار ڀٽي جا ڪيل ٿورا ايترا آهن جو هي اسان کي کڻي ڪيترو به ذليل ڪن پر هُن جا ٿورا نه لهندا. هن جي وفاداري مشرف دور واري اليڪشن ۾ به ساڳي هئي ۽ وچ ۾ ٿيل ٻه بلدياتي اليڪشن ۾ به همراهه مار کائي به پولنگس سنڀاليون ۽ مخالفن لاءِ مٿي جو سور بڻيو هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پي پي قيادت پاڻ به سگهارا اميدوار آڻڻ بجاءِ ميدان خالي نه ڇڏڻ واري پاليسي اپنائي هئي.
شفيع کي اليڪشن ڏاڍي وڻندي آهي ڇو ته هو چئي ٿو اليڪشن ۾ ئي ته اهي ڀوتار اسان جي ٻُڌن ٿا. جيڪو چوڻو آهي چئي دل جي باهه ڪڍي سگهجي ٿي. ۽ شفيع جا ڀاڳ کُليا جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، اڃان تائين سمجهه ۾ نه ايندڙ وجوهات جي بنياد تي ڀنڀور کي باهه ڏيئي استعفا ڏني ۽ غائب ٿي ويو. پي پي وارن انهي سيٽ کي کيس ئي واپس ڪرڻ لاءِ سندس پُٽ کي ٽڪيٽ ڏني. هاڻي شفيع جيڪو ڊاڪٽر ذوالفقار لاءِ به مٿي جو سور هجي تنهن لاءِ انهي جو پٽ حسنين مرزا ته ڪو مسئلو ئي نه هو. حسنين جڏهن ورڪ ڪرڻ ملڪاڻي اچي ته هي سنبريو ويٺو هجي شڪايتن لاءِ. پر شفيع سان انهي سڄي اليڪشن ڪئمپنگ ۾ جيڪا جُٺ ڪئي سان پاڻ واري يار @يونس ملڪاڻي ڪئي. ها يونس جيڪو پنهنجي ٻني باري سان گڏ پارٽ ٽائيم ۾ ڪمپيوٽر گرافڪس ۽ لاڳاپيل شين ۾ سروسز ڏيندڙ ملڪاڻي ۾ اڪيلو شخص آهي. تنهن وٽ سڀ پي پي ورڪر (جيڪي هاڻي ئي سڀاڻي جي ايم پي شپ جا خواب ڏسن ٿا) اچي وريا. ڪو ڪوٽ پائي فوٽو ڪڍرائي ته ڪو جواني جا فوٽو کنيو اچي چوي ته هن کي ٿورو رنگ روغن ڪري پپو ڪر ته اليڪشن لاءِ پينا فليڪس ٺهرايون.
انهي ديکا ديکي ۾ ڪامريڊ شفيع به سوچيو ته آئون پوئتي ڇو رهان. ٺهي سنڀري يونس وٽ پُهتو ۽ چئي
”يار ميڏا به ڪو پينا فليڪس ٺاهه. ۽ ڪجهه روب داٻ والا هووي.“
هاڻي يونس پريشان ته ڪامريڊ شفيع جنهن جي نالي ٻڌڻ سان ئي مزاح جي حس بيدار ٿيو پوي انهي لاءِ ڪهڙا رنگ ۽ ڪٿان آڻيان جو روب جو عنصر نمايان ٿئي. خير يونس ڪم شروع ڪيو. شفيع کي بيهاري ڊجيٽل ڪئميرا سان فوٽو ڪڍڻ لڳو. پر اهو شفيع ئي ڪهڙو جو مطمئن ٿئي. يونس ڪُل ملائي 23 فوٽو ڪڍيا پر شفيع چئي
”نه يار. پوڙهي ته کڻي ٿي پئي هيئون پر فوٽو وچ ته صفا چم پيا لڙڪدا هي. اوين نه ڪر يار ڪو سٺا فوٽو ڪڍ“




يونس ڇا ڪيو جو آس پاس بيٺل همراهن کي پنهنجي طريقي سان اشارو ڪري گهرايو ۽ سمجهايائين هن فوٽو جي تعريف ڪيو. هنن فوٽو ڏسي وٺي جو واکاڻ ڪئي ته شفيع پريشان ته مون کي پنهنجو فوٽو ڏِٺي نه ٿو پيو وڻي هي ڪيئن ٿا چون ته فوٽو اهڙو ڀلو آهي جهڙو پاڻ به ناهين. شفيع راضي ته ٿي ويو ته اهو فوٽو هلي ويندو پر ڪجهه ٽائيم وٺي گهران وڃي ٻه پراڻا فوٽو به کڻي آيو. هڪ جنهن ۾ اڃان شفيع کي مُڇون ئي نه آيون هيون (معني شفيع جي ٽين ايج) ۽ ٻيو شايد ٽوينٽي ايج جنهن ڳڀرو جوان ڪوٽ پايو ويٺو هو. هاڻي يونس کي ٽاسڪ اهو مليو ته اهي ٽيئي فوٽو به هڻ. حسنين لاءِ ڪو پيغام به لک ۽ پينا فليڪس هجي به روب وارو. شفيع جي کيسي طرفان کيس 2 باءِ 3 فوٽ کان مٿي جي پينا فليڪس ٺهرائڻ جي اجازت به نه هئي. ڇو ته شفيع وٽ سواءِ ٻه جريب زمين ڪجهه نياڻين ۽ پي پي لاءِ ڪامريڊي جي ڪجهه به ناهي.
يونس ڪم اسٽارٽ ڪيو. شفيع پهرين اهو اعتراض ڪيو ته اها زناني ڪير آهي؟ سندس اشارو فهميدا مرزا ڏانهن هو جيڪا اميدوار جي ماءُ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آهي. يونس ٻڌايس ته اميدوار جي ماءُ آهي. چئي ”يار ڏاها ٿي. آپڻي ياري مردان نال هي. زناني نال آپڻا ڪهڙا واسطا. انهي دا فوٽو ڪڍ ڇوڙ.“
هلو سائين فهميدا مرزا آئوٽ. هاڻي شفيع کي اعتراض خود حسنين تي. چوي “اهو ڪلهه دا ڇوڪرا! آپڻي ياري ڊاڪٽر نال هي. اهين ڇوري دا فوٽو به ڪڍ.” يونس چيس شفيع ماڻهو ٿي. اميدوار جو فوٽو به ڪڍي ڇڏيان ته باقي بچندو ڇا؟
”يار خرچ اسان ڪرون فوٽو ول مرزا دي پُٽ دا. نه بس ڪڍينس.“
هلو سائين اميدوار به آئوٽ. هاڻي همراهه جا پنهنجا ٽي فوٽو ۽ ۽ بينظير ۽ ذوالفقار ڀٽو جا فوٽو. چئي
”يار مرزا دا فوٽو به لڳا نه. متان ڪاوڙيج نه پووي“
يونس چيس يار ڄڳهه ئي ناهي بچي. هڪ ته پنهنجا هڪ نه ٻه، يڪا ٽي فوٽو لڳرايا اٿئي.
”ميڏي فوٽو نال هٿ چُراند ڪتئي ته ڪمپويٽر ڀنئين. خرچ ميڏا هي. فوٽو به ميڏي هوسن. هل ڀلا اووين ڪر محترمه ۽ وڏي ڀُٽي دا فوٽو ڪجهه ننڍا ڪر. اهي هُڻ ڪهڙا آڻ ڏيکسن. مرزا صاحب دي فوٽو لاءِ ڄڳهه ٺاهه. . . . .پر ها! ميڏي فوٽو ڪون ڪجهه نه ڪرين.“
هلو سائين يونس ڪمال ڪاريگري سان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو وڏو فوٽو به لڳايو. سائين شفيع جا به ٽيئي فوٽو ساڳي سائيز موجب رهيا. ۽ محترمه بينظير ۽ ذوالفقار ڀٽو جا فوٽو ننڍا ڪيا ويا جو هو مائينڊ نه ڪندا اها ته پڪ هئي پر جي شفيع مائينڊ ڪيو ته ويل ۾ پئجي وينداسين.
پينافليڪس ٻي ڏينهن پرنٽ ٿي آيو. شفيع آيو کڻڻ ته انهي مهل يونس پنهنجي زمينن ڏانهن ويل هُجي ڪنهن ڪم سان. يونس جي ڀاءَ باسط جڏهن شفيع کي پينا فليڪس ڏنو ته شفيع صفا مڇرجي پيو. باسط تڪڙ ۾ فون ڪري يونس کي گهُرايو ته شفيع کي پينا فليڪس تي ڪو شديد اختلاف ٿي پيو آهي. ۽ صفا مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. يونس مينهن واءُ ڪندو اچي پُهتو. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته شفيع جيڪو پنهنجو ٽين ايج وارو فوٽو وڏي چاهه سان لڳرايو هو انهي کي فوٽو شاپ ۾ ڪراپ ڪرڻ ۽ شفيع جي ئي ڊماند تي وڏو ڪري لڳائڻ تي انهي ۾ شفيع جا ڪن الاهي وڏا نظر اچڻ لڳا هئا. شايد پي سي جي ننڍي اسڪرين تي شفيع اهو محسوس نه ڪيو ۽ انهي مهل پينا فليڪس لاءِ اهو ڊرافٽ او ڪي ڪيو هيائين پر هاڻي کيس ڳالهه صفا نه وڻي. وري جو مٿي ڀت تي يونس جي ننڍڙن جا لڳل وڏا فوٽو ڏٺائين ته صفا آپي مان نڪري ويو.
”آپڻي چوهي (ڪوئي) جهڙي ڇوڪران دي فوٽو ته ڪيڏي ملوڪ ٺاهه لڳائي هن. ميڏي فوٽو نال حالت ڪتي هِوئي. يار پئسي ڏِتي هن. ڪو مفت وچ ته ڪونهي ٺهوايا. تباهه ڪر ڇوڙيئي.“
يونس به اچي فاٿو. چئي شفيع پئسا به کڻ. اهو پينا فليڪس به کڻ. چئين ته ٻيو ٺاهي ڏيان. پر گوڙ ڇڏ. ”پئسي ويسين دي ڳالهه نه ڪر. ۽ ايڏا ٽائيم به ڪونهي جو هُڻ ٻيا ٺهي. انهيدا ئي ڪو جُهڳاڙ ڪر. ۽ سيهڙ جهڙي جيڪي ميڏي ڪن ٺاهي هنئي اهي ننڍي ڪر.“
هاڻي ٺهيل پئنا فليڪس ۾ اهو ڪيئن ٿئي. نيٺ يونس جان ڇڏائڻ لاءِ سندس اهو ٽين ايج فوٽو اي_4 سائيز جي پيپر تي ڪلر پرنٽ ڪيو جنهن ۾ شفيع جا ڪن (جيڪي واقعي سيهڙ جهڙا آهن، فوٽو شاپ ۾ ڪجهه سيٽ ڪيا). شفيع وڃي کنئور وٺي آيو ۽ اهو فوٽو پينا فليڪس تي لڳرايو. پر ڳالهه اڃان به نه ٺهي. ڇو ته پينا فليڪس تي اڳ ڇپيل فوٽو جا ڪن هاڻي به ٻنهي پاسن کان ظاهر هئا. نيٺ شفيع وڃي بليڪ ڪلر مارڪر وٺي اچي اهي ڪن ڪاري بيڪ گرائونڊ سان مڪس ڪيا. ۽آخرڪار اهو پينا فليڪس حسنين مرزا جي ڪئيمپ تي لڳو.


ڪامريڊ شفيع تان ڀلي سڀ کلن پر رکي رکي جو چرچا هڻندو آهي ته اصل سڀ چُپ. مون کي به ڊپ آهي ته خدا نه ڪري جو هن ليک تي نظر پويس نه ته ملڪاڻي ۾ منهنجي انٽري بند ٿي ويندي. اصل اهڙو ويل ڪندو جهڙو گنجي سان ڪانگ. اوهان کي هي ليک وڻيو هجي ته بدلي ۾ اها دعا ضرور ڪجو ته ڪامريڊ شفيع هي ليک نه پڙهي
هي آهي اُهو پينا فليڪس جنهن اهو سڀ ڪيو
 .

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔