جلد هي ٽيمپليٽ سنڌ سلامت تي رليز ڪئي ويندي!

Ad 468 X 60

Friday, 30 March 2012

منهنجو ڳوٺ ملڪاڻي2011 واري ٻوڏ کان پوءِ

سيپٽمبر2011 جي اها رات مون کان ڪڏنهن به نه وسرندي جنهن رات سنڌ هڪ دفعو وري ٻڏي هئي هڪ مها ٻوڏ ۾ جڏنهن اڃان 2010 جي ٻوڏ جا سور ڇُٽا ئي نه هئا. ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ انهي ڏينهن شام جو عيد جون موڪلون پوريون ڪري پنهنجي فئملي وٺي بابا سان گڏجي پنهنجي ڪار ۾ سچل ڳوٺ پهتا هئاسين. سفر ۾ يونس به گڏ هو ۽ رستي ۾ جهڏو کان وٺي گولاڙچي تائين روڊ جي ٻنهي پاسي ڇوليون هڻندڙ پاڻي ڏسندا پئي آياساين ۽ هڪ خوف به ته هاڻي پاڻي خطري جي مٿين آخري حد کي ڇهي بيٺو آهي ۽ وڌيڪ برسات ڪنهن به صورت ۾ افورڊ نه پئي ٿي سگهي. پر انهي ڏينهن موسميات کاتي پاران برسات جي پيشنگوئي هئي. ۽ پوءِ انهي رات هيٺين سنڌ ۾ 22 ڪلاڪ لاڳيتو وسندڙ برسات ڄڻ سڀ ڪجهه ٻوڙي ڇڏيو. نه رهيا غريبن جا ڪکاوان گهر ته نه رهيا نه رهيا پچي راس ٿيل فصل. انهي رات ٿڪ ڪري شايد اسان کي ته هتي ننڊ اچي به وئي هئي پر تصور ئي ڀيانڪ ٿو لڳي انهن ماڻهن جي انهي گذريل رات جو جن اکين اڳيان پنهنجا ڪچا گهر ڊهندي ڏٺا ۽ رڳو پنهنجي ۽ ٻچن جي جان بچائي ڪنهن پرائي گهر يا سرڪاري عمارت ۾ پناهه ورتي. ٻي ڏينهن صبح اٿي جيڪي اطلاع ملڻ لڳا اهي ٻُڌي هانوءُ ٿي فاٽو. مون کي ياد آهي ته بابا انهي رات جي وارتا ٻڌي صبح روئي ڏنو هو. هڪ عجيب ڪيفيت هئي. ڪجهه ڏينهن ۾ بابا وارا ۽ ٻيون ڪجهه فئمليز هتي سچل ڳوٺ آيون. (هِتي دوست سليمان وساڻ “مئنيجنگ ايڊيٽر، سنڌ سلامت” جا سدا ڳائڻ جهڙا ٿورا ڳڻائڻ فرض ٿيئ ٿو جنهن جي ڪوشش سان ڏتڙيل ٻوڏ ستايلن لاءِ سچل ڳوٺ ۾ اجهو ٿي سگهيو. ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔انهي کان پوءِ پويان ٽي چار مهينا ڏکڻ سنڌ واسين لاءِ ڏاڍا ڪٺن گذريا. جيڪي پنهنجي گهرن (جن جا گهر سلامت هئا) رهيا تن لاءِ راشن ۽ چر پر جو مسئلو رهيو، جيڪي شهرن ڏانهن ويا تن لاءِ خرچ پکو ڏکيو ٿي ويو، جيڪي وڃي کلئي آسمان هيٺ يا امدادي تنبوئن ۾ رهيا تن کي سردي ستايو پر سئولو ڪو به نه هو. انهي وچ ۾ دل ڏاڍو چيو ته وڃي هُتان ٿي اچجي جتي دردن ۾ زندگيون پلن پيون. ۽ هڪ دفعو بدين شهر تائين وڃڻ به ٿيو ۽ فلاحِ انسانيت فائونڊيشن طرفان لڳايل ڪئمپ جو دورو به ڪيوسين ۽ 100 کن فيئمليز لاءِ اٽي اجهي جو جوڳو انتطام ڏسي دل کي آٿت ملي پر اها ڪاهلي چئبي جو اڳتي نه وڃي سگهياسين.
چوندا آهن ته وقت وڏي ۾ وڏو مرهم آهي. وڏا وڏا زخم وقت ڀريندو آهي. ۽ ڪجهه اهڙي هي زخم به آهستي آهستي ڀرجڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي رونقون بحال ٿين لڳيون. ۽ ٺيڪ ڇهن مهينن کان پوءِ هن سست سخص همت ٻڌي ته وڃي چڪر هڻي اچجي ته تازن ڇٽل فٽن کان پوءِ هاڻي پنهنجا علائقي واسي ڪيئن آهن؟ ۽ موقعو به ٺهي آيو جو پنهنجي اداري ۾ موڪل ڏينهن به منسٽر جي وزٽ سبب ڪيل ڊيوٽي عيوض ڪجهه موڪلون مليون ۽ اهڙي طرح 9 ڏينهن جو پروگرام ٺاهي ال آصف وايا حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ جهڏو 6 ڪلاڪن جو سفر ڪري وڃي پنهنجي ڳوٺ ملڪاڻي (نزد درگاهه سمن سرڪار) پهتس. اهو ڏسي خوشي ٿي ته پي پي دور جو هڪ وڏو ڪم تڪميل تي آهي. جي ها حيدرآباد ميرپورخاص روڊ ڊبل ٽريڪ تي ٺهي تقريبا مڪمل ٿي چڪو آهي. ..ڳوٺ ۾ گذاريل 9 ڏينهن ڪيئن گذريا ۽ ٻوڏ کان پوءِ جا حالات اوهان ڀائرن سان وند ڪرڻ تي دل چيو. ٿي سگهي انداز بيان نه وڻي پر شايد ڪجهه ڳالهيون اوهان جي پسند وٽان هجن.

ڳوٺ پهچي ڏٺم ته هر بچي ويل ديوار تي ٽي کان ڍار فوٽ اوچائي تائين يا ته پلستر اکريل هو يا وري هڪ نشان جنهن مان صاف ظاهر هو ته هتي هڪ وڏي وقت تائين پاڻي بيٺل رهيو آهي. پنهنجي گهر جو به ساڳيو حال هو. گهر ۾ پيل فرنيچر ته ڪڏهوڪو خراب ٿي اڇلائيجي به ويو هو. پر ٻيون ڪافي شيون جيڪي لڏپلاڻ وقت کڻڻ ممڪن نه هيون سي به خراب ٿي ويون هيون جهڙوڪ فرج وغيره. پر پوءِ به سڀني وقت هڪ مخصوص اطمنان هو. سڀ ڄڻ ته سراپاءِ شڪر هئا ته ڪجهه به نه ٿيو. هڪ امتحان هو جو گذري ويو. هي دنيوي نقصان ۽ فائدا آهن جن جا اثر عارضي آهن. وري به شڪر آهي ته ڪو وڏو جاني نقصان ناهي ٿيو. اهڙي اطمناني ڏسي آئون به مطمئن ٿيس ته هي هضرت انسان روزِ اول کان سختيون سهي سهي سخت ٿي ويو آهي. وڏي کان وڏو لوڏو به هن کي عارضي طور لوڏي ٿو بس رڳو جان جي امان هجي.

ٻي ڏينهن تي سوير اٿي ڳوٺ جي رويتن موجب ناشتو ڪيو. ڪجهه دير ۾ لسي تيار ٿي اها به پيتي
.
[IMG]

هن تصوير ۾ امان پوڙهي پاران ٺاهيل لسي جي مٽڪي آهي جيڪا منهنجي ننڍڙي فائقه به ولوڙڻ جي ڪوشش ڪري ڏٺي. منهنجي بيبي سچل ڳوٺ ۾ رهندي به ڳوٺ کي اسان جيترو ئي مس ڪندي آهي ۽ ڳوٺ پهچي اهو سڀ انجواءِ ڪندي آهي جيڪو ڳوٺانا ٻار ڪري سگهن ٿا. خاص ڪري اهي شيون وڌيڪ اٽريڪٽ ڪنديون اٿس جيڪي هتي ناهن. ان کان پوءِ يونس کي ڪال ڪيم ته اچ ته گڏجي ٻنين تي چڪر هڻي اچون. يونس صبح سوير پنهنجي بائيڪ کڻي پهتي ۽ ڪچن رستن تان لٽ ڌوڙ اڏائيندا ڳوٺ کان اڀرندي پاسي نڪتاسين پنهنجين زمين ڏي جيڪي ٽي کان چار مهينا ٽي چار فوٽ پاڻي بيهڻ کان پوءِ نومبر ۾ وڃي آجيون ٿيون هيون. ڳوٺ کان نڪرڻ تائين ڪو به گهر اهڙو نظر نه آيو جنهن لاءِ چوجي ته اهو ڪنهن نقصان کان آجو رهيو. جيڪڏنهن موجده گهرن کي ورهائجي ته ٽي ڪيٽيگريز ٿينديون. هڪ اهي جن کي ٿورو نقصان رسي ۽ سرندي وارن اهي ريپيئر ڪرائي ورتا، ٻيا اهي جن کي نقصان ته رسي پر وري به بچي ويا ۽ هاڻي به رهڻ لاءِ خطرناڪ ناهن، ٽيان اهي جيڪي مڪمل پٽ ٿي ويا ۽ انهن جا رهائشي اڃان به تنبو اڏي ويٺل آهن (اهڙن گهر وارن کي ڪجهه فلاحي ادارن طرفان هڪ ڪمري جو گهر ٺاهي ڏيڻ جو ڪم جاري آهي جنهن ۾ الهديٰ انٽرنيشنل سرِ فهرست آهي). زمينن تي پهچي گهڻو ڪري هڪ ئي فصل نظر آيو جيڪو هو توريو (سرنهن). پڇا ڪرڻ تي ڪڙمين ٻڌايو ته ٻوڏ کان پوءِ نه اسان وٽ ڪجهه بچيو نه زميندارن وٽ. سو زمينن ۾ پوک ڪرڻ لاءِ خرچ پکو نه هو. نه وري سيٺ به تعاون ڪري رهيا هئا (جيڪي عام ڏينهن ۾ فصل لاءِ خرچ ڏيندا آهن ۽ جنس وٽن پهچڻ تي اهو ڪٽي وٺندا آهن). سو سڀني فيصلو ڪيو ته سرنهن جو ٻج زمينن ۾ اڇليون ٿا پوءِ جيڪو نصيب. وڏي عرصي کان سڪي ٺوٺ ٿيل زمينن کي جو هيڪاندو پاڻي مليو ته ريج ٿي ويون ۽ توقعات کان گهڻو سٺو فصل ٿين لڳو
.

[IMG]


هي تصوير يونس ڪجهه وقت اڳ فيس بوڪ تي شيئر ڪئي هئي. ۽ هاڻي اهو فصل پچي راس ٿي چڪو هو. سرنهن جو فصل گهٽ خرچ ۾ تاير ٿيندر فصلن مان هڪ آهي. جڏنهن پچي تيار ٿئي ٿو ته سبح وقت (ساٽ يا ماڪ هوندي) لڻبو آهي ته جيئن تاير ٿيل ٻج سڪي ويل خول مان گهٽ کان گهٽ ڪِري. جيڪو ڏينهن جي وقت صفا سڪل هجڻ ڪري وڌيڪ ڪرڻ جو انديشو هجي ٿو. جڏنهن ته صبح هوا م نمي جي ڪري اهو خول ڪجهه نرم هجڻ ڪري آساني سان ٻه ٽڪر ناهي ٿيندو. هڪ دفعو ڪٽائي پوري ٿيئي ٿي ته سٿليون (ڀريون) گڏ ڪري هڪ جڳهه تي رکيون وڃن ٿيون. هاڻي ٻج خول ۽ ٻوٽي جي سڪي ويل هيٺين حصي کان الڳ ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته ٿريشر سان جيڪو ڪنڪ لاءِ به استعمالل ٿيئي ٿو يا وري ٽريڪٽر سان ڳاهڻ (چيڀاٽڻ). پر ڳوٺ ۾ سڀني ٻيو طريقو پئي استعمال ڪيو ڇو ته ٿريشر ڪڻڪ لاءِ ته ٺيڪ آهي جو ڪڻڪ جو داڻو تورئي جي داڻي کان وڏو ٿئي پر تورئي لاءِ ٿريشر منساب ناهي جو اهو داڻو گهڻو اڏاري ٿو. انهي ويسٽيج کان بچڻ لاءِ ٽريڪٽر سان ڳاهڻ کي ترجيح ڏني پئي وئي.
[IMG]

هي تصوير انهي عمل جي آهي. تورئي جو فصل ڪٽي هڪ هنڌ جمع ٿيل آهي جنهن کي ٽريڪٽر وسيلي چيڀاٽيو پيو وڃي. وچ وچ ۾ ڪڙمي اٿل پٿل به ڪندا رهن ٿا ته جيئن هيٺ رهجي ويل ٻوٽن ۾ داڻي تي وزن نه پئي ۽ اهو خول کان الڳ ٿيڻ کان رهجي وڃي. جڏنهن اڌ مني ڪلاڪ تائين ٽريڪٽر هليو تڏنهن ڪڙمين خالي خول ۽ ٻوٽا ميڙي الڳ ڪيا ۽ هيٺ گڏ ٿيل ٻج کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو جنهن کي بعد ۾ عام ڇاڻڻي سان ڇاني مٽي ۽ رهيل ڪکن کان الڳ ڪيو ويو
.
[IMG]


عام طور تي هي فصل هڪ ايڪڙ (يا تقريبا ٻه جريب) مان 10 کان 20 مڻ لهي ٿو. ۽ موجوده ريٽ 2 هزار کان ٻاويه سو آهي. مطلب ته ايڪڙ مان ٿوري خرچ سان 20 کان 40 هزار ڪمائي ٿيو وڃي. ۽ هن ٻوڏ کان پوءِ هي لهندڙ فصل ٻني پوکيندڙن لاءِ ڏاڍو سٺو رهيو آهي. اهو ڏينهن ڪڙمين جي انهي ڪم کي ڏسندي گذريو. جڏنهن ٿڪا ٿي ته ٻٻر جي ڇانوَ ۾ ويٺا ٿي جتي يونس جي ڀنيجي شعيب چانهه ٿي ٺاهي جيڪا سڀني گڏجي پئي پيتي ۽ سگريٽ جو ڪش هڻي وري ٿي ڪم تي لڳا. آئون ۽ يونس ڪڏنهن پنهنجن ته ڪڏنهن پروان جي زندگي جي چرخي تي ڳالهيون ڪندا رهياسين.

ٻي ڏينهن به بنين تي چڪر پئي هنيوسين ته خبر پئي ته ٺٽي جي سائيڊ جا شڪاري آيا آهن سوئر مارڻ. ڪجهه وقت پهرين به يونس ڳالهه ڪئي هئي ۽ ڪجهه فوٽو به فيس بوڪ تي شيئر ڪيا هئا ته ڪي شڪاري شوئر مارڻ آيا هئا. مون کي شروع کان انهن ماڻهن جو اهو شوق سمجهه ۾ ناهي آيو ته آخر هو اهو خفو ڇو ٿا ڪن. ڪجهه هندو قومن لاءِ ته ٻڌو آهي ته اهي شايد کل جي لالچ ۾ ( يا شايد گوشت به) شڪرا ڪن ٿا. پر خبر پئي ته هي مسلمان آهن. يونس کي چيم هلو هلي اهو کيل ڏسون به سهي ته هنن همراهن کان پڇون به سهي ته اوهان کي لاچار آهي ڇو سوئر مارڻ جي. جڏنهن کين ويجهو پهتاسين ته خبر پئي ته پريان بيٺل چار شهزور گاڏيون هنن جون آهن ۽ هي ڪو ٻه چار نه پر 100 کن شڪاري ڪتا ۽ اوترا ئي همراه وٺي هتي لٿل آهن. اسان کي ته صرف 4،5 ماڻهو ۽ هر هڪ وٽ هڪ ئي ڪتو نظر آيو. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ء5،6 ايڪڙن تي موجود جهنگ جي چوڌاري سندن فوج موجود آهي ۽ ايئن 4،5 ماڻهن ۽ ڪتن جا اهڙا ويهارو کن ٽولا آهن جن مان هڪ سان گڏ اسان ويٺا هئاسين. پاڻ پهرين فرصت ۾ ٻڌايائون ته اسان ڪجهه ڪتا اندر جهنگ ۾ به ڇڏيا آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪنهن سوئر تي حملو ڪري سگهن ٿا. ۽ زخمي سوئر ڪنهن باسي فرار ٿيڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته نقصان رسائي سگهي ٿو. بين لفظن ۾ هتي ويهڻو آهي ته پنهنجي رسڪ تي ويهو اسان جي ڪا به ذميواري ناهي. ٿورو ڊپ ته ٿيو پر يونس مون ۽ انهي وچ ۾ سنڌ سلامت ميمبر شاهجهان به پهتو، ٽنهي اتفاق ڪيو ته هي کيل انهي ائدوينچر ۾ ئي ڏسجي ته ڀلو آهي.
 
انهي وچ ۾ همراهن کان وقفي وقفي سان سوال ڪياسين. جن جو تت اهو نڪتو ته همراهه اهو ڪم شوق پلس ثواب سمجهي ڪن ٿا. ڇو ته اسان جي مذهب ۾ انهي جانور کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي. هڪ همراه ته اهو ٻه چيو ته اهو خدائي نطام آهي. اوهان وٽ سوئر پئدا ڪيا اٿس جيڪي اوهان جي جان لاءِ به خطرو آهن ته فصل لاءِ به. جڏنهن ته اسان وت اهي ناهن پر اهو شوق ڏنو اٿس. سو ڪٿان کان پنڌ ڪري پنهنجو خرچ ڪري اچيو ماريو وڃون. يونس بڌايو ته هن سيز م سوئر ٿين به جام ٿا. ۽ چون ٿا ته انهي جو نسل تيزي سان وڌندو آهي جڏنهن به موسم ايندي آهي. . ڪجهه دير کان پوءِ عجيب شور ٿيو. جيستائين اڳتي وڌياسين ته خبر پئي ته سوئر ننڍو هجڻ ڪري جهنگ مان ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ شڪاري ڪتن جهنگ اندر ئي چيري رکيس. اسان صرف رت هانا ڪتا ۽ شڪارين پاران مئل ۽ گهلي ٻاهر ڪڍيل سوئر ڏٺو۔

هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔